Thursday, September 16, 2021

ھٿ جي وڍي جو تنقيدي جائزو - نظير ملڪاڻي

ھٿ جي وڍي جو تنقيدي جائزو

(انجنيئر عبدالوهاب سهتو جي ڪھاڻي ڪتاب تي ناقدانه نظر)

نظير ملڪاڻي

 


انجنيئر عبدالوهاب سهتو جو نالو سنڌي ادب ۾ ڄاتل سڃاتل آھي. پاڻ نه رڳو ڪھاڻيڪار آھي، پر سنڌيءَ ۾ پھاڪن ۽ چوڻين تي به وڏو ڪم ڪيو اٿس، جيڪو معنيٰ ۽ تشريح سان ماھوار ”ڪينجھر: ۾ لاڳيتو اشاعت ھيٺ آيل آھي ۽ ان موضوع تي ڪتاب پڻ شايع ٿيل اٿس. سندس ڪھاڻين جو ھي ٽيون مجموعو آھي، جنھن ۾ ڪل چوڏھن ڪھاڻيون آھن. ھي مجموعو شايع ته ۱۹۹۹ع ۾ ٿيل آھي، پر مون کي ان جي ڪاپي، پياري دوست ناز سنائيءَ ھٿان ۲۰۰۳ع ۾ ملي. ڪھاڻيون پڙھڻ کان پوءِ انھن متعلق پنھنجا ويچار ونڊڻ لاءِ قلم کنيو اٿم. ھتي ھر ھڪ ڪھاڻيءَ جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:

 

ھر جاءِ ويٺو آ اُلو

ھن ڪھاڻيءَ جو نالو ھڪ اردو شعر جي مصرعه جو ترجمو آھي. اھو شعر ھن ريت آھي:

”ھر شاخ پي ھي اُلو بيٺا،

انجام گلستان ڪيا ھوگا!“

ترجمي ڪرڻ ۾ سھتي صاحب، اردو لفظ ”اُلو“ کي سنڌيءَ ۾ به جيئن جو تيئن رکيو آھي، جڏھن ته ’اُلو‘ کي سنڌيءَ ۾ ’چٻرو‘ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو عام مروج سنڌي لفظ آھي.

ڪھاڻيءَ ۾ ٻه مخصوص ڪردار آھن، جن مان ھڪ ڄڻو بس جو ڪلينر آھي ته ٻيو، انھيءَ بس جي ڇت تي سفر ڪندڙ پوليس جو سپاھي آھي. اھا لوڪل بس صبح جو سکر کان نڪتل آھي ۽ سندس آخري منزل حيدرآباد آھي. رستي ۾ سواريون کڻندي ۽ لاھيندي، جڏھن ڪنڊياري ٿي پھچي، ته ان وقت تعليمي ادارن ۾ موڪل جو وقت ھجڻ ڪري ڪاليجي شاگردن جو وڏو تعداد بس ۾ سوار ٿو ٿئي. شاگرد بس جي اندر، ڇت تي ۽ دروازن تي لڙڪندي، ھڪ ٻئي کي گاريون ڏيندي ۽ بس جي عملي کي دڙڪا ڏيندي، پنھنجي پنھنجي ڳوٺ پھچندا، بسن ۾ لھندا وڃن ٿا. جڏھن شاگردن جو رش گھٽجي ٿو ته ڪھاڻيءَ جو اھم ڪردار، بس جو ڪلينر پنھنجي ڊيوٽي ڇڏي، ڇت تي وڃي پوليس جي سپاھيءَ سان ڪچھري ٿو ڪري. سندن گفتگوءَ جو موضوع ڪاليجي شاگرد آھن. جن متعلق سپاھي چئي ٿو ته؛ ”بس سائين رنگيءَ جا رنگ آھن، الله جو شان آ جو ڪوري ٿيا آھن ڪلارڪ. نه ته ڇا ڄٽ، ڇا ڪاليج جي تعليم!!“

وري ڪلينر چئي ٿو: ”شاگرد سڄي ٽرانسپورٽ کي ميراث ٿا سمجھن. بابي کان مليل ميراث وانگر، انھيءَ جو به بيجا استعمال پيو ٿئي. ھاڻي تڪليف ۾ ڪير آھي؟! عام سواري يا توھان! سيٽون توھان کي نه مليون ۽ ليٽ به توھان ٿيئو!“

انھيءَ گفتگو دؤران ڪلينر، شاگرد مسئلي جي حل بابت سپاھيءَ کان سوال ٿو پڇي ۽ سپاھي نھايت دانشمنديءَ سان مسئلي جو ھيءُ حل ٿو ٻڌائي: ”بس انھيءَ جهيڙي جي پاڙ کي مورئون مُڇي ڇڏجي، ته چڱو ٿيندو. منھنجو مطلب آھي ته اھي ڪاليج شھر کان ٻاھر اصل نه ٺاھجن. ٻاھر ھئڻ جي ڪري، گاڏين ۾ چڙھڻ تي جهيڙا، ليٽ سيٽ ٿيڻ جي ڪري وٺ سٺ، اچڻ وڃڻ تي ھڪٻئي سان کؤنس، تعليم رھي تعليم جي ماڳ، ھتي ته اخلاق به ھليو ويو... ان جي ابتڙ جي ڪاليج وچ شھر ۾ ھجي ته شايد اھا گوھاندي نه ٿئي.“

اھڙيءَ ريت پوليس جو ھڪ سپاھي، جيڪو پاڻ به شايد ڪڏھن ڪاليج ۾ نه پڙهيو ھوندو، اھو ڪاليجي شاگردن جي اچڻ وڃڻ واري مسئلي جو حل اھو ٿو ٻڌائي ته ڪاليج شھر جي وچ ۾ ھجڻ تي اچ وڃ جو مسئلو پيدا ئي نه ٿيندو.

وڏن تعليمي ادارن کي شھرن کان پرڀرو ٺاھڻ جا ٻه سبب ھجن ٿا، ھڪ ته شھر کان ڪجھ مفاصلي تي ھئڻ ڪري، ادارو شھري سياست توڙي شھر جي ٻين سرگرمين جي منفي اثرن کان محفوظ رھي ٿو ۽ استاد توڙي شاگرد، پرسڪون تعليمي ماحول ۾ تدريسي عمل جاري رکي سگھندا آھن. ٻيو ته شھر کان ٻاھر ادارو قائم ڪرڻ جو ھڪ مقصد اھو به ھجي ٿو ته جيڪڏھن ڪنھن به وقت اداري جي عمارت ۾ توسيع ڪرڻي ھجي، ته ان لاءِ پلاٽ حاصل ڪرڻ جو مسئلو نه ھجي. ڇو ته اداري وٽ پنھنجو ئي وسيع پلاٽ موجود ھجي ٿو.

رھي ڳالھ ٽرانسپورٽ جي، ته ان جي ذميواري مجاز اختيارين تي آھي ته يونيورسٽين وانگر، ڪاليج به پنھنجي شاگردن کي ٽرانسپورٽ جي سھوليت فراھم ڪن ته جيئن انھن کي لوڪل گاڏين ۾ ڌڪا کائڻا نه پون.

