Monday, October 5, 2015

درٻاري معزز - امر لغاري

درٻاري معزز

امر لغاري
محمد روحل خان جو نالو پڻس وڏي چاهه سان روحل رکيو هو. هو وڏو ٿي ڪميشن امتحان پاس ڪري جڏهن ڊپٽي ڪمشنر بنيو ته ڊيوٽي تي چڙهڻ واري پهرئين ڏينهن جن ملاقاتين جي وٽس لسٽ وئي تن ۾ هن جي سپريٽينڊنٽ مرزا حسن خان جو نالو به شامل هو. مرزا حسن خان روحل کي مشورو ڏنو ته جيئن ته هن جو نالو فقط هڪ لفظ تي مشتمل آهي، انڪري ضلعي جي وڏي ڪاموري طور اهو لازمي آهي ته نالي جي اڳيان پٺيان ڪجھه نه ڪجھه ضرور لڳائڻو پوندو، نه ته نالي واري لفظ جي اڪيلائي سبب سندس عهدي جي بي ادبي ٿيندي، ۽ نالو اچارڻ ۾ وزني ۽ رعبدار نه لڳندو.


روحل کي پنهنجي سپريٽينڊنٽ جي ڳالهه وزنائتي لڳي ۽ هن پنهنجي نالي واري تختيءَ تي ”محمد روحل خان ڊپٽي ڪمشنر“ لکرائي ڇڏيو.ٻئي ڏينهن ساڻس ملڻ وارن جو تعداد وڌي ويو. لسٽ مطابق سڀ کان پهريان شهرين جي وفد کي صاحب سان ملڻ لاءِ ڇڏيو ويو. وفد جي اڳواڻن رواجي خوش خير آفيت ڪرڻ کانپوءِ اڳوڻي ڊي سيءَ جي به تعريف ڪئي ۽ نئين ڊي سيءَ کي يقين ڏياريو ته شهري شهر جي مسئلن تي ساڻس مڪمل تعاون ڪندا. روحل اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. هن چانهن ۽ بسڪوٽن سان سندن خاطر تواضع ڪئي.
ٻيو وفد ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل جي وڪيلن جو هو. بار جي نمائندن ڊي سي صاحب سان هٿ ملائڻ کان پوءِ کيس گلن جا هار پارايا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر گرم جوشيءَ سان هٿ ملائي پنهنجين نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چانهن دؤران بار ۽ وڪيلن جي مسئلن تي ڳالهيون ٿيون. وڪيلن ڊي سي صاحب کي يقين ڏياريو ته هو کيس قانوني مسئلن ۾ هن جي هر ممڪن مدد ڪندا. روحل وڪيلن جي اهڙي نيڪ پيشڪش تي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ سندن تعاون عيوض ”وڏي مهرباني، وڏي مهرباني“ جهڙا لفظ چئي سندن شڪر گذار ٿيندو رهيو.
ٽيون وفد اقليتي برادريءَ جي چڱن مڙسن جو هو. هنن روحل جي تمام  گھڻي ساراهه ڪئي، ۽ چيائون ته هو پنهنجي برادريءَ طرفان نوجوان ڊي سيءَ کي هر تعاون جو يقين ڏيارين ٿا. ڊي سي صاحب سندن ٿورو مڃيو، ۽ چيائين ته هو اقليتن جو خاص خيال رکندو، ۽ سندن هر ممڪن مدد ڪندو رهندو.
چوٿون وفد صحافين جو هو. صحافين جي وفد پهريان ته روحل کي ضلعي جي صورتحال جي باري ۾ ٻڌايو. ان بعد کيس بنا ڪنهن رک رکاءُ جي ضلعي جي بهتريءَ لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ جي آڇ ڪئي، ۽ پريس ڪلب جي دؤري جي پڻ دعوت ڏني. هنن چيو ته اڳئين ڊي سيءَ کي به هنن تعاون جو ”بلينڪ چيڪ“ ڏنو هو پر هو اهو ڪئش ڪرائي نه سگھيو، جنهنڪري ضلعي جي مختلف محڪمن ۾ انتظامي ڪمزورين کان ويندي رشوت ستاني ۽ بدعنوانين جو بازار گرم رهيو. مقامي پريس هر برائيءَ جي نشاندهي ڪندي رهي پر ڊي سي صاحب هڪ ڪمزور منتظم ثابت ٿيو. روحل سندن ڳالهيون ڏاڍي غور سان ٻڌيون ۽ يقين ڏياريو ته هو اڳئين ڊي سي جيئن هرگز نه ڪندو، ۽ هنن جي نشاندهين تي ترت قدم کڻندو.
ايئن اهو وفد به ڊي سي صاحب جي چانهن پي پنهنجي ماڳ روانو ٿيو. ان بعد ٻيا به ڪيترائي وفد ساڻس ملڻ آيا. هر هڪ روحل کي بنا ڪنهن شرط جي پنهنجي پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريندو هلندو رهيو. ڪجھه دير بعد روحل جي پي اي جو انٽرڪام تان ڏانهس آواز آيو ته ايم پي اي صاحب ساڻس ڳالهائڻ چاهي ٿو. روحل فون کنيو. فون مان آواز آيو ته ”ڀلي ڪري آئين، محمد روحل خان. اسان توکي پنهنجي ضلعي جو عملدار ٿيڻ تي مبارڪ باد پيش ڪيون ٿا، ۽ توکي يقين ٿا ڏياريون ته ضلعي ۽ ضلعي جي عوام جي بهتريءَ لاءِ تنهنجي هر سٺي قدم جو آڌرڀاءُ ڪنداسون. ڪڏهن اچو اسان جي اوطاق تي. اسان جي چانهن پي وڃو!“
روحل ”ها سائين ۽ جي سائين“ ڪندو رهيو. ضلعي جي هڪڙي ايم پي اي جي عوامي طاقت جي به هاڻ تعاون جي وٽس يقين دهاني پهچي ويئي. اڃا ڪيئي فون انتظار جي قطار ۾ لڳل هئا. ڪيئي ماڻهو ساڻس ملاقات لاءِ وقت وٺڻ خاطر لائين لڳايو بيٺا هئا. روحل سڀ ڪم ڪار ڇڏي پنهنجي پي اي کي پاڻ وٽ گھرايو، ۽ چيائين.”اڃا گھڻا ماڻهو آهن؟“
”پنج ڇهه وفد اڃا ويٺا آهن!“
”ڇا ڪو عام ماڻهو به مونسان ملڻ آيو آهي؟“
پي اي هڪو ٻڪو ٿي ويو. هن ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪندي چيو،”نه، سائين، عام ماڻهوءَ تي ته ان آفيس جا دروازا بند ٿيل آهن!“
روحل چُپ جي ڇِپ هيٺيان اچي ويو.
ٻي ڪا ڳالهه نه سجھيس ته چيائين:”ڪا ڊاڪ هجي ته کڻي آ. مونکي ڪجھه دير کان پوءِ هڪ ضروري وزٽ تي وڃڻو آ!“
پي اي ”جي سائين“ چئي ڪاغذن جو هڪ وڏو ٿهو کڻي آيو.
”اهو ڇاهي؟“ ڊي سي ڪاغذن کي ڏسي پريشان ٿي ويو.
”اهي انهن ماڻهن جون عرضيون آهن جيڪي اوهان سان ملڻ آيا هئا!“ پي اي ادب وچان وراڻيو.
روحل جي روح مان رڙ نڪتي: ”هي ته سڀ بنا ڪنهن شرط شروط جي منهنجي مدد ڪرڻ آيا هئا؟“
پي اي جي چپن تي عجيب مسڪراهٽ چڙهي آئي.
هن ادب وچان وراڻيو ،”جي، سائين، اهي هر دؤ‍ر جي ڊي سيءَ جي ان طريقي سان ئي مدد ڪندا آهن!“

اهو ٻڌي روحل جا ڪاغذن جي ٿهي ڏانهن وڌندڙ هٿ هيٺ ڪري پيا.

No comments:

Post a Comment