Friday, December 31, 2021

مٿاڇري نظر آخري اسٽيشن تي

مٿاڇري نظر آخري اسٽيشن تي

بشير جتوئي



ڏسو ته سنڌي ادب ۾ تاريخي، سياسي ۽ رومانوي موضوعن تي ڪيترا ئي ناول ڇپجندا رهن ٿا. ان جديديت سنڌي ناول-نگاريءَ جي سفر ۾ رزاق سهتي پڻ پير پاتو آھي. هن ناول ۾ سياسي جهلڪيون به آھن ته سماجي به! ۽ رومانوي پڻ. ڪِٿ ڪِٿ ائين ڳالهيون ڀڙڪو ڏئي ذھن جي ڪينواس تي ڇانئجي وڃن ٿيون جو ڄڻ پڙھندڙ اُن ناول جو مُک ڪردار هجان.

گهٽين جا ڪُتا - دريا خان شنباڻي

گهٽين جا ڪُتا

سال ۲۰۲۱ع جي آخري ڪهاڻي ۵۲

دريا خان شنباڻي



هوءَ جهڙيءَ مهل ڪاليج لاءِ مڪمل تيار ٿي بيٺي ته سندس ماءُ کي لڳو ڪجھ پريشان آھي.

“ڇا ڳالھ آھي افشي، ڇو پريشان آھين؟!”

“بس ائين امان!”

“ڪاليج لاءِ دل نه ٿي چوئي ته اڄ کڻي نه وڃ!”

“نه امان وڃڻو ضروري آھي، ايگزام مٿي تي آھن.”

Thursday, December 30, 2021

ٻه جريب زمين - وفا صالح راڄپر

ٻه جريب زمين

مختصر ڪهاڻي

وفا صالح راڄپر



جون جي جوڀن جا ڏهاڙا هئا، ڪانءَ جي اک پئي نڪتي. ٽاڪ منجهند جو ٽاڻو هو. ڌنار مال ويهڪين تي ويهاري، ماني ڳڀي لاءِ گهرن ڏانهن پئي موٽيا. ڪي ڌنار ته مال کي ورائي ڳوٺ ڏانهن پئي آيا. ڏينهن جي ڪاڙهي واري تپش مال ڀٽاري کي به ساڻو ڪري وڌو هو. ڄڀون ٻاهر نڪري آيون هئن. دم ساهه جي بيماريءَ ۾ ورتل ماڻهوءَ جيان ساهه جو هانبارو پئي لڳن. سج جي ڪوساڻ کان بچڻ لاءِ ڌنار ويچارا انگوڇا پوتڙا پاڻيءَ ۾ پسائي مٿي تي رکيون پئي آيا.

احساس جا ۲۶ رنگ - مٺل جسڪاڻي

احساس جا ۲۶ رنگ!

مٺل جسڪاڻي



احساس جا ۲۶ رنگ دراصل فاطمه ڀرڳڙي جي ڪهاڻين، ڪالمن، ساروڻين ۽ اردو ڪهاڻين تي مشتمل، ۲۳۰ صفحن تي ڇپيل تازي ڪتاب ”احساس جا رنگ“ ۾ موجود ۲۶ مختلف ڪهاڻين تي هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ منهنجي ذاتي راءِ آهي. هي ڪتاب ينگ رائيٽرس فورم سنڌ پاران سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد نومبر ۲۰۱۴ع دوران پڌرو ڪيو آهي. ماجد علي ڪاڪا جي پرڪشش رنگين ٽائيٽل ڊزائين واري ڊيمي سائيز جي هن مجموعي جي ڪمپوزنگ بشير جمالي ڪئي آهي، پروف ريڊنگ (صورتخطي ڏسندڙ) غير ذميوار شخص (مرد يا خبر ناهي عورت) جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو آهي! اداري پاران ٻه اکر پرهه پروين گل، پنهنجي پاران قلمڪار فاطمه ڀرڳڙي، ليکڪ بابت راءِ ”مزاح سرجيندڙ سنڌ جي واحد ليکڪا“ نواز ڀٽو ۽ مهاڳ ”ڏات ۽ ڏانءُ جو سنگم“ شبنم گل، جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪه جي تصوير ۽ حيدرآباد واري غلام مصطفيٰ سولنگي جو لکيل تعارف آهي. فاطمه ڀرڳڙي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندي رهي آهي ۽ گهڻو ڪري مزاحيه انداز ۾ لکڻ سبب پهرين خاتون مزاح نگار طور سڃاڻپ ماڻي رهي آهي.