ان بعد اھو سپاھي پنھنجيءَ ماھرانه گفتگو کي اڳتي وڌائيندي چوي ٿو ته:

”ٻين ملڪن، اسان کان وڌيڪ ترقي انھيءَ ڪري به ڪئي آھي ته انھن پھرين ڪاليج ٺاھيا، پوءِ چؤڌاري شھر ٻڌائون.“

اھو عجيب منطق آھي ته ڪاليج ڪنھن سڃيءَ جاءِ تي ٺھيو، ۽ پوءِ اتي ماڻھو اچي آباد ٿيا. ڪاليج يا ڪو به تعليمي، سماجي، مذھبي يا ٻيو ادارو، عام ماڻھن جي ڀلائيءَ ۽ سھوليت لاءِ ئي ٺھندو آھي. تنھن ڪري، ان جاءِ تي ٺھندو آھي، جتي انساني وسندي ھجي. باقي ماڻھن جي آباديءَ کان اڳ ڪنھن ويران جاءِ تي ڪاليج ٺھڻ واري ڳالھ ته بلڪل تعجب خيز ٿي لڳي.

سپاھيءَ ۽ ڪلينر جي انھيءَ گفتگو جي پڄاڻي تڏھن ٿي ٿئي، جڏھن سپاھي پنھنجيءَ منزل تي بس مان لھي ٿو وڃي، ۽ ڪلينر خودڪلامي ڪندي ان سموري پٽاڙ جو مطلب ھن ريت ٿو ڪڍي: ”جڏھن ھر جاءِ اُلو ويٺو آھي، ته پوءِ تون اڪيلي جهرڪي ڇا ڪندينءَ؟ تون فقط پنھنجو اُلو سڌو ڪندو ھل! ٻين کي ھڻ ڍنڍ ۾.“ يعني ھو سموري گفتگوءَ کي اجائي ۽ غير ضروري ٿو سمجھي.

ڪمزور پلاٽ ۽ ڪردار نگاري، ۽ محدود واقعات نگاريءَ سبب، ھيءَ ڪھاڻي گھٽ ۽ ڪالم ڪھاڻي وڌيڪ لڳي ٿي.

 

چونڊيندي چور

ھن ڪھاڻيءَ جو مکيه ڪردار ھڪ يارھن سالن جو ٻار آھي، جيڪو پرائمريءَ کان اڳتي تعليم حاصل نه ڪري سگھيو ۽ اسڪول ڇڏي ھارپو ٿو ڪري. اھو ٻالڪ تعليم حاصل نه ڪري سگھڻ جو ذميوار پنھنجي پرائمريءَ جي استادن کي ٿو ڄاڻائي، جيڪي پنھنجي پيشيوراڻي فرض ۾ ڪوتاھي ڪري، معصوم ٻارن جو مستقبل تباھ ٿا ڪن.

بدقسمتيءَ سان سنڌ جي ٻھراڙيءَ وارن علائقن جي اڪثر پرائمري اسڪولن جي اھا ئي حالت آھي، جيڪا ھن ڪھاڻيءَ ۾ بيان ڪئي ويئي آھي. ڪٿي ته وري قصو انھيءَ کان به چڙھيل آھي، ڇو ته ھتي وري به استادن کي اسڪول ۾ موجود ڄاڻايو ويو آھي، پر ٻھراڙين جا ڪيترا ئي اھڙا اسڪول آھن، جتي استاد اسڪولن ۾ وڃن ئي ڪو نه.

جيتوڻيڪ ڪھاڻيءَ جي موضوع ۾ ڪا نواڻ ته ڪانھي، پر اھو ھڪ اھم موضوع ضرور آھي، جيڪو قوم جي مستقبل سان لاڳاپيل آھي. بھتر پلاٽ ۽ جاندار مڪالمن جي ڪري ڪھاڻي سٺو تاثر ٿي ڇڏي، پر ليکڪ ان کي مناسب پڇاڙي نه ڏيئي سگھيو آھي.

ڪھاڻيءَ ۾ صفحي نمبر ۳۱ تي، ان جو مکيه ڪرادر، اڪبر نالي يارھن سالن جو ٻار چوي ٿو ته:

”مون کي مائٽن انگريزي اسڪول ۾ ويھاريو. اتي ته ھلي ئي نه سگھيس. گيسيون ڏئي، ڀڄي نڪتس. سڌو اچي ھارپ کي لڳم. ھن وقت تائين ڏھ ٻارنھن فصل کڻي چڪو آھيان.“

ٻار جي ڪل عمر آھي يارنھن سال، ۽ ھو پنج درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ ھاريپ ڪندي ڏھ ٻارنھن فصل کڻي چڪو آھي. سال ۾ ٻه فصل ٿيندا آھن، ۽ انھيءَ حساب سان ٻار کي ھاريپ ڪندي پنجن کان ڇھن سالن جو عرصو ٿي چڪو آھي. جيڪڏھن سندس عمر منجھان اھي پنج يا ڇھ سال ڪٽ ڪجن، ته ھن جي باقي عمر پنج يا ڇھ سال بيھي ٿي. پوءِ اھو ڪيئن ممڪن ٿي سگھي ٿو ته پنجن يا ڇھن سالن جو ٻار پنجون درجو پاس ڪري ويو، جڏھن ته پھرئين ڪلاس ۾ ٻار جي داخلا ئي پنجن سالن جي عمر ۾ ٿئي ٿي، ۽ ھو ڏھن کان يارھن سالن جي عمر تائين پنجون درجو پاس ڪري سگھندو آھي.

 

انصاف ڪٿي؟

ھيءَ ڪھاڻي ھڪ نڪمي رول ۽ ڦڏائي نوجوان سومر جي چؤگرد گهمي ٿي. ھو ڪو به ڪم ڌنڌو نه ٿو ڪري، باقي جهيڙي ڪرڻ لاءِ، يا ڪنھن ٻئي جي جهيڙي ۾ ٽپي پوڻ لاءِ ھر وقت تيار ھوندو آھي. پر سندس ھر جهيڙي جي پڄاڻي يڪ طرفي ٿئي ٿي، ڇو ته ھو ٻين کي ته ماري ڪٽي سڄائي ۽ رت مان ڳاڙهو ڪري ٿو ڇڏي، پر کيس ڪا وڏي مارڪُٽ نه ٿي ٿئي ۽ ھر جهيڙي جو فاتح ھو ئي ھوندو آھي. اھڙيءَ ريت سومر کي ڪھاڻيءَ ۾ فلمي ھيرو ڪري ڏيکاريو ويو آھي، جيڪو ھٿن ۾ سڀني کان ڏاڍو ھوندو آھي. البت جهيڙن جهٽن جي نتيجن ۾ سومر کي اڪثر جيل وڃڻو پوي ٿو، پر ھر دفعي سندس جيل ۾ رھڻ جو مدو ڇھ مھينا ھوندو آھي. جيل مان آزاديءَ کان پوءِ ھو وري به ساڳيا ڌنڌا شروع ڪندو آھي. ان سلسلي ۾ صفحي نمبر ۳۵ تي ھيٺينءَ ريت اظھار ٿيل آھي.

”نڌڻڪو ماڻهو به پوليس وارن لاءِ اٽي تي چٽي. پوليس موچڙا به ان کي ھڻندي آھي، جنھن کي موچڙن ھڻڻ سان، پئسن ملڻ جو آسرو ٿئيس، يا ته فريادي پئسا ڏيئي موچڙا ھڻائيندس يا موچڙن ملڻ سان- جيئن ٻيرن سان ٽنڊريل ٻير مان ڀتر لڳڻ تي ٻير ٽم ٽم ڪرندا آھن تيئن- نوٽ ڇڻن. ور نه ته ويٺو مڇون وٽي ۽ سمهي بئنچون ڀڃي. تيئن ھن مان به ڇھن مھينن کان پوءِ بيزار ٿي رسو کڻي ڪڍيائون.“

مٿينءَ پيرا مان اھو ٿو ظاھر ٿئي ته جهيڙي جي ڪيس ۾ پوليس سومر کي پڪڙي ٿي ۽ ڇھ مھينا پاڻ وٽ مھمان ڪري رھائڻ کان پوءِ ڇڏيو ڏي. نه ته ملزم کي مئجسٽريٽ اڳيان پيش ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪيس جو چالان ٺھيو، جڏھن ته ملڪي قانون موجب، گرفتار ملزم کي چوويھن ڪلاڪن اندر ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لازمي ھوندو آھي ۽ ڪنھن به سطح جي پوليس آفيسر کي اھو اختيار نه ھوندو آھي ته گرفتاريءَ کان پوءِ ملزم کي پاڻ وٽ مرضيءَ موجب قيد ڪري رکي ۽ جڏھن وڻيس ڇڏي ڏي.

ڪھاڻيءَ جو پلاٽ جاندار آھي. پر واقعات نگاري متاثر ڪندڙ نه آھي ۽ نه ئي ان کي مناسب پڇاڙي ڏنل آھي.

 

مکتي

 ھن ڪھاڻيءَ جي شروع ۾، اسان جي ننڍن وڏن شھرن وچ ۾ ھلندڙ لوڪل ٽرانسپورٽ جو حال بيان ٿيل آھي، جنھن ۾ سڪرنڊ کان سکر ويندڙ لوڪل بس، موري پھچي ڳچ دير تائين بيھي ٿي رھي. بس اسٽاپ تي بس جي بيھندي ئي گهورڙيا ۽ پينو فقير چڙهن ٿا، جيڪي مسافرن کي بيزار ڪندا ٿا رھن. بس جڏھن اڳتي ھلي ٿي ته ھڪڙي ٻھراڙيءَ جي اسٽاپ تي ٻه مسافر لھن ٿا ۽ ھڪ ڪچي رستي تي ھلڻ لڳن ٿا. ان موقعي تي ٻئي اڻ سڃاڻو مسافر ھڪٻئي سان تعارف ٿا ڪرائين، جنھن بعد کين خبر ٿي پوي ته ٻنھي جي منزل ساڳي آھي ۽ اتان کان ڪجھ مفاصلي تي ھڪڙي ڳوٺ وڃي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻو اٿن. منجهانئن ھڪڙو مولوي ۽ مفتي آھي ۽ ٻيو عام ماڻھو. رستي ھلندي ٻنھي ڄڻن وچ ۾ ھڪ پراڻي گٺل پيٺل موضوع تي اجايو بحث ٿو شروع ٿئي، جنھن جو مقصد ليکڪ ھيءُ ٿو ڄاڻائي ته: ”سفر کٽائڻ لاءِ اجايو سجايو موضوع ڇيڙيومانس.“

انھيءَ ڪِج بحثيءَ ۾ ھمراھ پنڌ کٽائي وڃي پنھنجيءَ منزل تي ٿا رسن. اُتي پھچن ٿا ته نماز جو وقت ٿو ٿئي ۽ ٻئي ڄڻا، ڳوٺ جي مسجد ۾ نماز ٿا پڙھن. اُھو مولوي صاحب نماز جي امامت ٿو ڪري.

ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي ھن طرح ٿي ٿئي ته نماز کان پوءِ مسجد ۾ ھڪ پيرسن ڳوٺاڻو مولوي صاحب کي ٻانھن کان جهلي چئي ٿو:

”مکتي صاحب! مون کي مسئلو ته سمجهاءِ!“ پر مولوي صاحب غرور ۽ تڪبر منجهان، ”ھا! ھا! تون مسئلو ٻڌائي!“ چوندي مسجد مان نڪريو وڃي.

حقيقت ۾ مختصر ڪھاڻيءَ جي گهاڙيٽي ۾ ايڏي ڊگهي بحث جي گنجائش نه ھوندي، ڇو ته ان سان نه رڳو ڪرادر نگاري غير دلچسپ ٿيو پوي، پر واقعات نگاري ۽ منظر نگاري به متاثر ٿي ٿئي. تنھن ڪري ھن قسم جي ڪھاڻيءَ کي مڪمل ڪھاڻي چوڻ بجاءِ، ڪالم ڪھاڻي چوڻ مناسب ٿو لڳي.

 

مستقبل جو ابو

 ھيءَ به ھڪ ڪالم ڪھاڻي آھي. جنھن جو موضوع اسان جي تعليمي نظام لاءِ ناسور بنيل ڪاپي ڪلچر آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ھاءِ اسڪول جي ھيڊ ماستر جو پٽ ٻارھين درجي جو امتحان ڏيئي رھيو آھي، جنھن کي رياضيءَ جي پيپر ۾ ڪاپي ڪرائڻ لاءِ وڏي منصوبه بندي ڪئي ٿي وڃي. ھڪ رياضيءَ جي ماھر کي ھيڊ ماستر جي آفيس ۾ ويھاري کانئس رياضيءَ جا سوال حل ڪرايا ٿا وڃن ۽ ٻيو ھمراھ اھي سوال امتحان ھال ۾ پھچائي ٿو. ويچارو شريف طبع ھيڊ ماستر صاحب، نه چاھيندي به اُن قسم جي صورتحال برداشت ٿو ڪري، پر جڏھن اميدوار پيپر ڏيئي ھيڊ ماستر جي آفيس ۾ ٿو اچي، ته خبر پوي ٿي ھمراھ صرف ھڪڙو سوال ڪري آيو آھي، جنھن تي سندس ھيڊ ماستر پيءُ، ڪاوڙ ۾ اچي نوجوان پٽ کي ٿڦڙ وھائي ٿو ڪڍي.

ڪھاڻيءَ ۾ امتحان دوران ڪاپي ڪرڻ ۽ ڪرائڻ توڙي ٻين ناجائز طريقن سان مارڪون وٺڻ جي چڱيءَ ريت اپٽار ٿيل آھي. جيڪا حقيقت تي ٻڌل آھي. بدانتظاميءَ ۽ بي ايمانيءَ اسان جي تعليمي سرشتي کي اڏوھيءَ وانگر کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي.

 

ديناداستي

ھن ڪھاڻيءَ جو پلاٽ ھڪڙي خواب تي ٻڌل آھي، جيڪو ڪھاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار، زيبل، جي جنسي فرسٽريشن کي ظاھر ٿو ڪري، ڇو ته خواب ۾ ھوءَ اھڙو ئي ڪجھ ڏسي ٿي.

ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا خواب ۾ به ماڻھوءَ جي سوچ ۽ سمجھ فعال ٿي سگهي ٿي؟ ھن ڪھاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار زيبل کي خواب ۾ به پنھنجي سؤٽ گلڻ سان شاديءَ نه ٿيڻ جا نه رڳو سبب ذھن ۾ اچن ٿا، پر ان سلسلي ۾ سندس والد ۽ گلڻ وچ ۾ ٿيل گفتگوءَ توڙي گلڻ ۽ ھڪ ٻئي نوجوان، ڏِني، وچ ۾ ٿيل گفتگو کي، ھوءَ نه رڳو خيالن ئي خيالن ۾ لفظ بلفظ ورجائي ٿي، پر انھن جي چيل ڳالھين جا مختلف پاسا غور ھيٺ آڻي، انھن متعلق پنھنجيءَ راءِ جو به اظھار ڪري ٿي. جيئن صفحي نمبر ۶۰ جي آخري پيرا ۾ چوي ٿي:

”ڪيڏو نه ظالم آھي بابو. اسان ٽنھي جي حال تي قياس ئي نٿو اچيس. ڇا خرابي آ گلڻ ۾؟ جھڙو تھڙو آھي مون لاءِ آھي. مون کي نباھڻو آھي ان سان. پاڻ ته ويٺو آھي قبر ۾ ٽنگون لڙڪايون. پوءِ نانگ ٿي ويھڻ مان ڇا ٿو وريس؟ اجايو گلڻ بتال ٿئي ۽ پريءَ کي شينھن ڪلھي چاڙھي، پنھنجو گهر سرھو ڪري ته پوءِ منھنجو ڇا ٿيندو؟!“

اھو سڀ، جيڪو مٿي بيان ڪيو ويو آھي، خواب ۾ ٿيڻ ناممڪن آھي، ڇو ته اھي سموريون ڳالھيون انسان جي شعور سان تعلق ٿيون رکن. جڏھن ته خواب جو تعلق انسان جي لاشعور سان ھوندو آھي. جنھن ۾ ماڻھوءَ جون اڻپوريون خواھشون ۽ ذھني مونجھارا دٻيل ھوندا آھن، جيڪي خواب جي صورت ۾ ظاھر ٿيندا آھن. ان ۾ ڪجھ ڏٺل وائٺل شڪليون ڏسڻ ۾ اينديون آھن ۽ ڪي آواز به محسوس ڪري سگهبا آھن.

ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ جڏھن زيبل رڙ ڪري خواب مان سجاڳ ٿي ٿئي ته ماڻس ڀر واريءَ کٽ تان اٿي وٽس پھچي ٿي. زيبل ماءُ کان پاڻي ٿي گهري ۽ ماءُ پاڻي ٿي پياريس. ان پاڻيءَ پيارڻ واري ڳالھ کي ليکڪ ھن ريت لکيو آھي:

’امان تڪڙ ۾ پاڻي ڀري آئي ۽ وٽو ڏيندي پڇڻ لڳي؛ ”امڙ! ڇا ڏٺئه خواب ۾؟“

”بس! امان اھو نه پڇ!“ پاڻيءَ جا ٻه ڍڪ ڀري کيس ورندي ڏنم. ”اڃ ڏاڍي لڳي ھئي.“ خالي گلاس ڏانھس موٽائيندي چيم.‘

جڏھن ماڻس پاڻي وٽي ۾ ڏنو ھئس ته پاڻ وري واپسيءَ ۾ خالي گلاس ڪيئن موٽايائين.

 

ڪتو به ان کي کائي

ھيءَ ڪالم ڪھاڻي، ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي تائين ريل گاڏيءَ ۾ سفر دؤران، ڪھاڻيءَ جي مکيه ڪردار ۽ پوليس جي سپاھيءَ جي وچ ۾، ۽ پوءِ واري ان مکيه ڪردار ۽ ٻن مسافرن وچ ۾ ٿيل بحث تي مشتمل آھي. بحث ھي آھي ته ڪھاڻيءَ جو اھو اھم ڪردار، ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ ريل گاڏيءَ جي ٽڪيٽ وٺي، اتفاق سان اھڙي بوگيءَ ۾ ٿو سوار ٿئي، جنھن ۾ سمورا مسافر بغير ٽڪيٽ سفر ڪرڻ وارا آھن، جن کان ٽڪيٽ عيوض پوليس وارو رعايتي اوڳاڙي ٿو ڪري. سڄي بحث جو اھو ئي موضوع آھي ته ٽڪيٽ وٺي سفر ڪجي يا پوليس وارن جي رعايتي سيل مان فائدو وٺجي. جڏھن ھمراھ کي محسوس ٿو ٿئي ته ھروڀرو ويٺا اجايو پاڻي ولوڙين، ته پاڻ سمھڻ جي تياري ڪندي ڀر واري مسافر کي چئي ٿو: ”اسان جي اجائي بحث سان، بحث ڊگهو ٿيندو ته نتيجو ڪجھ به نه نڪرندو. ان لاءِ بھتر آھي ته الله الله ڪري لت ڏئي سمھي پئون.“

ان طرح اھڙي بي مقصد بحث جو اختتام ٿو ٿئي، جنھن مان نه کڙ نه تيل نڪرڻو ھو.

 

ڀاڙ

ھيءَ به اصل ۾ ڪالم ڪھاڻي آھي، جنھن جي مکيه ڪرادر کي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو داخلا فارم، ضلع ھيڊ ڪوارٽر وڃي ڊي سي آفيس مان صحي ڪرائڻو ھوندو آھي. پر جڏھن ھو ڊي سي آفيس ٿو وڃي ته کيس اليڪشن آفيس مان ووٽ نمبر جو سرٽيفڪيٽ وٺي اچڻ لاءِ چيو ٿو وڃي. اليڪشن آفيس ۾ سرٽيفڪيٽ لاءِ کيس ھروڀرو ٻن ڏينھن کان پوءِ اچڻ جو چيو وڃي ٿو، جڏھن ته سندس دوست کي ڪجھ ڏوڪڙ پٽيوالي جي مُٺ ۾ ڏيڻ عيوض، ان ڏينھن ئي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ٿو وڃي.

حقيقت ۾ ھن ملڪ جي سرڪاري آفيسن ۾ اھڙي قسم جون ڳالهيون روزمره جو معمول آھن ۽ اسان مان ھر ھڪ کي، گهٽ يا وڌ، ان قسم جي صورتحال ضرور پيش آئي ھوندي. تنھن ڪري ھن ڪالم ڪھاڻيءَ ۾ نه ته ڪا نئين ڳالھ آھي ۽ نه ئي ڪا تعجب خيز صورتحال آھي. ان ڪري پڙھندڙ لاءِ ھن ۾ ڪا خاص دلچسپي پيدا نٿي ٿئي. انھيءَ موضوع تي اڳ به گهڻو ڪجھ لکجي چڪو آھي، پر ڳالھ اتي جو اتي بيٺي آھي. ڳالھ ۾ اڃا ٿوري گهڻي دلچسپي پيدا ٿي پوي ھا، جيڪڏھن ڄاڻايل مسئلي جو ڪو حل به تجويز ڪيو وڃي ھا. لڳي ٿو ته ليکڪ پاڻ سان پيش آيل واقعي کي ڪھاڻيءَ جو روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

 

جيئي پلمبر

ھيءَ ڪھاڻي نواب شاھ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي شروعاتي دؤر متعلق ٿي لڳي. ڪھاڻيءَ ۾ واقعات نگاري ۽ منظر نگاريءَ جو مرڪز يونيورسٽيءَ جي ھاسٽل آھي، جنھن جا ٻه بلاڪ مڪمل ھئا، جن ۾ شاگرد بغير الاٽمينٽ جي رھيا پيا ھئا. انھن ٻنھي بلاڪن ۾ سينيٽري فٽنگ جو ڪم ھلي رھيو ھو. اتي فيصل نالي ھڪ شاگرد ۽ ان جا ٻه دوست، ھڪڙي پلمبر نينگر کي زوريءَ جهلي بد فعليءَ جو نشانو ٿا بنائين. ٺيڪيدار جي ذريعي ڳالھ يونيورسٽي انتظاميه تائين ٿي پھچي. پر انتظاميه ٽنھي ڏوھاري شاگردن جي مائٽن کي گهرائي، ٺيڪيدار سان ڏيتي ليتي ڪرائي معاملو رفع دفع ڪريو ڇڏي ۽ شاگردن خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ٿئي.

