Sunday, September 5, 2021

چنڊو ٻار پينگهي ۾ پڌرو - غفار سومرو

چنڊو ٻار پينگهي ۾ پڌرو

(مختصر ڪهاڻي)

غفار سومرو



”بابو مرحيات چوندو هو؛ پٽ! راتيون جاڳي، ننڊ ڦٽائي پگهر وهائي پيٽ پالجو پر ڪنهن آڏو هٿ نه ڊگهيڙجو.“ هُن هوٽل جي سيمنٽ واري دڪيءَ تي ويٺي جملو پورو ڪرڻ کان پوءِ مون کان ورتل سگريٽ مان هڪ وڏو ڪش هنيو ۽ چپٽي وڄائيندي رک هيٺ ڪيرائي.

چيومانس؛ ”تنهنجو پيءُ وڏو محنت ڪش، عظيم انسان هو. تو ٻڌايو ڪو نه ته تنهنجو بابو مرحيات ڪندو ڇا هو؟“


چنجهين اکين سان نهاريندي ٿورو ويجهو اچي رازداريءَ سان چوڻ لڳو؛ ”بابو مرحيات پنهنجي دور جو وڏو ڏاهو ماڻھو هو.“

پڇيم؛ ”ڏاهو ته هو پر ڪم ڪهڙو ڪندو هو، مان اهو ٿو پڇان؟“

اکيون مٽڪائيندي هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي جهيڻي آواز ۾ چيائين؛ ”بس سمجهه ته بابو مرحيات وڏو دلبر ماڻهو هو!“

مون کان اوچتو هڪ وڏو ٽهڪ نڪري ويو. اوسي پاسي ۾ ويٺل ماڻهو ڪنڌ ڦيري اسان ڏانهن ڏسڻ لڳا. بيري ڊوڙي اچي پاڻيءَ سان ڀريل جڳ ۽ گلاس اڳيان رکيو. مون کيس ٻه اڌڙيون چانهه آڻڻ لاءِ چيو.

هي گوڏي تي هٿ رکندي، منٿ واري نيڻن سان اک هڻندي چوڻ لڳو؛ ”صاحب! بسڪٽ ٻسڪٽ به گُهراءِ نه!“

مون بيري کي هائوڪار ڪئي ته هو هليو ويو. هي وري مٿو کنهندي چوڻ لڳو؛ ”دوست ڀاءُ کان گهري کائڻ ۾ ڪو عيب ڪو نه آھي، باقي دشمن جو پاڻي ڍڪ به حرام آھي.“ ائين بابو مرحيات چوندو هو ۽ مان اڄ تائين ان قول تي عمل ڪندو رهيو آھيان.

سندس نانءُ پڪ سان خدا بخش هوندو پر پاڻ هڪ ڀيري ٻڌايائين ته مان خُدن آهيان. خدُن هِتان مون واري پرڳڻي جو ته ڪو نه هو پر هن هڪڙي ڏينهن ٻڌايو پئي ته هو اصل درياءُ پار جا آھن ۽ هتي روزگار سانگي لڏي آيا آھن. اسان جي ڳوٺ ويجهو خالي ميدان تي جهوپڙي اڏي اچي ويٺا هئا. ٽيهارو کن ننڍي مال جا پَهرُو هئن. سندن عورتون سوير ئي گاھ پٺي لاءِ نڪري وينديون هيون ۽ ڪي ننڍڙا ڇوڪرا ٻڪريون پَهرائِي ويندا هئا ته هي وري مزدوريءَ جي بهانيءَ سان اچي هوٽل وسائيندو هو، پئسي ڏوڪڙ ۾ صفا سڃو هجڻ سبب هِن هُن کان چانهه سگريٽ گهري وٺندو هو. ڊاڙ ٺڪاءُ خبرن چارن جو ماهر، پري کان نڪمو ۽ ڪم چور لڳندو هو.

مان جڏھن شام جو هوا خوري ۽ تفريح لاءِ گهران نڪري هوٽل تي ايندو هوس ته هي اڳي ئي ويٺل هوندو هو. ساڻس واقفيت ٿئي ڪجھ ڏينهن ٿيا هئا. بندرو قد، جهريل جسم، سنهڙو مُنهن، ڏاڙھي ڇوٽ ڇڏيل، مڇون جهرڪيءَ پڇ جيان ڍرڪيل، پڪي عمر، ڪپڙي لٽي ۾ بنھ بي پرواهه.

تنهن وقت هڪ پوڙھو ماڻھو اچي ڀر ۾ ويٺو، چڻن جو ٿالهه ڀر ۾ رکي ان تان مکيون اڏاريندي ڀرسان رکيل جڳ مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري هڪ ساهي پيئي ڪلهي تي رکيل رومال سان پگهر اگهڻ لڳو.

خُدن منهن ڦيري ڏانهس سُري ويٺو ۽ حال احوال وٺڻ لڳس.

”ڪير جوان آھين؟“

”ڪٿي ويٺو آھين؟“

”روز ڪيترو ڪمائيندو آھين؟“

ائين ڄاڻ سڃاڻ ۽ واقفيت وڌائڻ کان پوءِ چوڻ لڳس؛ ”چڻا ته نمڪين ٿا لڳن، چکي ڏسجن ته وڌيڪ پڪ ٿئي!“

 پوڙھي ماڻهوءَ ڪاغذ جي ٽڪري تي ٻه چار چمچ چڻن مٿان مصالحو ۽ ليمي جي رس ڇٽڪاري هٿ ۾ ڏنس، هو ڪاغذ جي چمچيءَ سان چڻا وات ۾ وجهي چٻاڙڻ لڳو.

چٽخارا ڀريندي چيائين؛ ”واهه! هي ته واقعي زبردست آھن.“

چيومانس، ” خُدن هي پوڙھو تنهنجو ڄاڻو نه سڃاڻو پوءِ تو هن کان چڻا ڇو گهريا؟“

چڻن جو ٻيو چمچ ڀري وات ۾ وجهندي چنجهين اکين سان نهاري چوڻ لڳو؛ ”صاحب! خبر ڪو نه ٿئي ڇا ته سنڌي، سنڌيءَ جو ڀاءُ آھي!“

چيومانس؛ ”تڏھن سنڌي ڀاء! تون به ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڇو نه ٿو ڪرين؟“

چنجهين اکين مان تارا مٿي کڻي ڏسندي چوڻ لڳو؛ ”ڌنڌو ڌاڙي آھي نه پنهنجو، صبح شام ٻڪرين جو کير هوٽل ۽ گهرن ۾ وڪڻندو آھيان. شُڪر آ مڙيئي گذر سفر ٿئي پيو.“

مون کڻي ماٺ ڪئي. تنهن وقت بيري به چانهه بسڪيٽ آڻي اڳيان رکيا. هي چڻا کائي چڪو هو سو پوڙھي کي پُٺ ڏيندي گسڪي مون ڏانهن منهن ڪري ويٺو. پليٽ مان بسڪٽ کڻي چانهه ۾ ٻوڙي کڏ جهڙي وات ۾ وڌائين ۽ مٿان سرڙاٽ ڪندي چانهه جي سُرڪي ڀريائين.

مون کلندي چيو؛ ”سنڌي ڪڏھن ترقي ڪو نه ڪندا!“

”ڪيئن ڀلا؟“ هن ٻيو بسڪيٽ به چانهه ۾ ٻوڙي زبان تي رکي نڙي هيٺ لاهي ڇڏيو.

چيم؛ ”هن جديد دور ۾ به اڃا تائين بسڪيٽ چانهه ۾ ٻوڙي ٿا کائن.“

خُدن وراڻيو ”اها اسان سنڌين جي ريت آھي ۽ ريتون سٿريون ته ڪو نه ڇڏينداسين.“

چيم؛ ”ڀلا هن چڻن واري پوڙھي کي پُٺي ڏئي ويٺين ۽ چانهه جي سکڻي صلاح به ڪو نه ڪئيسين؟“

هلڪو ٽهڪ ڏيندي چوڻ لڳو؛ ”بابو مرحيات چوندو هو، پنهنجو حصو ڪنهن کي به کائڻ نه ڏجي، ڀلي ڪيترو به ڏاڍو مڙس ڇو نه هجي!“

چيم؛ ”ونڊي ورڇي گڏجي سڏجي کائڻ به ته سنڌين جي ريت آھي!“

چيائين؛ ”انهن ريتن رسمن ته ٻيڙي ٻوڙي آھي. اسين سنڌي سڀ ڪجهه ونڊي ورڇي ويٺاسين. هاڻ گهر ڌڻي پاڻ سکڻيون تاڙيون ويٺا وڄايون.“

”اهو تون ٿو چوين؟“

”نه! بابو مرحيات چوندو هو!“ بابو مرحيات اهو به چوندو هو ته؛ ”هاڻ سنڌين کي اجايون ريتون رسمون ڇڏڻيون پونديون نه ته پوءِ سڀاڻي هٿ مليندا رهجي ويندا.“

چيم؛ ”پڻھين مرحيات واري ڳالهه ته سورنهن آنا سچ آھي!“

تنهن وقت ٻه افغاني پٺاڻ سڪي فروٽ جون ٿيلهيون، ننڍا قالين ۽ گاديلا ڪلهن تي لوڏيندا اڇي ڀرسان دڪي تي ويٺا. هڪڙي ڄڻي نسوار جي ٿيلهي ڪڍي وڏو گول روڙو ٺاهي وات اندر هڪ پاسي رکيو. هن به پٺاڻ جي هٿ ۾ ٿيلهي ڏٺي ته سرڪي ويجهو ٿيس ۽ هٿ وڌائي نسوار گهريائينس.

”خان صاحب! ٿوري ميري ڪو بهي دينا.“

پٺاڻ  بي پرواهي سان  ٿيلهي هٿ ۾ ڏنس. هن به وڏي چپٽي ڀري آڱر آڱوٺي سان مهٽي، کڻي چپن اندران رکي. وري منهن ڦيري مون ڏانهن سري آيو.

مون کي سندس اها ڪِنِي عادت ڪو نه وڻي. ٿورو ناراضگي وچان چيومانس؛ ”پڻهين مرحيات اهو ڪو نه سيکاريو ٿئي ته ڪنهن  اجنبيءَ کان ڪا شيءِ نه وٺڻ گهرجي؟“

ڳل ٻاهران نسوار واري جڳهه تي آڱر سان زور ڏيندي، وات ۾ وري آيل ٿڪ اڇليندي چوڻ لڳو؛ ”خبر ڪو نه ٿئي مسلمان، مسلمان جو ڀاءُ آھي!“

ڪاوڙ ته گهڻي چڙھي آئي پر اهو سوچي ته ھوٽل تي هڪ سنڌي ڀاءُ جي بي عزتي ڪرڻ مناسب ڪو نه آھي. پر ٿوري ڪاوڙ ڏيکاريندي چيومانس، ”پڻھين مرحيات تو کي اهو ڪو نه ٻڌايو هو ته انهن تنهنجي مسلمان پٺاڻ ڀائرن جي وڏي ڏاڏي اسان جي سنڌي جوانن کي ڦريو، لٽيو ۽ ڪٺو هو. سندن لاشن مٿان گهوڙا ڊوڙايا ۽ اسان جي نياڻين سنڌياڻين کي باندي بڻائي ورتو هو؟“

چنجهيون اکيون کڻي، پٺاڻن ڏانهن شوخيءَ وچان نهارڻ کان پوءِ مون ڏانهن ڏسندي چوڻ لڳو؛ ”تڏھن ته پٺاڻ اسان جا قرضي ٿيا، سمجهه ته مون کائون پنهنجو قرض اوڳاڙيو آھي.“

 تعجب مان پڇيم؛ ”هيڏو وڏو قرض نسوار جي هڪ چپٽي تي اوڳاڙيندين؟!“

چوڻ لڳو؛ ”بابو مرحيات چوندو هو، دشمن جو جيترو نقصان ڪري سگهو اوترو ضرور ڪري ڇڏيوس. هڪڙي ڏينهن کيس ننڍو نقصان به وڏو لڳندو.“

 مون تعجب وچان کيس ڏٺو ۽ سوچڻ لڳس؛ واقعي هن اڄ جي دور جي سنڌيءَ جو پيءُ ڪيڏو نه ڏاهو ۽ دلبر ماڻھو هو ۽ هي نئين دور جو سنڌي ڪيڏي نه بيڪار سوچ جو مالڪ آھي.

افغاني پٺاڻ، سکڻو پاڻي پيءُ اٿي هليا ويا. خُدن پٺاڻن کي ويندو ڏسي تعجب مان چوڻ لڳو؛ ”صاحب هي ته ائين ئي لنگهڻ تي هليا ويا، چانهه چڪي به ڪو نه پيتائون.“

مون مرڪندي کيس چيو، ”هو تو واري ٻڪرين جي ڇڊي کير واري چانهه ٿورو ئي پيئندا، هو ته ڪنهن پٺاڻ جي هوٽل تي ڪائو چانهه وڃي پيئندا.“

ڪجھ سوچيندي وراڻيائين: ”چوين سڇ ٿو صاحب! هنن پٺاڻن کي ته نج کير واري چانهه نصيب ئي ڪونهي. پر بابو مرحيات ته ٻي ڳالهه به ڪندو هو ته ”هي پٺاڻ ۽ ٻيا سڀ ڌاريا هتان سنڌ مان ڪمائي، لٽي ڦري پنهنجي پنهنجي ديس وڃي خرچ ڪندا آھن!“

”بلڪل درست! تو وارو بابو مرحيات بلڪل سهي چوندو هو.“ مون سندس بابي جي ٻڌايل ڳالهه سان متفق ٿيندي چيو.

هو خوش ٿي چوڻ لڳو؛ ”صاحب! ڀلا هڪ اڌڙي ته گهرائي ڏي.“

مون مرڪندي چيو؛ ”پر يار ڳالهه ٻڌي ٿئي، لڳي ٿو تو واري پيءُ جي ڳالهين جو تو تي ٽڪي جو به اثر ڪو نه ٿيو آھي.“

هو جلدي وچان چوڻ لڳو؛ ”ٿيو آھي نه صاحب، هي ڏس!“

هن ساڄي هٿ ۾ جهليل رومال جو کوليو ته ٽي چار بادامين، پستن ۽ ڇوهارن جون ٿيلهيون کڻي اڳيان ڪيائين. مون حيرانيءَ وچان ٿيلهيون ڏسندي چيو؛ ”پٽيا خدا جا چوري! مٿان اهو به چوين پيو ته تو واري ڏاهي، دلبر بابي مرحيات جي ڳالهين جو به اثر ورتو ٿئي، هاڻي سچ ٻڌاءِ هو ڪم ڪهڙو ڪندو هو؟“

چنجهين اکين سان نهاريندي ٿورو ويجهو اچي وڏي رازداريءَ سان چوڻ لڳو، ”بابو! بابو مرحيات پنهنجي دور جو نامي گرامي چور هو.“

سندس بابي مرحيات بابت جوڙيل پنهنجي سوچ ۾ محل ماڙيون ڌڙام سان پٽ اچي پيون. منهنجي من ۾ آيو ته ٻوٿ وارا چنبا ٺوڪيانس پر الائي ڇو رعايت ڪندي، رڳو ڪاوڙ وچان گهوريندي هوٽل تان اٿي هليو ويس.

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۰۹ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment