ڇوڏو
ڪهاڻي
نجم عباسي
ڳوٺ جي ويجهو پهچي چڪو هوس. سج پهاڙن پٺيان غائب ٿي ويو هو.
مان ٿڪل ٽٽل، مٿي تي ڪتابن جي بُجڪي، ڪانچ جا ور مٿي کنيل، جُتي ۽ گوڏن تائين ڄنگهون
ڌڌڙ سان ڀريل، گهر جلدي پهچڻ لاءِ تڪڙا تڪڙا قدم ڀريندو ٿي آيس. اوچتو ياد اچي ويم
ته پوڙهيءَ عارب-ماءُ جي شيءِ اڄ به وسري ويئي آهي. ڏاڍو ارمان ٿيم. ارمان ان ڪري ٿيم،
جو هن وٽان چوکي خرچي ملڻي هئي.