اڳتي ھلي يونيورسٽيءَ پاران شاگردن وچ ۾ ھڪ تقريري مقابلو منعقد ڪيو ٿو وڃي، جنھن ۾ اھو ساڳيو شاگرد فيصل، ڏاڍي جذباتي انداز ۾ تقرير ٿو ڪري، جنھن تي تاڙيون ٿيون وڄن. پر سندس تقرير ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ، نعيم نالي ھڪ شاگرد، سندس غلطڪاريءَ واري واقعي متعلق ھال ۾ نعرو ٿو ھڻائي. جنھن تي فيصل کي مُرڳو تقرير ئي وسريو وڃي ۽ ڪي آڏا ابتا جملا ڳالھائي اسٽيج تان لھيو وڃي. انھيءَ بي عزتيءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ ٻئي ڏينھن صبح جو ھو لٺ کڻي نعيم سان، سندس ڪمري ۾ وڙھڻ ٿو وڃي ۽ ھن جي ڀڄڻ تي سندس پويان ٿو پوي.

ڪھاڻيءَ جو پلاٽ ته ايترو اثرائتو نه آھي، پر ڪردار نگاريءَ ۽ واقعات نگاري بھتر ٿيل آھي ۽ پڇاڙي به مناسب ڏنل آھي. ان ڪري ڪھاڻي دلچسپ لڳي ٿي. پر ھن تقريري مقابلي جو عنوان: ”عورت، مرد کان بھتر آھي يا مرد، عورت کان بھتر آھي.“ بلڪل نامناسب آھي. ڇو ته انسانن ۾ ڪنھن به لحاظ کان بھتريءَ جي ماڻ ۽ ماپي جو بنياد جنسي فرق نٿو ٿي سگهي. جيتوڻيڪ مرداڻي تسلط وارن سماجن (Male Dominated Societies) ۾ اڄ به عورت کي مرد کان ڪمتر سمجهيو ٿو وڃي. جيئن اسان جي سماج ۾ آھي، پر اھو جاھلاڻي دؤر جو سماجي قدر آھي، جيڪو موجوده دؤر جي تعليم يافته ۽ روشن خيال سماجن لاءِ ناقابل قبول آھي. تنھن ڪري يونيورسٽيءَ سطح جو علمي ادارو، اھڙي جاھلاڻي سماجي قدر واري موضوع کي ڪيئن ٿو شاگردن جي تقريري مقابلي جو موضوع بنائي سگهي؟

 

ھٿ جي وڍي

ھيءَ ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي آھي. جنھن جي شروعات ھيٺينءَ ريت ٿيل آھي:

’ڏھن ڏينھن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ، جڏھن سنگتياڻيءَ ڊوڙندي اچي ٻڌايس؛ ”تو وارو پٽ لڌو آھي!‘

ھتي مونجهارو ٿو پيدا ٿئي ته لفظ ’سنگتياڻي‘ ڪھڙي معنيٰ ۾ ڪم آندل آھي؟ ڇو ته سنڌ جي ٻھراڙين ۾ اھو لفظ عام طرح گرل فرينڊ (Girl Friend) جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آھي. جڏھن ته ھتي ھڪ عورت ’سنگتياڻيءَ‘ جي روپ ۾ ٻي عورت سان مخاطب آھي. جيڪڏھن ٻن عورتن جو پاڻ ۾ دوستيءَ وارو ناتو ھوندو آھي ته اھي ھڪ ٻئي جون سھيليون يا ساھيڙيون سڏبيون آھن، نه ڪي سنگتياڻيون.

اھا ’سنگتياڻيءَ‘ ڏھن ڏينھن کان گم ٿيل ٻارھن ورھين جي ٻار ’دلبر‘ متعلق ان جي ماءُ کي اچي ٻڌائي ٿي ته: ”تو وارو پٽ لڌو آھي!“ ظاھري ڳالھ آھي ته ڏھن ڏينھن کان گم ٿيل ٻار جا ماءُ ۽ پيءُ سخت پريشان ۽ صدمي ۾ ورتل ھوندا، ۽ جڏھن کين پٽ جي لڀجڻ جو اطلاع ٿو ملي ته ھو خوش به ضرور ٿيا ھوندا، پر ان سان گڏ کين ڳڻتي به ھوندي ته پٽ مليو ته آھي، پر خبر ناھي ڪھڙي حال ۾ آھي، چڱو ڀلو آھي يا بيمار آھي. ھوش ۾ آھي يا بيھوش آھي، جسم سالم آھيس يا زخمي آھي؟ تنھن ڪري پٽ ملڻ جي اطلاع تي ان ڏانھن ڊوڙندي، ضرور مٿي ڄاڻايل انديشا به سندن ذھنن ۾ ھوندا، ان ڪري في الحال ته ھو جلد کان جلد پٽ تائين پھچڻ لاءِ اتاولا ھوندا. پر ھتي بلڪل مختلف صورتحال ڄاڻائي ويئي آھي، جيڪا ھن ريت آھي:

”ٻئي زال مڙس، خوشيءَ ۾ نعرا هڻندا، جهمريون پائيندا، پنھنجي ٻارنھن سالن جي جوان، گم ٿيل پٽ کي وٺڻ لاءِ ڀڳا.“

نه رڳو ايترو پر سڄي ڳوٺ جا ماڻھو به ان بيوقوفيءَ ۾ شامل ٿي ٿا وڃن: ”سندن نعرن ۽ بغاغي تي، سڄي ڳوٺ جا ننڍڙا توڙي وڏا، خوشيءَ ۾ دلا ۽ ٿالهه وڄائيندا نڪتا.

اڳتي وڃي ڏٺائون ته دلبر نه ھو، پر ان جو لاش پيو ھو. ان طرح مليل لاش متعلق قتل جو گمان غالب ھوندو آھي. تنھن ڪري اھڙي سڃاتل يا اڻ سڃاتل لاش کي صرف پوليس ئي کڻائي ٿي سگهي. پوليس ان کي کڻائي سڌو اسپتال منتقل ڪرائيندي آھي، جتي پوسٽ مارٽم ٿيندو آھي، جيئن موت بابت ڄاڻ پئجي سگهي. ان بعد پوليس پنھنجي ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪري، پوءِ ئي لاش وارثن حوالي ڪندي آھي.

پر ھتي اھو ڄاڻايل آھي ته پوليس جي پھچڻ کان اڳ ئي ڳوٺاڻا لاش کڻي قبرستان کي ويجهو ٿا وڃي پھچن، ۽ پوءِ پوليس جي اچڻ تي کڻي اچي وڏيري جي اوطاق تي ٿا رکن. پوليس رڳو ڪجھ ماڻھن جا بيان وٺي، پنھنجي ڪاغذي ڪارروائي ڪري، وڏيري کان خرچي وٺي ھلي ٿي وڃي ۽ پوسٽ مارٽم جو ڪٿي ذڪر ئي ڪو نه ٿو ٿئي.

نينگر جو قاتل، وڏيري الھندي خان جو ڪمدار آچر ھو، جنھن سان دلبر ماءُ جا ناجائز لاڳاپا ھئا. پڙھندڙ کي ان ڳالھ جي خبر، نينگر جي قتل کان پوءِ، پھريون ڀيرو ڪمدار آچر ۽ دلبر ماءُ جي ملاقات مان پوي ٿي. اھو منظر ھن طرح بيان ٿيل آھي:

اونھاري جا آخري ڏينھن هيا. چنڊ جي مھيني جي به آخري هفتي جا پھريان ڏينھن هئا. رات جو وچون پھر هو. ڳوٺ جون گهٽيون سنسان ۽ گهرن جي مٿان چپڙا چپ ڇانيل هئي..“

ان ماٺار کي هڪ سينڍ جو آواز چيري چاڪ ڪري ويو. ٻين ۽ ٽين سينڍ، مٿان لڳي. جيستائين سينڍ جي گهربل موٽ نه ملي، تيستائين ته ان کي به وڄڻو هئو. ڌڱاڻي جي اڱڻ ۾ رکيل کٽن تان، هڪ پاڇولو نڪتو ۽ سنڀالي سنڀالي هلڻ شروع ڪيائين.

واضح ھجي ته رات جي وقت سنڌ جا ڳوٺ بلڪل خاموش ھوندا آھن ۽ سواءِ ڪتي جي ڀؤنڪ يا جيت جيتامن جي سنھن آوازن جي، ٻي ساري ماٺ ھوندي آھي. پنھنجي چوپائي مال جي حفاظت لاءِ ھر مالوند جي در تي ڪتو ضرور ھوندو آھي. جيڪو سڄي رات گهٽيءَ جي پھريداري ڪندو آھي. اھڙي ماحول ۾ سينڍ وڄائڻ جو مطلب ٿيندو ڪتن جي باھوڙ کي سڏ ڏيڻ، ۽ ان جي نتيجي ۾ سموري ڳوٺ جو سجاڳ ٿيڻ. تنھن ڪري ڪو به عاشق پنھنجيءَ محبوبه سان ملڻ لاءِ ھن قسم جو جوکو ڪنھن به صورت ۾ نه کڻندو.

ان کان اڳتي جو منظر به تعجب خيز آھي ته اھا ماءُ، جنھن جي ٻارھن سالن جي ڳڀروءَ جو بي رحمانه قتل ٿيو ھجي ۽ کيس قاتل جي به خبر ھجي، سا وري به پنھنجي انھيءَ قاتل عاشق جي سڏ تي وڃي ساڻس ڳالهائي ٿي ۽ ان درندي سان ڳالهائڻ ۾ به ھوءَ مزاحمت بدران، صرف ميار وارو انداز اختيار ڪري ٿي. ھوءَ کيس چئي ٿي:

تو کي ائين نه جڳائيندو هيو. جڏهن مان تو سان سچي هيس ته پوءِ تو اجايو پاڻ کي ظاهر ڪيو. دلبر ٻار هيو، اسان کان ڪيڏانھن وڃي ها. آتاري آتاري راضي ڪيونس ها...“

ان دؤران ڌڱاڻو، دلبر جو پيءُ، ماٺ ميٺ ۾ اچي، جوڻس جي پٺيان بيھي ٿو رھي ۽ ٻنھي جي وچ ۾ ٿيندڙ گفتگو ٻڌڻ لڳي ٿو. عجيب ڳالھ آھي ته لوڙهي ٻاھران بيٺل آچر، لوڙهي اندران بيٺل دلبر ماءُ کي ته ڏسي ٿو پر کٽ تان اٿي آيل ڌڱاڻي کي نه ته ايندي ٿو ڏسي ۽ نه ئي اتي بيٺل ٿو ڏسي، ۽ خبر تڏھن ٿي پويس، جڏھن ڌڱاڻو ھيٺ ڪري ٿو پوي ۽ وات مان رڙ ٿي نڪريس.

بھتر پلاٽ ھوندي به ڪمزور ڪردار نگاريءَ توڙي واقعات نگاريءَ سبب، ڪھاڻي ڪو خاص تاثر نٿي ڇڏي. ان کان سواءِ ڪھاڻيءَ جو نالو ’ھٿ جي وڍي‘ به ان موضوع ۽ مواد سان ٺھڪندڙ نه آھي.

 

دين جي ڀيڻ

ھيءَ ھڪ رومانوي ڪھاڻي آھي، جنھن جي ھيرو ماجد جي، پاڙي جي ھڪ گهر ۾ اچ وڃ آھي. جتي ٻه جوان ڀينرون ممتاز ۽ سنگيتا رھن ٿيون. ممتاز ماجد کي پسند ٿي ڪري، جڏھن ته ماجد سندس ننڍيءَ ڀيڻ سنگيتا کي ٿو پسند ڪري.

ھڪ ڏينھن ماجد، سنگيتا جي ڪاپي فيئر ڪندي ان جي آخر ۾ بنا نالي وارو پيار ڀريو خط لکيو ڇڏي ۽ پوءِ انھيءَ ڊپ ۾ سندن گهر نٿو وڃي. سڄي ڏينھن جي ذھني ڇڪتاڻ کان پوءِ نيٺ ھو سندن گهر وڃي ٿو ۽ ممتاز سان خط جو ذڪر ٿو ڪري، جنھن جي ھن کي اڳ ئي خبر پئجي چڪي آھي. ڪجھ دير کيس تنگ ڪرڻ کان پوءِ ممتاز خط لڪائڻ جي مشروط آڇ ٿي ڪريس. جنھن تي ماجد ھڪدم وراڻي ٿو: ”مون کي شرط قبول آھي پر خط جي کول نه ڪندينءَ!“

”ته پوءِ رات جي لاءِ واعدو ڪر!“

اھو ممتاز جو شرط ھو.

ٻن ٽن مھينن کان پوءِ، شب برات جي موقعي تي ماجد ھنن جي گهر ٿو وڃي ۽ اُتي سندس ملاقات، ممتاز ۽ سنگيتا جي ٽينءَ ڀيڻ نازنين سان ٿي ٿئي، جيڪا ڪنھن ٻئي شھر ۾ پرڻيل ھئي ۽ ان ڏينھن پنھنجن ٻن ٻارن سان گڏ مائٽن جي گهر آيل ھئي. نازنين کي ڏسندي ئي ماجد سڃاڻي ٿو وٺي ته ھوءَ اھا ساڳي جوانڙي ھئي، جيڪا پنج سال اڳ مسافر بس ۾ سفر ڪندي کيس ملي ھئي ۽ ساڻس پيار جو اظھار ڪيو ھئائين. اُھو به ھڪ عجيب منظر بيان ٿيل آھي ته مسافر بس جنھن ۾ ٻيا به ڪيترائي مسافر موجود ھوندا، اتي شھناز عرف نازنين، سڀني جي روبرو، سامهون واريءَ سيٽ تي ويٺل ھڪ اڻ واقف نوجوان ماجد کي پاڻ ڏانھن متوجہ ڪري، کليل لفظن ۾ ساڻس پيار جو اظھار ٿي ڪري. ھتي شھناز (عرف نازنين) جي واتان ھيٺيان مڪالما چَوَرايل آھن:

”ماشاءَ الله! حسين به ته مغرور به!“

”هاءِ الا! ايڏو اڻ ڄاڻ به!“

”ماشاءَ الله! جھڙو نالو تھڙي ادا! ڇا ته وري مٿان سونھن ۽ آواز جو ميٺاج آهي!“

”ڀلا! ايڊريس ڏيئي سگهندؤ!“

 ڇا انھيءَ بس جا ٻيا مسافر انڌا ۽ ٻوڙا ھئا جو سندن موجودگيءَ ۾ شھناز اھو سڀ ڪجھ چئي سگھي؟ حقيقت ۾ ٻين ماڻھن جي موجودگيءَ ۾، ٻن ڄڻن وچ ۾ ڪنھن جذبي جو اظھار فقط اکين جي اشارن ذريعي ممڪن ٿي سگهندو آھي.

بھرحال، ممتاز ۽ سنگيتا وارن جي گهر ۾ شھناز عرف نازنين کي ڏسي ماجد وائڙو ٿيو وڃي ۽ ڳالھائڻ ئي نٿو اُڪليس. ان ڪري اتان ھليو ٿو وڃي.

ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي ماجد جي ھن عجيب جملي سان ٿي ٿئي، جنھن ۾ ڪھاڻيءَ جو ٽائيٽل به سمايل آھي، ته: ”جيڪا ٺاھيان دين جي ڀيڻ سا نڪري....“

ھتي دين جي ڀيڻ جو تصور الائي ڪٿان اچي ٿو وڃي، جڏھن ته سڄي ڪھاڻي رومانوي پلاٽ تي ٻڌل آھي. مٿين ٽنھي ڀينرن مان ھڪ سان ماجد ماضيءَ ۾ پيار جو اظھار ڪري چڪو آھي، ٻيءَ سان معاشقو ھلندڙ آھيس ۽ ٽينءَ سان ناجائز لاڳاپا اٿس. اھڙي صورتحال مان ڪٿي به ڀاءُ ڀيڻ واري ناتي جو ڪو گمان ئي نٿو نڪري. ھونئن به ھيءُ سڄو گهر ئي ان قسم جو آھي ته: ”ماڻھس ۽ ٻيون ڀينر، ٻئي خيال جون آھن، سندن پير ترڪيل آھي.“

اھڙي ماحول واري گهر ۾ ڪو ڌاريو نوجوان ”دين جي ڀيڻ“ ٺاھڻ لاءِ ڪيئن ويندو؟

ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار نگاري ته چڱي آھي پر نه ته پلاٽ اثرائتو آھي ۽ نه ئي واقعات نگاريءَ ۾ دم آھي.

 

پت

ھيءَ ڪھاڻي ھڪ ڍڳي جي چؤڌاري گھمي ٿي، جيڪو وڃائجي ٿو وڃي ۽ سال کن جي عرصي کان پوءِ ھڪ رات پاڻيھي واپس پنھنجي اصل ماڳ موٽي ٿو اچي. ڍڳي جو مالڪ حاجي صادق آھي، جيڪو ڳوٺ جو نيڪ مرد آھي. شيرل بروھيءَ نالي ھڪ غريب مزور ھر سال ٻنيءَ پوکڻ جي مند ۾، حاجي صادق جي ڳوٺ لڏو کڻي اچي ويھي ٿو ۽ مزوريءَ تي پراين ٻنين ۾ سانھر گھمائي پنھنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو آھي. وٽس ڍڳن جو جوڙو ته پنھنجو آھي، پر ھن ڀيري سندس ھڪڙو ڍڳو مري ٿو وڃي ۽ ھن جو مزوريءَ وارو ڪم بيھجي ٿو وڃي. ھو ڳوٺ جي نيڪ مرد حاجي صادق کان اڌارو ڍڳو وٺي پنھنجي محنت مزوريءَ کي جاري ٿو رکي. حاجي صادق کيس پوري سال لاءِ ڍڳو ڏيئي ٿو ڇڏي پر ھُنن جي واپس ڳوٺ موٽڻ مھل درياءَ جو پتڻ اُڪرندي، اھو ڍڳو شيرل جي ڀاءُ کان رسو ڇنائي ڀڄي ٿو وڃي ۽ گھڻي ڳولا باوجود ھٿ نٿو اچي.

ورھيه مٽجڻ کان پوءِ ٻيھر شيرل بروھي لڏي سميت اچي حاجي صادق جي ڳوٺ وٽ مڏي ھڻي ويھي ٿو. حاجي صادق وٽ وڃي کيس ڍڳي وڃائجڻ واري ڳالھ سربستي ٻڌائي ٿو ۽ حاجي صادق، ڀڄي ويل ڍڳو کيس معاف ڪري ٿو ڇڏي. ان کان ڪجھ ڏينھن پوءِ، عيد جي رات اُھو ڍڳو پاڻمرادو اچي حاجي صادق جي ڇني ۾ ٻين ڍڳن سان گڏ بيھي ٿو رھي.

ھتي ھڪڙي ڳالھ قابل غور آھي ته ڍڳو جڏھن رسو ڇنائي ڀڳو ھو ته ان وقت پنھنجي وٿاڻ ڏانھن موٽڻ بجاءِ ٻئي ڪنھن پاسي نڪري ٿو وڃي، پر ھڪڙو ورھيه گذرڻ کان پوءِ موٽي ٿو اچي ۽ پنھنجو گھر سڃاڻي ان ۾ وڃي بيھي ٿو. پھرين ڳالھ ته جانور لاءِ ھڪ سال، ڪافي وڏو عرصو آھي، ٻيو ته ڪتي ۽ ٻلي وانگر ڍڳي کي پنھنجي پراڻي گھر جي ايتري تانگھ نه ٿيندي آھي، جو سڄو سال گذرڻ کان پوءِ، وري پنھنجي اڳوڻي ماڳ ڏانھن موٽي وڃي. ٻھراڙيءَ ۾ ڳوٺن جا ماڻھو، ڍڳن جو سودو واپار ڪندا رھن ٿا، جنھن جي نتيجي ۾ ڪو ڍڳو ساڳئي ڳوٺ جي ھڪڙي گھر کان ٻئي گھر منتقل ٿيندو آھي ته، ٻن چئن ڏينھن ۾ اڳوڻي گھر تان آسرو پلي، نئين گھر کي پنھنجو گھر ڪري وٺندو آھي. تنھن ڪري سڄو سال گذرڻ کان پوءِ، ڍڳي جو پنھنجي پراڻي ماڳ ڏانھن موٽ کائڻ واري ڳالھ ٺھي ئي ڪانه پيئي. ان کان سواءِ، مذڪوره ڍڳو سندس انھيءَ اصل ماڳ کان صرف ڏھن ميلن جي مفاصلي تي، ھڪ ڳوٺ ۾ سڄو سال موجود رھي ٿو، پوءِ جيڪڏھن ان کي واپس ڀڄڻو ھو ته پھرئين ڏينھن ئي ڀڄي ھا، پورو سال ڪھڙي اوسيئڙي ۾ گذاريائين؟

اڳتي ھلي صورحال تبديل ٿي ٿئي ۽ عيد واري رات واپس پھتل ڍڳي کي، عيد جي ڏينھن تي جھنگ ۾ چرندي، گذريل ھڪ سال کان ان جا مالڪ بنيل ڪاھي ٿا وڃن. ان ڳالھ کي ليکڪ ھن طرح بيان ڪيو آھي؛ ”مال سان جهنگ ۾ ڌنار ڪو نه هئو. امن امان هئو، چوراڪاري نه هئي. انھيءَ ڳالهه جو فائدو وٺي، ٻه همراهه ڍڳو ڪاهي نڪتا هئا.“

حاجي صادق جي ڳوٺ ۽ تر ۾، شيرل بروھيءَ وارا مزوريءَ تي ٻنين ۾ سانھر ڏيئي پنھنجو پيٽ گذر ڪندا آھن، جنھن مان ظاھر ٿو ٿئي ته علائقو زرعي طور آباد آھي ۽ اتي ٻنيون ٻارا پوکجن ٿا. پوءِ اھڙي علائقي ۾ ڌنار کان بغير ڪيئن مال ڇڏيو ويو؟ چوري چڪاريءَ جو ڊپ ته ڪونه ھو، پر ڌنار جي غير موجودگيءَ ۾ ته مال ٻنيون ٻارا کائي چٽ ڪري ڇڏيا ھوندا!

ڪھاڻيءَ جو پلاٽ ته مناسب آھي، پر ان جي اھم ڪردار ڍڳي جي ڪردار نگاريءَ کي غير فطري انداز ۾ پيش ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري ڍڳي سان لاڳاپيل واقعات نگاري به سواليه بنجي ٿي پوي.

 

سھپ

ھيءَ ڪمزور پلاٽ واري مختصر ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ھڪ مقامي زميندار جھمٽ مل، روزانو گھوڙيءَ تي چڙھي پنھنجي ٻنيءَ ڏانھن ويندو آھي. اتان موٽڻ وقت سندس ٻه ھاري، سليمان ۽ گھرام، کيس ڍڳيءَ لاءِ گاھ لڻي، لڏ ٺاھي گھوڙيءَ تي رکي ڏيندا آھن ۽ ھو گھر کڻي ويندو آھي.

ھڪ ڏينھن جھمٽ مل، طبيعت خراب ھجڻ سبب، پنھنجي نوجوان پٽ ڌرمو مل کي گاھ لاءِ ٻنيءَ تي ٿو موڪلي، جيڪو سادي طبيعت جو ۽ موڳو آھي. ان جي سادگيءَ سبب، ھاري سليمان ۽ گھرام کيس ھروڀرو تنگ ٿا ڪن، جنھن جي نتيجي ۾ ڌرمو، منھ ۾ لڳل ڪاٺين سان پنھنجو منھن مٿو ڦٽائي ۽ گاھ جو گھڻو مقدار رستي ۾ ئي ڪيرائي، وڃي ٿو گھر پھچي. سندس حالت ڏسي پيءُ کيس ملم پٽي ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽر ڏانھن ٿو موڪلي ۽ پاڻ ناچاڪ ھوندي به گاھ جي لاءِ ٻنيءَ ڏانھن ٿو وڃي. پر اتي پھچي ھارين تي ڪاوڙجڻ بدران مورڳو پٽ جي بيوقوفيءَ تي انھن سان کلڻ ٿو لڳي.

مٿينءَ سموري ڳالھ ۾ ڪو به منطق نظر نٿو اچي، ڇو ته اسان جو معاشرو ھن وقت تائين نيم جاگيرداري معاشرو آھي. ھن جديد دور ۾ به سنڌ جون ٻھراڙيون وڏيري ۽ ڀوتار جي اثر ھيٺ آھن، پوءِ ڪٿي اھو اثر وڌيڪ آھي ته ڪٿي گھٽ، پر ماڻھو اڃا انھيءَ ڀوتارڪي ڪلچر مان مڪمل آجا نه ٿي سگھيا آھن. اھڙي معاشري ۾ اھو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگھي ته ٻه ھاري، صرف رؤنشي لاءِ پنھنجي زميندار جي نوجوان پٽ کي ايترو تنگ ڪن، جو گھر پھچڻ بعد، ان کي ڊاڪٽر کان ملم پٽي ڪرائڻي پوي؟ سنڌ جي زرعي معاشري ۾ ھاري ۽ زميندار وچ ۾ اھڙو تعلق ڪٿي نظر نٿو اچي، جنھن ۾ ھاريءَ اڳيان زميندار ايترو ويچارو ھجي، جو پٽ سان ايڏي جٺ ڪندڙ ھارين سامھون انھيءَ ڳالھ تان کلي رھيو ھجي. گھٽ ۾ گھٽ، اسان جو معاشرو ته اڃا اھڙي قسم جي سھپ afford نٿو ڪري سگھي.

 

وڏو اديب

ھيءَ ھلڪي ڦلڪي مزاح تي ٻڌل دلچسپ ڪھاڻي آھي. جنھن ۾ ھڪ ارڏي ٻار جي ننڍپڻ وارين حرڪتن کي بيان ڪيو ويو آھي. کيس آڌيءَ رات جو بک لڳڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ سڄي گھر جي ننڊ ڦٽائڻ واري واقعي کي دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيو ويو آھي.

اُھو ٻار وڏو ٿي جڏھن نائين ڪلاس جو شاگرد ٿو بنجي، ته ھڪ ڏينھن پنھنجي پڙھيل لکيل ۽ مطالعو ڪندڙ پيءُ سان اجايو بحث ڇيڙي، اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته ھن جو پيءُ پراڻن خيالن جو آھي ۽ پاڻ جديد دؤر جو روشن خيال ماڻھو آھي ۽ کيس وڏي اديب بنجڻ جي ترڪيب پڻ ھٿ اچي ويئي آھي. ڪجھ دير جي مٿا ڪٽ کان پوءِ، ان بحث جو اختتام ھن ريت ٿو ٿئي: ”ائين چئي بابا ٽپ ڏئي اٿيو ۽ پادر ۾ هٿ وڌائين. وڏي اديب هجڻ جي دعوى ڪندڙ دينو، هوا جو ڦريل رخ ڏسي، گهران ٽراپ ٽراپ ڪندو ڀڄي ويو.“

ھلڪي مزاحيه پلاٽ تي ٻڌل دلچسپ ڪردار نگاريءَ، بھتر واقعات نگاري ۽ اثرائتن مڪالمن جي ڪري، ڪھاڻيءَ ۾ پڙھندڙ جي دلچسپي آخر تائين برقرار رھي ٿي.

***

ھن مجموعي جون اڪثر ڪھاڻيون ساھتي پرڳڻي ۽ ان جي ڀر پاسي وارن جاگرافيائي علائقن تائين محدود آھن، شايد ليکڪ جو تعلق به انھيءَ علائقي سان آھي. پر ھڪڙي تخليقي ليکڪ لاءِ، پنھنجي تخليقن کي مخصوص جافرافيائي حدن تائين محدود رکڻ جو مطلب ٿيندو، سندس فڪري اڏام جو محدود ھجڻ. ان ڪري تخليقي قلمڪار لاءِ ضروري آھي ته ھن جو تخليقي تناظر وسيع ۽ لامحدود ھجي، جنھن ذريعي ھو پنھنجين تخليقن کي تاريخي ۽ ڪائناتي وسعتن تائين ڦھلائي سگھي. ان لاءِ لازمي آھي ته تخليقڪار وسيع مطالعو رکندو ھجي، جنھن وسيلي ھو پنھنجيءَ ڏات کي ڏانءَ جي ڏيئي سان جرڪائي سگھي.

ڪھاڻين ۾ سھتي صاحب عام فھم ۽ بامحاورا ٻولي استعمال ڪئي آھي، جنھن ۾ مقامي رنگ به نمايان آھي، پر سندس ٻولي ادبي رس ۽ چس کان خالي نظر اچي ٿي. البت بيھڪ جون نشانيون ڏيڻ ۾ ھن خبرداريءَ کان ڪم ورتو آھي ۽ ان معاملي ۾ گھڻن کان گوءِ کڻي ويو آھي.

اميد ٿي ڪجي ته انجنيئر عبدالوھاب سھتو صاحب آئنده به، پھاڪن ۽ چوڻين سان گڏ، ڪھاڻين لکڻ ذريعي به، ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت جاري رکندو.

 

 

(نظير ملڪاڻي؛ ناقدانه نظر (ڪتابن جو تنقيدي جائزو)، سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد، ڊسمبر ۲۰۱۹ع، ڊيمي سائيز، ص ۱۹ کان ص ۳۸)


No comments:

Post a Comment