Wednesday, December 29, 2021

وڻ تي رهندڙ هڪ شخص جي ڪهاڻي - عبدالواحد سومرو

وڻ تي رهندڙ هڪ شخص جي ڪهاڻي

عبدالواحد سومرو



توهان کي عنوان مان پڪ سان پريشاني ۽ اچرج ضرور ٿيو هوندو ته ڪو وڻ تي به ڪو ماڻهو رهندو؟ سا ڳالهه ٿوري سمجهڻ کان ٻاهر آهي.

ڳالهه/ ڪٿا يا قصو اهو آهي ته جڏهن اديب، اهو به جڏهن فڪشن نگار لکندڙ هجي ته پوءِ هن قسم جون ڳالهيون پڙهجي سگهڻ جو موقعو ملي ئي پوي ٿو.

اختر رضا سليمي، هندڪو تھذيبَ ۽ “جَنڊُ” - ننگر چنا

اختر رضا سليمي، هندڪو تھذيبَ ۽ “جَنڊُ”

(اختر رضا سليمي جي ناول جو تعارف)

ننگر چنا



اختر رضا سليمي جي ساراھ مون پھريون ڀيرو پنھنجي دوست بخشل باغيءَ واتان ٻڌي. باغيءَ مون سان فون تي اختر رضا سليميءَ جي ناول "جاگے ہیں خواب میں" جو ذڪر ڪيو. مون کي پڪ هئي ته يار جنھن وٿ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، سا ضرور چڱي ئي هوندي. مون پنھنجي هورا کورا ساڻس اوري ته هُنَ ناول ٽپال ۾ موڪلي ڏنو. مون ناول پڙهيو ته حيرت جي جھانَ ۾ گم ٿي ويم.

ارشاد سومرو جي ڪتاب “صدين جي اڃ” جو اڀياس

ارشاد سومرو جي ڪتاب “صدين جي اڃ” جو اڀياس

ساجد مسڻ



ميڊم ارشاد سومرو مقامي، دلچسپ ۽ حقيقي موضوعن جي چونڊ ڪندڙ ڪهاڻيڪاره آهي، جيڪا پنهنجي قلمي پورهئي، تخليقي سگهه ۽ صلاحيت جو ڀرپور استعمال ڪندي اسان کي موجوده سماج جو آئينو پنهنجي ڪهاڻين ذريعي ڏيکاري ٿي.سندس ڪهاڻين جو ڪتاب صدين جي اُڃ به اهڙي قسم جو مجموعو آهي، جنهن ۾ اڄ جي حالتن جي مڪمل عڪاسي ٿيل آهي.

Tuesday, December 28, 2021

هڪڙو انب ڪھاڻيءَ جو اڀياس - امر لغاري

هڪڙو انب ڪھاڻيءَ جو اڀياس

اڀياس: امر لغاري



ڪھاڻيءَ جو نالو: هڪڙو انب

ليکڪ جو نالو: ممتاز لوهار

لبُ لھجو: حقيقت نما (ويچارگي جھڙو يا ستم ظريفاڻو)

آب هوا: مئي جا ڪاڙها، گرمي پد ۵۲ سينٽي گريڊ

نيريٽر: ضمير غائب لامحدود

موضوع: گھڻ پاسائون: خواهشون، بي اختاري، بي وسي..

مُک ڪردار: غلام حسين (چاچو صھرو)~  غير متحرڪ /two dimensional (ٻه-پاسائون) ۽ نونھن~  static (غير متحرڪ)

حاوي ادبي صنعت: تجسس (suspense)

زمان ۽ مڪان: ڏينھن جو وقت / (اتر) سنڌ جو ڪو شھر

 

ادو عبدالرحمان - امر لعل ھنڱوراڻي

ادو عبدالرحمان

(مختصر ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: امر لعل ھنڱوراڻي

ڪمپوزنگ / ٽائپنگ: صاحب خان ’سورھ‘ ميراڻي



ڪي کيس مست ڪري چوندا ھئا ۽ ڪي وري کيس درويش سمجهندا هئا. شايد مست به ھو ۽ درويش به ھو. بدن جو پتلو سنھڙو ڪڻڪ رنگو هو. عام رواجي قد کان ڪي قدر ڊگهو. بدن تي اوڍيندو هو فقط گودڙي، صفا ننگو به ڪو نه ھوندو ھو.

ھميشه پنهنجي رمز ۾ رتو پيو هوندو هو. ڪڏهن مڙھيءَ ۾ ته ڪڏهن مسجد ۾، اڪثر شام جو سکر ۾ بندر تي “ميوو” رستي تي ريلوي گڊس آفيس جي ويجهو جتي ھٽن جي ڀرسان تن ڏينهن ساميءَ جا سلوڪ پڙھندا هئا، ويھي ڪن ڏئي رس سان ٻڌندو ھو، بعضي بعضي ائين ڀڻ ڀڻ ڪندو ھو “ادا عبدالرحمان، سمجهين ٿو ڪين نه؟ الائي ڪڏهن اک کلندءِ!”

نجومي - اڪبر لغاري

نجومي

هڪ ڏاهپ جو ڪتاب

اڪبر لغاري



هي ناول زخمي دلين، لتاڙيل ذهنن ۽ جهنم ۾ رهندڙ ماڻهن جي درد ڪهاڻي آهي، اهو جهنم جيڪو اڪثر ڪري انهن پاڻ ئي پنهنجي لاءِ تخليق ڪيو آهي. ڪٿي ڪثير وهمي ته ڪٿي قليل فهمي آهي. ڏوهه ڪنهن جو آهي؟ معاشري جو، تربيت جو، حالتن جو يا فردن جو؟ پر سزا سڀني کي ملي پئي. ڀوڳين سڀ پيا. ڪيل توڙي نه ڪيل گناهن جي سزا.

موجوده سنڌي ناول جا فني مسئلا - اڪبر لغاري

موجوده سنڌي ناول جا فني مسئلا

اڪبر لغاري



پهرين سنڌي ناول، تعداد ۾ ته گھٽ هئا پر فني لحاظ کان ڪافي پختا هئا. اڪيهين صدي جي شروع ٿيڻ سان ناول لکجڻ ۾ تيزي اچي ويئي ۽ کوڙ سارا ناول مارڪيٽ ۾ اچي ويا. جتي هيترا ناول ڏسي خوشي ٿي، انهن کي پڙهڻ کان پوءِ اها مايوسي به ٿي ته ناول جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ  مقدار تي وڌيڪ ۽ معيار تي گھٽ توجه ڏني وئي آهي. اڄڪله لکجندڙ، سنڌي ناول جا ڪجھ مسئلا هن ريت آهن؛ 

 

ناول پنهون جو جائزو

”پنهون“ ناول جو تنقيدي جائزو

اڪبر لغاري



ادب جا ڪيترا ئي قسم آهن. هڪڙو ادب رڳو عڪاسي ڪندو آهي ۽ ٻيو عڪاسي ڪرڻ سان گڏ مزاحمت به ڪندو آهي. مزاحمت سياسي ۽ سماجي به ٿيندي آهي ته فڪري، نظرياتي ۽ ثقافتي پڻ. منظور ٿهيم جو هي ناول به مزاحمتي آهي، جنهن ۾ مزاحمت جا سڀ ئي رنگ موجود آهن پر سياسي رنگ وڌيڪ نمايان آهي.

ميٽ هيگ جو ناول ۽ اسپيڪيولٽِوِ فڪشن - ڪليم ٻُٽ

ميٽ هيگ (Matt Haig) جو ناول ۽ اسپيڪيولٽِوِ فڪشن

ڪليم ٻُٽ



عام طور ته اهو خيال ظاهر ڪيو وڃي ٿو ته ۲۱ هين صدي ٽيڪنالاجي جي صدي آهي، دنيا تيزي سان ڊجيٽلائزيشن ڏانهن وڌي رهي آهي. هڪڙي پاسي هٿرادو ڏاهپ (آرٽيفيشل انٽيليجنس) جو ڄار وڇائجي رهيو آهي ته ٻئي پاسي ناڻو به ڊجيٽلائيز ٿيندو پيو وڃي، جنهن جو بهترين مثال ڪرپٽوڪرنسي بٽ ڪوائن وغيره آهن.

دوستيءَ جو حق - عطاء الحق قاسمي - همير گاد

دوستيءَ جو حق

ليکڪ: عطاءُ الحق قاسمي

مترجم: همير گاد



“يار تو پنهنجو گهر تمام خوبصورت ٺھرايو آھي!”

“تون ته ڄاڻين ٿو، مون هن تي ڪيتري رقم ۽ وقت وڃايو آھي!”

“ھن جو نقشو تو ڪٿان حاصل ڪيو هو.؟”

“حاصل ڪيو هو؟ تنهنجو دماغ ته ٺيڪ آھي، هي نقشو هڪ بين الاقوامي شھرت رکندڙ ماھر کان ٺھرايو هو.ڏھ لک رپيا ته هن جي صرف مون فيس ادا ڪئي هئي.”

“ڏھ لک صرف نقشي جي فيس ۾..؟”

سڊني شيلڊن جو ناول ٽيل مي يور ڊريمز ۽ گهڻ شخصي مونجهارو - ڪليم ٻُٽ

سڊني شيلڊن جو ناول ٽيل مي يور ڊريمز ۽ گهڻ شخصي مونجهارو

ڪليم ٻُٽ



انسان جي شخصيت جا بنيادي طور تي ٻه اهم پاسا آهن هڪڙي سندس جسماني شخصيت ۽ ٻي سندس نفسياتي شخصيت. جسماني شخصيت جو دارومدار سندس جينز تي هوندو آهي، جڏهن ته نفسياتي شخصيت جو دارومدار، سماج، ماحول، سياسي ۽ معاشي حالتن سان گڏ سندس جنسي تربيت تي هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو واقعو يا حادثو ماڻهو جي نفسياتي شخصيت جو اهڙو ته حصو ٿي ويندو آهي جو ان جا اثر ان ماڻهو جي زندگي جي هر حصي ۾ ظاهر ٿيندا آهن ۽ اهو واقعو يا حادثو سڄي ڄمار ان ماڻهو جو پيڇو ڪندو رهندو آهي.

جيڪو ڏاڍو سو گابو - شبير احمد قريشي

جيڪو ڏاڍو سو گابو

(علامتي ڪھاڻي)

شبير احمد قريشي



اٺ، خچر ۽ دنبو، جھنگ ۾ گڏ گھمي رھيا هئا.

بکايل به هئا ته اڃايل به... منجھند اچي ٿي.

هڪ پاڻي جو دٻو نظر اچي وين. سک جو ساھ کنيائون. پاڻي ته مليو پر بک جو ڇا ڪجي.

دنبي کي پاسي ۾ ڪجھ ڪٽيل ۽ ڪريل گاھ جي ڍيري نظر آئي.

رسول ميمڻ جون سررئيلسٽڪ ڪهاڻيون - خليق ٻگھيو

رسول ميمڻ جون سررئيلسٽڪ ڪهاڻيون

خليق ٻگھيو



رسول ميمڻ هڪ سرريئلسٽڪ ڪهاڻيڪار آهي، پر هڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ هُنَ ڪنهن هڪ سطح، نوع، اسٽائيل يا تصور جي چونڊ ڪڏهن به نه ڪئي آهي، هن جي ڪهاڻين ۾ مختلف طرز جا فني ۽ فڪري تجربا آهن، هُنَ جي ڪهاڻين ۾ پراڻي حقيقت نگاري به آهي ته وري جادوئي حقيقت نگاري Magic Realism به آهي، سندس ڪن ڪهاڻين ۾ ڏند ــ ڪٿائي تصورن جو رومانس آهي ته وري ڪن ڪهاڻين ۾ جديد سائنس ۽ نفسيات جو سنگم آهي، سندس ڪي ڪهاڻيون اکاڻين نما آهن ته وري ڪي ڪهاڻيون جديد مختصر ڪهاڻيءَ جو بهترين نمونو آهن، ڪِن ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيءَ جو مروج فن ابتدا ـــ وچ ـــ عروج/ڪلائيمڪس آهي ته وري ڪي ڪهاڻيون مضمون ـــ نما اَڪهاڻيون آهن، اِيئنءَ هو هڪ جاءِ تي ڄمي نه بيهندڙ ۽ تجرباتي ڪهاڻيڪار آهي، پر سررئيلسٽڪ انداز سندس وڌيڪ سڃاڻپ جو مظهر آهي ان سررئيلسٽڪ انداز کي سمجھڻ کان اڳ پاڻ کي اُهو ڏسڻو پوندو ته سررئيلزم ڇا آهي؟ مطالعي موجب:

ببلو - غفار سومرو

ببلو

مزاحيه ڪهاڻي

غفار سومرو



پهرين ساڄي پاسي مرڪندي نظر کڻي ڏٺائين. پوءِ کاٻي پاسي سنجيدگي وچان نظر ڌري ڏٺائين. هڪ پل بعد وري اڳيان ڄڻ  سامعين سان ