Sunday, September 5, 2021

ماستر ڀولا رام - ڪلونت سنگھ ورک - ننگرچنا

ماستر ڀولا رام

(پنجابي ڪھاڻي)

ليکڪ : ڪلونت سنگھ ورک

سنڌيڪار : ننگرچنا



ماستر ڀولارام، ايف اي، جي اي بِي، ڪيترن ئي ورهين کان کتري هاءِ اسڪول ۾ سينيئر ٽيچر هو. هُنَ ڪنھن وڏي درياءَ جي پتڻ تي ويٺل مھاڻيٖ وانگر ڇوڪرن جا ڪيئي پُورَ هٿن کان وٺي ٽپايا هئا. ڪيترائي نَوان پُورَ ايندا رهيا ۽ هر نئين پُورَ تي ماستر جو اوترو ئي روبُ ويھي ويندو هو، جيترو اُنَ کان اڳئين پُورَ مٿان هوندو هو. ماستر بدن جو توڻي جو هلڪو ۽ سنهڙو هو، پر آواز ۾ اُوچو ۽ وصفين چڱڙو هو. انهيءَ اُوچي آواز ۽ چڱن مُھانڊَن جي روبَ ۾ اچي ڪڏهن به ڪنھن کي ماستر جي سَرير جِي شڪتي جاچڻ ڏي ڌيان ڏيڻ جي گهرج نه محسوس ٿي هئي.



نئين زماني جي اثر هيٺ پُوڄا جي مھل ڇوڪرن جو لُڙُ ڏينھون ڏينھن وڌندو پئي ويو. پر جنھن ڏينھن به ماستر ڀولارام پُوڄا ٽاڻي اچي ويندو هو ته سڀئي ڇوڪرا اُمالڪ چُپِ ٿي ويندا هئا. ڪنھن جو چُوچَٽُ به ٻڌڻ ۾ نه ايندو هو.

ماستر صاحب جي پڙهائڻ جو ڍنگ ئي اهڙو هو جو ڇوڪرن کي پڙهڻ ۾ وڏو مزو ايندو هو. هُو کين ٻُڌائيندو هو ته سڪندر اعظم پھريون ڌاريو ڪاھ ڪري ايندڙ هو، جنهن افغانستان رستي، خيبر لڪ کان هندستان مٿان ڪاھ ڪئي. هاڻي به جيڪڏهن توهان افغانستان وڃو ته جيھون درياءَ جي اورئين ڪَپَ تي توهان کي هڪ وڏي ڇِپَ نظر ايندي، جنھن تي پيرن جو هڪڙو وڏو نشان اُڪريل آهي. اُتان جي ماڻهن جو عقيدو آهي . . . . ۽ ضد ٻڌي توهان کي به ان ڳالھ تي ويساھ آڻڻ لاءِ چيو ويندو. . . ته اهو نشان سڪندر جي پيرن جو آهي ۽ اُنَ وقت ٺھيو، جڏهن هُو انهيءَ ڇِپَ مٿان بيھي پنھنجي اڻ کُٽ لشڪر کي هندستان تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ درياءُ پار ڪندي ڏسي رهيو هو.

جولاءِ جو هڪڙو ساڙيندڙ ڏينھن ھو. جاگرافيءَ جي پيريڊ ۾ ڇوڪرن جي دل اصل نه پئي لڳي. ماستر صاحب اچي پنجاب جي نھري نظام بابت پڙهائڻ شروع ڪيو:”پنجاب جو پرڳڻو سڄي هندستان ۾ نھرن جي ڪري اڳتي وڌيل آهي. انهيءَ اوسر جو ڪارڻ هِنَ جو ميداني هجڻ آهي. پنجابُ ائين سِڌو پَٽُ آهي، جيئن هِنَ ڪمري جو فرش. ٻين پرڳڻن جيئن ميسور ۾ زمين کي ايتريون ته لاهيون چاڙهيون آهن، جو ماڻهو سائيڪل هلائيندي ئي هُڦجي پوي، اُتي نَھرون ڪنھن کي ڌوڙِ کوٽڻيون آهن. “

پٽيوالي اچي سُڌَ ڏنس ته هيڊماستر سڏايو اَٿَوَ. ماسترُ پڙهائڻ اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو. ماستر صاحب جي ٻاهر نڪرندي ئي پويان ڪمري ۾ ڪنھن ٻِرَ مان ٻُوسٽَ جو ماريل ڪُوئو، هوا کائڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو. وانديٖ ويٺل ڪلاس کيس ڦيھڻ ۾ ويرم ئي نه لاتي. هڪ ڇوڪري ٿوري دليري ڪري ان کي ماستر جي ميز تي رکي ڇڏيو.

جهٽ کان پوءِ ماستر صاحب موٽي آيو، ”ها، ته مان چئي رهيو هئم . . . . . !“

ماستر صاحب جي اَکِ وڃي ميز تي رکيل ڪُوئي مٿان پئي. ڪُوئي جي ڦَٽَن مان رت ٽِمي رهيو هو. ”هيءَ جيوَ هتيا ڪھڙي سُوئر جي پُٽَ ڪئي آهي؟“ هُنَ مُئل ڪُوئي کي ميز تي رکڻ کان وڌيڪ کيس مارڻ کي وڏو ڏوھ قرار ڏيڻ صحيح ڄاتو.

سڄي ڪلاس کي ماٺ وڪوڙي وئي، ڄڻ ته ڪمري ۾ ڪو هجي ئي نه.

ماستر صاحب ڪروڌ ۾ ڀرجي ٻيھر پڇيو، ”جلدي ٻڌايو، نه ته ڇھ ڇه لڪڻ سڀني کي ٺوڪيندم. “

لَڪڻن کان ڊڄندي يا وري ڪنھن پراڻي ويرَ جي ڪري، هڪڙي ڇوڪري اُٿي چيو، ”سائين! ڀوپِيءَ. “

ماستر صاحب ڀوپيءَ کي ڪَنَ کان وٺي ڊيسڪ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو، ”حرامي! مان تنھنجي پيءُ جيڏو آهيان. “ ۽ زپڙاڪ ڪري چماٽ وڃي هُنَ جي ٻُوٿ تي لڳي. چَنبو ٿورو وڌي وڃي نَڪَ تي لڳس ۽ ڇوڪري جي نَڪَ مان رت وهي هليو. ڀوپِيءَ رُمال ڪڍي نَڪَ تي رکيو ۽ رُمال وهندڙ رت کي چُھندو رهيو.

ڀوپِي اسڪول ڪميٽيءَ جي ڪُراڙي صدر جي پڇاڙيءَ عمر ۾ پرڻيل زال مان سڪيلڌو پُٽُ هو. پُٽَ جو رَتَ ۾ ٻُڌل رُمال ته کڻي سَھي وڃي ها، پر ماستر صاحب گار به ته چڱي نه ڏني هئس نه . هُنَ ڪراڙي مڙس جي ننڍي نيٽي زال تي الزام هنيو هو. ماستر ڀولارام کي ٽئين ڏينھن تي نوڪريءَ کان جواب ڏنو ويو.

هاڻي”ٽريبيون“ اخبار جو ٻيو صفحو ماستر جي لاءِ وڏي اهميت وارو ٿي ويو ۽ باقي اخبار کيس ٻُسي ٻُسي ڀاسندي هئي.

جواهر لال جي رهائي، شملا ڪانفرنس جي ناڪامي ۽ جپان جو لڙائيءَ ۾ هارائڻ، اهي سڀ اجايون ڳالهيون هيون. وڏي اهم ڳالھ رڳو هيءَ هئي ته ڪھڙي اسڪول ۾ ماستر جي گهرج آهي؟ ماستر صاحب پھريون پنو ڏسڻ کان سواءِ ئي ٻيو کوليندو هو ۽ پڙهڻ ۾ رُنڀجي ويندو هو. ماڻهوءَ جي گهرج آهي. اِنَ کان پوءِ جڳھون، مشينون، گاڏيون وڪڻڻ ۽ وٺڻ جا اشتھار يا وري پرڻي لاءِ ڇوڪرن يا ڇوڪرين جا سَڱَ گهربل آهن، ڇپيل هوندا هئا. ماستر صاحب سڀ پڙهي ويندو هو ته متان”ماستر جي گهرج آهي. “ جو اشتهار انهن جي وچان نڪري پوي. ڪيترن ئي قسمن جي گهرجن جا اشتھار هوندا هئا، ڪلارڪن جا، ايجنٽن جا، آفيسرن جا، بورچين جا، ڊرائيورن جا، گهر ۾ پڙهائيندڙ ٽيوٽرن جا ۽ ڪيترا وري ماسترن جا به. ماستر صاحب جا بچايل پيسا درخواستون ٽائيپ ڪرائڻ، انهن کي رجسٽري ڪرائڻ ۽ اسڪولن جي مينيجرن سان ملڻ ۾ خرچ ٿيڻ لڳا.

نيٺ هڪڙي ڏينھن ماستر صاحب ڏانھن نئين نوڪريءَ جي چٺي اچي وئي. ماستر صاحب کي هڪڙي ڳوٺ جي خالصه هاءِ اسڪول ۾ پنجين ۽ ڇھين ڪلاسن کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ رکيو ويو. پر ماستر صاحب هاڻي اهو پراڻو  ڀولارام نه رهيو هو. بيروزگاريءَ جو ڊَپُ سندس مُنھن تي ڇاپجي ويو هو. مُھانڊن جي چڱڙائپ کي ڳڻتيءَ جي گُهنجَن لڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ آواز به ڪجهه ويھجي ويو هئس ۽ مٿان وري هِنَ اسڪول جي ڇورن کي اڳئين اسڪول ۾ ٿيل وارتا جو ڄڻ ته ڪنھن پڙهو ڏئي ٻڌائي ڇڏيو هو.

ماستر صاحب ڇوڪرن جي ٽوڪُنِ جو نشانو بڻجڻ لڳو، پهرين لِڪَ ڇَپَ ۾ پَرَ پُٺِ ۽ پوءِ مُنھن سامهون. ماستر صاحب جي ڀرسان لنگهڻ تي ڇورا ڏند ڪڍي مٿس کلڻ ٿي لڳا. ڪو وري ماستر تي ٺھيل چيٖڙُون، سندس پويان سُرَ ۾ ڳائڻ پئي لڳو ته ڪو پنھنجي پاسي ۾ ويٺل ڇوڪري کي ڀُوڪُ” چئي، اوڙاپي تي کيس بدشد ڳالهائڻ پئي لڳو.

”هِنَ اسڪول جو ڊسيپلين صحيح نه آهي. “ ماستر صاحب هڪ ڏينھن هڪڙي جُهوني ماستر سان ڳالھ ڪڍي. اُنَ ماستر مٿس پنھنجي وڏي ڄاڻ جو روب وجهندي چيس، ”ڊسيپلين ته ڪٿي به صحيح نه رهيو آهي، ماستر صاحبَ! دنيا وڃي پئي ڪميونسٽ ٿيندي. . . . ڪميونسٽ! ڪميونسٽ چون ٿا ته ڀڳوان آهي ئي ڪو نه ۽ ماڻهو سڀ برابر آهن. واهِه گُرو! واهِه گُرو!! ۽ ڊسيپلين وڃي ٿو خراب ٿيندو. جَن جي وات ۾ زبان به نه هوندي هئي، اُهي ٻھراڙيءَ جا ڄَٽَ به ملڪَ جي ڪاروهنوارَ مان ڪيڙا ڪڍڻ لڳا آهن. ائين هي ڪميونسٽي ڪوڙهه اسڪولن ۾ به پکڙجڻ لڳو آهي. بس، رَبَ کي پارت آهي.

ڀولارام به ڪميونسٽن بابت اڙدو اخبارن ۾ گهڻو ڪجھ پڙهيو هو . . . .

”هائو! هائو!! هاڻي سُڌَ پيم ته هي ڇورا اِهي کَرمستيون ڇو ٿا ڪَنِ. اهي ڪميونسٽ ٿي ويا آهن. “

هُو سوچڻ لڳو، ”ان ڪري ئي ته اِهي پنھنجي استادن جي عزت نه ٿا ڪن. “

”ڪميونزم اسڪولن جي ڊسيپلين کي ڊانوان ڊول ڪرڻ واري وٿ آهي، ان کي وڌڻ کان روڪڻ کپي. “

”پر هُو اڪيلو ڇا ٿو ڪري سگهي؟ اهو ته وڏن وڏن ليڊرن جو ڪم آهي. “

ٽَئُون. . . . ٽَئُون. . . . ٽَئُون. . . . پنجين پيريڊ جو گهنڊ وڳو. ماستر صاحب اِنهن سوچن ۾ ٻُڏو ڇھين ڪلاس کي انگريزي پڙهائڻ پهتو. هُنَ کي سڄو ڪمرو ڪميونسٽن سان ڀريل لڳو ۽ مقابلي ۾ ماستر صاحب اڪيلو هو.

”اڄ مان توهان کي هفتي جي ڏينھن جا نالا ٻڌايان ٿو. منھنجي پويان توهان به وڏي واڪي اُچاريو. “

“ها، سائين! نه، سائين!”، “ها، سائين! نه، سائين!”ڇورن ڪمرو مٿي تي کڻي ڏنو.

لڪڻ توڻي جو سدائين ماستر صاحب جي هٿ ۾ هوندو هو، پر اڳئين اسڪول ۾ ٿيل وارتا جي ڊَپَ ۽ هِنن ڪميونسٽن جي ڀَوَ کان کيس اهو ورتائڻ جو حوصلو نه ٿيو. شهر ۾ ته چڱي مَٺي جي خبر هوندي هئي، پر ڳوٺن ۾ ته سڀئي ڄَٽَ ڪانڀُو خان هوندا آهن.

“انگريزي هفتو آچر کان شروع ٿيندو آهي. آچر کي چوندا آهن سَنڊي. ”

“سَنڊي، سَنڊي! ڪُوڙا ڍڳا! بَلي، بَلي!!” ڪمرو ساڳين آوازن سان ٻُري اُٿيو. ڇورا اڄ  وڏِي کَرمستيءَ ۾ هئا. ماستر صاحب ڳِيتُون سِيتُون ڏئي، مَسَ مَسَ‘سيچرڊي’ تائين پهتو جو ڇورن کيڏَ کي پورو ٿيندي ڏسي صحيح  لفظ نه اُچارڻ جو سُنھُن کڻي ورتو.

سيچرڊي کان شروع ٿي ٽانگي، موٽر ۽ گاڏيءَ تائين پهتا. ماستر صاحب ڄاتو پئي ته ڇورا وچ ۾ “نه، سائين!” به چئي ٿا وڃن. ماستر صاحب “اڄ بس ايترو ئي. ” چئي ڪمري ۾ ڦرڻ لڳو. هُو دل ئي دل ۾ ڪميونسٽن کي هزارين گاريون ڏيڻ لڳو.

“ماستر صاحب! تازيٖ يا سَڄَرَ جي انگريزي ڇا آهي؟”

“ڇا جِي؟”

“سائين! تازيٖ جي، تازيون نان کتايُون.”

“سڀاڻي ٻڌائيندوسانوَ.” ماستر صاحب ڇوڪرن کي هٻڪندڙ آواز ۾ ورندي ڏني، کيس ايندي به نه هئي. سڄو ڪلاس کلڻ لڳو. ماستر صاحب ڦڪو ٿي ويو، ٽنگون ڏڪڻ لڳس.

ماستر صاحب هڪڙي ڇوڪري ڏي آڱر کڻي چيو، “تون اُٿي بيھُ!”

ماستر کي دل ۾ خيال آيو ته هٿ ۾ کنيل لڪڻ سان ماري ماري، انهيءَ ڇوري جو گُونھُ ڪڍي ڇڏي، پر کيس همٿ نه ٿي. جڏهن ڇورو اُٿي نه بيٺو تڏهن ماستر صاحب چيس، “شرارت ڇو پئي ڪيئي؟”

“سائين! مون ڪٿي ڪئي؟”

“ٻاهر نڪري وڃ!”

“ٻاهر ڏاڍي اُسَ آهي. ” سڄي ڪلاس ۾ ٽھڪڙو مچي ويو.

“مان ٿو چوانءِ، ٻاهر نڪر. ”

“سائين! هي اسڪول ته اسان جو آهي، ٻاهر ڪاڏي نڪري وڃان؟”

“تون ٻاهر نڪر نه ته مان ٿو نڪري وڃان. ”

“مون ته چيو نه سائين!ته مون کي هتي ئي رهڻ ڏيو. ”

ماستر ڀولارام ٻاهر نڪري آيو، پھريون ڪمري مان پوءِ اسڪول مان. اسڪول جي سوڙهين ٿيندڙ ڀتين جي وچ ۾ سندس ڀرجي آيل دل جي ڦِسي پوڻ جو ڊَپُ هو. هُو بزار مان ٿيندو گهر وڃڻ لڳو. ماستر ڀولارام پاڻ کي گهٽيءَ جي ڪکن کان به تِڇ ڀانيو. “اسڪول اسان جو آهي . . . . . اهو هِنن کي ڪميونسٽن ئي سيکاريو آهي. اهي چون ٿا، ‘جو کيڙي سو کائي.’ زمين هارين جي آهي، سو اسڪول به ڇورن جو آهي ۽ ماستر . . . . ماستر. . . . هي کير کپائيندڙ حلوائي، هُو ڪپڙا ڌوئندڙَ لَلاري جو ڇورو، هُو جُتيون ڳنڍيندڙ موچي يا بازار ۾ کَلون کائيندڙ کوتو، اهي سڀ مون کان چڱا آهن! اهي حال رڳو اِنَ ڪري آهن جو  دنيا ۾ ڪميونزم جو ڪوڙهه پکڙجي رهيو آهي ۽ سڀ ڇورا وڃن ٿا ڪميونسٽ ٿيندا!”

هُنَ کي پنهنجي گهران پُٽَھنسِ جي گھپي ڪرڻ جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو. پُٽَھنسِ پرائمري اسڪول ۾ سوير موڪل ٿيڻ جي ڪري اڳ ۾ گهر پھتو هو. ماني کائڻ مَھل سندس ننڍڙي ڀيڻ کيرُ پيئندي هَٿُ هڻي هُنَ جي ڀاڄيءَ واري تَسرِي هيٺ ڪيرائي وڌي هئي ۽ ڇوڪرو روئڻ ويھي رهيو هو. ماڻس ڏاڍو سمجهايس، کنڊ کڻي آڻي ڏنائينسِ، پر هُنَ چُپِ ئي نه پئي ڪئي.

“کاءُ، ڙي! اڃا به کوڙَ ڀاڄي اٿئي تَسريءَ ۾.” ماستر صاحب هَڪل ڪيس.

ڇوڪرو ساڳيءَ کَٽَ تي پيو سُڏڪي رهيو هو.

“اُٿي ماني کاءُ! آخري ڀيرو ٿو چوانءِ. ”

پَرَ ڇوڪرو ساڳيءَ ريت رُون رُون ڪندو رهيو.

ماستر صاحب ڪاوڙ مان ڏَندَ ڪُرٽيندي ڇوڪري جي ٻانھن ۾ هٿ وڌو ۽ سَٽَ ڏئي کڻي کَٽَ تان هيٺ ڪيرايائينس.

“حرامي! تون به ڪميونزم پيو سِکين! توهان ته دنيا جي بڻيادن کي لوڏي ڇڏيو آهي. توهان ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندئو. ”

ماستر ڀولارام ڇوڪري کي سَٽڪا پئي ڪڍيا ۽ ڇوڪري جي ماءُ کيس ڇڏائڻ جا جتن ڪري رهي هئي.

                                                (***)

(ڪلونت سنگهه وِرک جي ڪتاب “ميريان سرس ڪھاڻيان” تان ترجمو ڪيل. )

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۵ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment