Sunday, September 19, 2021

کُوھُ - مرزا حامد بيگ - ننگر چنا

کُوھُ

(پنجابي ڪهاڻي)

ليکڪ: مرزا حامد بيگ

سنڌيڪار: ننگر چنا



اوندھ وڌي رهي آهي ۽ هر پاسي چپ چپات آهي.

”ٻڌين پيو؟ کُوھَ مان وهندڙ پاڻيءَ جو آواز اچي رهيو آهي، ڄڻ ته درياءُ وهي رهيو هجي.“

“پر ائين نه ڪڏهن ڏٺو نه ڪڏهن ٻڌو!”

ٻئي ڄڻا هڪ ڀيرو وري کُوھَ جي پَڳَ سان ڪَنُ لائي ڇڏين ٿا.

”هُو اڃا پنڌ ۾ هوندا؟“

”ها جيڪڏهن تڪڙا تڪڙا به پھچن تڏهن به اڌ رات کان اڳ نه پھچي سگهندا.“

هُو ٻئي سِڌا ٿي هڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي ويھن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي تڪڻ لڳن ٿا. سندن اکين ۾ نانگ جون اکيون آهن.

”چَئُه، يار! ڇا ٿو چوين؟ هُنن کي اهڙا ٻه ماڻهو لڀي پوندا؟ منھنجو مطلب آ جَن تي ڀروسو ڪري سگهجي!“



”۽ جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڦڏو به نه ڪن،“ ٻئي ڄڻي پھرئين ڄڻي جي ڳالھه کي ٽيڪو وٺايو.

”ها، مان به اهوئي ته چوان پيو. مون کي ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي.“

”۽ ايڏو ڊگهو رَسو .....“ هُو ڳالھه اڌ ۾ ڇڏي ڏئي ٿو.

”ها. رَسو .... پر منھنجو مطلب آهي .....“ هُو اکيون ٺپڻ لڳي ٿو.

پوءِ ٻئي ڄڻا اکيون ٺِپڻ لڳن ٿا.

”ٻُڌ..! رَسي ۽ همراهن کان سواءِ هِنَ ۾ لَھي نه ٿو سگهجي ؟“

”هُن ته انهيءَ تي پئي ڳَتِ ڏني، پر اسان پاڻ ئي ته هُنن کي همراھ ڳولهڻ لاءِ موڪليو ....“

ٻئي کلڻ لڳن ٿا. پھرئين جي کِلَ ۾ ٻئي جو واڪو دٻجي وڃي ٿو ۽ اِنَ کان پوءِ ٻئي جي کِلَ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. پوءِ وري اوچتو ٻئي ڄڻا ماٺ ٿي وڃن ٿا.

”منھنجو مطلب آ ....“ پھريون ڳالھه چوري ٻئي ڏي تڪڻ لڳي ٿو.

”پر .... سَڀاڳا! سوچي وَٺُ. اَٿئي ڏاڍو اُونهو، ڏينھن هوندي به پاڻي نظر نه ٿو اچي.“

ايترو چئي هڪڙو هيٺ جهڪي کُوھَ ۾ ننڍڙو ڀِتر اڇلائي ٿو ۽ وري ٻئي ڄڻا کُوھَ جي پَڳَ سان ڪَنُ لائي ڪجهه ٻڌڻ جي ڪَن ٿا.

”وڏي ڳالهه آ!؟"

”بس،اهائي ڳالھه آ، جنھن تي دل کي ڏڪڻي وٺي ٿي وڃي.“

”منھنجي خيال ۾ کُوھُ اُونهو آ، ان ڪري آواز ئي نه ٿو اچي.“

”چَريا!... کُوھُ اُونهو هجي ته ننڍڙو ڀِتر به وڏو کڙڪو ڪري پاڻيءَ ۾ ڪرندو آهي.“

“ ته پو ڇاهي؟ ڀتر کڙڪو ڇو نه ٿو ڪري؟”

“ اهوئي ته مان به سوچيان پيو.”

ٻئي چپ ڪري ويھي رهن ٿا. کُوهَه منجهان وٿيءَ وٿيءَ سان ماٺو ماٺو آواز اچڻ لڳي ٿو، ڄڻ ته پاڻي وهي رهيو هجي.

“منھنجي خيال ۾ اهو پاڻيءَ جو آواز ناهي.”

“هَلا ٿَئي ...! پوءِ ڀلا ڇاهي؟”

“..................”

“پاڻي ناهي ته بس اچڻ وڃڻ ئي هوندو.”

“۽ جي پاڻي نڪتو ته پوءِ؟

“پاڻيءَ آ ته پوءِ ڀِتر کڙڪو ڇو نه ٿو ڪري؟”

انهن ڳالهين جي وَرندي ڪنھن وٽ به ناهي .... پاڻيءَ جو هلڪو ماٺو آواز لاڳيتو اچي رهيو آهي.

“پوءِ ڇا ڪجي....؟”

پھريون ڪابه ورندي نه ٿو ڏئي ۽ اُٿي کُوھَ ۾ لھڻ لڳي ٿو.

“تون به اچ. پر خيال ڪجانءِ، کُوھُ اَٿئي ڏاڍو پُراڻو، پير کسڪيا کسڪيا ٿا وڃن.”

“پر .... يار! ڳالهه ته ٻڌ....” ٻيو لھڻ کان ڪجهه لَھرائي ٿو.

هُو ڪجهه به نه ٿو ٻڌي.... هُو هاڻي کُوھَ جي اُوندھ ۾ ملي اُوندھ بڻجي ويو آهي. ٻاهران ڏسڻ ۾ ئي نه ٿو اچي.

“تون به هليو آ....” هُنَ جو آواز کُوھَ مان پڙاڏو ڪري نڪري ٿو.

“هُو اچي ويا ته .... ڇا ڪنداسين .... ڇا ڪنداسين....؟؟” ٻئي جو آواز هر پاسي پکڙجي وڃي ٿو. ٻيو جيڪو انهيءَ ڪائنات جو حصو آهي، رڳو هڪ ٽٻڪو آهي، سو اُتي ئي حيران بيٺو آهي.

کُوھَ ۾ لٿل همراهه هوريان هوريان هيٺ لهندو وڃي ٿو. پُراڻيون ڀُتيون سِرون هِتان هُتان نڪتل آهن. هُو هوريان هوريان، پيرَ ڦٻائيندو، هيٺ لھندو وڃي ٿو.

هاڻي کُوھَ ۾ چپ چپات آهي.

“اڙي.... پاڻي.... بيھي... ويو آ.” کُوھُ هن جي آواز تي پڙاڏجي وڃي ٿو.

وري اهو ئي آواز، ڄڻ ته درياءُ وهي رهيو هجي. انهن آوازن ۾ هڪ ٻيو آواز به رلجي وڃي ٿو ۽ سمجهه ۾ ڪجهه به نه اچي ٿو.

کُوھَ ۾ ڄڻ ته درياءُ وهي رهيو هجي.

وري جڏهن ماٺ ٿي وئي تڏهن هُنَ کُوھَ جي ٻاهران ڪَنُ لائي ٻڌڻ جي ڪئي. سَڏَ ڪيا پر موٽَ ۾ ساڳيا پنھنجا ئي سَڏَ ٻڌائين. هُو سڏيندو ٿو رهي ۽ پوريان ڪابه ورندي نه ملي ٿي.

هاڻي رات گهڻي وهامي چڪي آهي. هُنن جي اچڻ جي مھل ٿي آهي ۽ کُوھَ ۾ درياءَ جي وهڻ جو آواز به بند ٿي ويو آهي. ٻيو سَڏَ ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهي. جَهٽَ گهڙِي ترسي ڪجهه سوچي ٿو ۽ پوءِ تکو تکو کُوھَ ۾ لھڻ لڳي ٿو.

کُوھَ ۾ هيٺ ڌُوڙِ ئي ڌُوڙِ آهي. هُنَ جو ساهه ٻُوساٽجي ٿو.ڪجهه پَلن کان پوءِ سندس پير زمين تي لڳن ٿا ۽ هن جي هٿ ۾ کانئس اڳ لھڻ واري جو هٿ اچي وڃي ٿو. رڳو هڪڙو هٿ، جيڪو ٺُوٺِ تائين ڊُسِڙِ ۾ پوريو پيو آهي. هُنَ جا هوش ئي گم ٿي وڃن ٿا. موٽڻ جي همت ئي ڇڏائجي وڃيسِ ٿي. وري ساڳيو ئي پاڻيءَ جو آواز آهي.

بس ڄڻ ڪو درياءُ آهي، جيڪو وهي رهيو آهي.

وسنديءَ ڏانهن وَيلَ همراھ کُوھَ تي موٽي آيا آهن. اُهي به هاڻي ٻه ناهن پر چار آهن. اهي چارئي ڳپل دير تائين هُنن ٻن کي ڳولين ٿا. کُوھَ ۾ به جهاتي وجهن ٿا، پَر اُتي ڪجهه به ناهي. ٽئين جون اکيون چوٿين سان ملن ٿيون.ا کين ئي اکين ۾ ڪا ڳالهه ڪن ٿا ۽ ٽيون ٻنهين نَوَن همراهن ڏي ڪنڌ ڦيري چوي ٿو:

“ڳالهه هيءَ آهي ته اسان چار ماڻهو ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون....”

“ها. سياڻا ٿيو، اسان وٽ رَسو ته آهي، بس ٻه ڄڻا نه ٻيا به هجن ته ڪم ٿي ويندو. توهان هيئن ڪريو، ٻه ڄڻا ٻيا به وٺي اچو. ٻه هيٺ لھنداسين ۽ چار ڄڻا ٻاهر بيھندا.”

ٻئي نَوان پڇن ٿا:

“جيڪا شئي اندران ٻاهر ڪڍڻي آهي، سا ڳوري هوندي ڇا؟”

هُو ماٺ رهن ٿا ۽ پوءِ ٽيون ماٺ کي ٽوڙي ٿو:

“يَرَ! ٻڌو ته ائين ئي آهي. هُونءَ به سونُ ڳورو ٿيندو آهي.”

اها ڳالهه ٻڌي ٻئي نَوان همراهَه وستيءَ ڏي موٽي وڃن ٿا.

رات اڃا اڳتي وڌي آئي آهي.

“ٻڌين ٿو؟ کُوھَ مان وهندڙ پاڻيءَ جو آواز اچي پيو، ڄڻ ته درياءُ وهي رهيو هجي.”

“پر ائين نه ڪڏهن ٻڌو نه ڪڏهن ڏٺو.”

“هائو.... ڪڏهن به نه ....!!”

“هُو ٻئي اڃا پنڌ ۾ هوندا؟”

“ها، تڪڙا به اچن تڏهن به باک ڦُٽي ويندنِ.”

هُو ٻئي ڄڻا آمھون سامھون ٿي ويھن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي تڪڻ لڳن ٿا.

هُنن جي اکين ۾ نانگ جون اکيون آهن.

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۱۹ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment