Tuesday, September 21, 2021

شعور جي بيماري ۾ ورتل ناول نگار - هوش محمد ڀٽي

شعور جي بيماري ۾ ورتل ناول نگار

۽ فرهاد جيلاني جو ترجمو

هوش محمد ڀٽي



شعور جڏهن اچي ٿو ته نهوڙي وجهي ٿو، علم ۽ عقل جي اعليٰ سمجهه به انسان جي احساسن جي لاءِ گهڻي منجهائيندڙ هوندي آهي. شعور جڏهن زميني ۽ نفسياتي حقيقتون پروڙي وٺي ٿو ته دوستو وسڪي جو جنم ٿئي ٿو. فريڊرڪ نٽشي، فرانز ڪافڪا، ڪاميو ۽ جوائس پيدا ٿين ٿا.

وجودي اديب پنهنجي ناولن ۾ پنهنجو پاڻ ڳولين ٿا. ڪاميو جو ڌاريو Outsiderاهڙن اڌمن سان ڀريو پيو آهي. ڪافڪا جو Metamorphosis انسان جي وجود کي ڪيڙي ۾ تبديل ٿيندي ڏيکاري ٿو. جيمس جوائس جو Ulysses به ڪاميو جي سيسيفس جي ڏند ڪٿا وانگر ديو مالائي ڪردار وسيلي انسان جي اجاين ۽ بغير سبب پيڙائن کي چٽو ڪري ٿو.


اهڙي منظر ڪشي دوستو وسڪي جي پاتار مان پنا ۾ به آهي

فريڊريڪ نٽشي پنهنجي دوست پيٽر گاسٽ کي لکيو:

“هتي توهان کي هڪ اهڙو نفسياتدان ملي ٿو، جنهن سان مان اتفاق ڪيان ٿو.”

اهڙو اظهار نٽشي دوستو وسڪي بابت ڪيو آهي. دوستو وسڪي جي ناول Notes from Underground کي “پاتار مان پنا” جي نالي سان نوجوان شاعر، اديب فرهاد جيلاني اسان کي سنڌي ويس پارائي ڏنو آهي. جيڪو سنڌي ادب لاءِ سٺو قدم آهي.

نٽشي “پاتار مان پنا” ناول بابت لکي ٿو:

“هن ڪهاڻي جو انام غير هيرو، ان تڪليف ۽ فالج پڻي جي گهرائي ۾ وڃي تر لهي ٿو، جيڪي ذات جي شعور جي بيماريءَ مان پيدا ٿين ٿيون.”

“پاتار مان پنا” مان:

“مان بيمار ماڻهو آهيان، هڪ بغض ڀريو ماڻهو آهيان، مان هڪ اڻ موهيندڙ ماڻهو آهيان، پڪ اٿم ته منهنجي جيري کي بيماري لڳل آهي.”

دوستو وسڪي لکي ٿو:

“مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته... مان هڪ جيت جڻو ڇو نه ٿي سگهيس...! باشعور ٿيڻ هڪ بيماري آهي... ماڻهو جي روزاني وارين ضرورتن جي پورائي لاءِ... اڌ يا ان جو چوٿون حصو ڪافي هو... جيڪو شعور اسان جي اڻويهين صديءَ جي گهڻن تڻ ناخوش ماڻهن کي ميسر آهي.”

دوستو وسڪي جو هي ۽ ٻيا ناول انساني نفسيات ۽ شعور جا اهي شهپارا آهن، جن ۾ انسان جي ڪيفيتن ۽ خيالن جا آبشار آهن جيڪي وهندا رهن ٿا. هو پاڻ به باشعور هجڻ کي هڪ بيماري سمجهي ٿو.  دوستو وسڪي کي آئون وجوديت جو Pioneer چوندو آهيان ۽ اها ڳالهه جاويد ڀُٽي به ڪئي هئي، اهڙي ئي ڳالهه هڪ ٻيو ليکڪ لارنس گين به لکي ٿو:

“نٽشي مسيحيت جي آخري نشانين کي پاڙان اکيڙڻ جي ڪوشش ۾ هو؛ جڏهن ته دوستو وسڪي جيڪو پنهنجي من کان ڪافر هو، سو هڙان وڙان ڪري حياتيءَ جي سڃي قبوليت جي ڳولها ۾ هو. ٻئي آخري حدن تائين انسان ٿيڻ جي احساسن جي ڳولها ۾ هئا ۽ ان ريت اهي ٻئي وجوديت جي فلسفي جا باني هئا.” ص_۱۴۳

رسول ميمڻ صاحب دوستو وسڪي جي وجودي هجڻ يا وجودي نظريي کي گهڻو واضح ڪري ٿو:

“دوستو وسڪي مذهبي اثر هيٺ رهندي پهريون وجودي اديب آهي. هو لاشعوري طور خدا کي ياد ڪري ٿو ۽ اهو خدا هن جو شخصي خدا آهي. ڪئرڪگارڊ جيان هو به، نه ڪيل گناهن جي احساسن کان مذهب جي پاڇي کان ٻاهر نه ٿو نڪري، وجوديت جنهن به عقيدي جي نفي آهي، پر فلسفي ۽ ادب ۾ وجوديت جا بانيڪار مذهب جي دائري کان خارج نه آهن. جيئن ڪئرڪگارڊ وجودي فلسفي جو باني آهي. دوستو وسڪي وجودي عدميت   Existentialist Nihilism  جو تخليق ڪار آهي. هو نجهه Nothingness ۾ پاڻ وڃائي پاڻ ڳولهي ٿو.”

دوستو وسڪي وجودي خيالن جو گاڊ فادر آهي. ان کان ڪوئي انڪار نه ڪري سگهندو. هو ماڻهو جي من جي مانڌاڻ کي پاتار مان ڳولهي لکي ٿو. هن جا ڪردار ۽ لکڻيون هڪ پوري ڪيفيت حائل ڪندڙ آهن. جن مان نڪرڻ هڪ حساس ذهن لاءِ گهڻو اوکو آهي. ان ڪيفيت کي “دوستو وسڪيانا” چون ٿا.

“پاتار مان پنا” کي رسول ميمڻ کان فرهاد جيلاني تائين دوست ناول نه ٿا چون پر آئون ان کي ناول مڃان ٿو. هڪ ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ ناول آهي. جنهن ۾ ماڻهو جي مونجهه جو لاڀائتو اظهار آهي.

آئون ٿورو “پاتار منجهان لکڻيون” جنهن کي فرهاد جيلاني “پاتار مان پنا” جو خوبصورت نانءُ ڏنو آهي تي ڳالهائي پوءِ آئون فرهاد جيلاني جي ترجمي بابت ڳالهائيندس.

  فرهاد جيلاني هڪ محنتي نوجوان آهي ۽ سٺو شاعر آهي، جيڪو شاعري جي دنيا کان پوءِ ترجمي جي شعبي ۾ آيو آهي. هن ناول کي ترجمو ڪرڻ ۾ هن گهڻي محنت ڪئي هوندي ڇو ته دوستو وسڪي جي ٻولي ڳوڙهي ۽ پيچيده آهي. ان کي سنڌيءَ ۾ لاهڻ هڪ للڪار وارو ڪم آهي. پوءِ به ترجمي نگار گهڻي حد تائين ڪامياب ويو آهي.

ترجمي نگار جون ترجمي ۾ خوبيون هن ريت آهن:

۱. ترجمي نگار ترجمي دوران روسي ماحول کي اوئين رکيو آهي جهڙو هوندو آهي، ان کي هروڀرون سنڌي ماحول نه بڻايو اٿس. کوڙ سارا ترجما نگار اهڙو ڪم ڪندا آهن ٻين علائقن کي سنڌي علائقن جو روپ ڏيئي ويندا آهن.

۲. هن ترجمي ۾ ٻولي جو گهڻو تڻو تحفظ ڪيو ويو آهي. ڇو ته ترجمي نگار پاڻ شاعر آهي ان کي ڪري هن  سنڌي يا سنڌيءَ ۾ مروج ٻين ٻولين جي لفظن جي چونڊ ڪئي آهي.

۳. موضوع جي چونڊ تمام ڪلاسيڪل آهي. مستقبل ۾ اهڙي اميد رکجي ٿي ته هو اهڙا شاهڪار اسان کي سنڌي ۾ ڪري ڏيندو رهندو.

۴. ترجمي نگار پاران ڪجهه اصطلاحن يا نالن جي حوالي سان ڏنل فوٽ نوٽ ان جي قابليت کي ظاهر ڪن ٿا.

۵. ترجمي نگار جي اها ڳالهه وڻي جو ان پروف صحي نموني ڏٺا آهن. پر ان جي باوجود پروف جون چڪون رهجي ويون آهن. پر جيڪي اڄڪلهه جيڪي ڪتاب ڇپجن ٿا ان جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن. جيڪا ساراهه جوڳي ڳالهه آهي.

ترجمي نگار لاءِ صلاحون جيڪي غلطيون هو ڪري ويو آهي اهي ايندڙ ترجمي ۾ نه دهرائي:

۱. سڀ کان پهريان ته “ئي ۽ ته” جو جيڪو بي جا استعمال هر صفحي تي گهڻو آهي ان کي هميشه نظرثاني ڪئي وڃي.

۲. ڪو ڪتاب ترجمو ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه سينئر ترجمي نگارن سان رابطو ڪري ان کي ڏيکارڻ گهرجي. جيئن اهي ماهرانه رايو ڏين.

۳. سنڌي ۾ اردو ترجمو ڪرڻ وقت سنڌي جي لفظن کي وڌيڪ اهميت ڏجي نه ڪي اردو جا لفظ ڏجن جڏهن ته سنڌي جا لفظ هجن به، مثال طور اردو جا استعمال ٿيل لفظ جڏهن ته انهن جا تمام سلوڻا سنڌي لفظ به آهن؛ (اناب شناب، (گهٽ وڌ) شرمنده (پشيمان يا شرمندو) بري (خراب) ڪوئي(ڪو) نازيبه (بي ڍنگو)، ناشائسته (اگري)

۴.  ڪٿي ڪٿي ته ڪي پورا جملا اردو جو سڌو سنئون ترجمو لڳن ٿا جيئن: “مان هار مڃڻ وارو ڪٿي هيس.” مين هار ماننه والا ڪهان تها. ڇهپانا کي ڇُپائي، سنڌي ۾ به ڇپائڻ آهي پر وڌيڪ درست لڪائڻ آهي منهنجي خيال ۾.

۵. آخري صلاح اها ته ڪو به ڪتاب ڇپائڻ اڳ ۾ ڪنهن سٺي ايڊيٽر کي ضرور ڏيکارڻ گهرجي ۽ اسان کي هاڻي اهو رواج شروع ڪرڻو پوندو ۽ ايڊيٽر ڳولڻا پوندا، هن وقت به سنڌي ۾ تمام وڏا ايڊيٽر موجود آهن.

Notes from Underground ڪتاب تي گوگل بابا ٻڌائي ٿو ته ساڍا ڇهه هزار کان وڌيڪ ريووز لکجي چڪا آهن اهي شايد سنڌي ۾ ڪو ٻيو ريوو آهي جيڪو آئون لکي رهيو آهيان. فرهاد جيلاني جو ترجمي وارو تجربو وڻندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. اسين فرهاد جيلاني جوشيلي ۽ سنجيده قسم جي ادب دوست کان مستقبل ۾ اهڙي قسم جا سنجيده ترجما پڙهڻ جا منتظر رهنداسين.

 

(ھوش ڀٽي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۱ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment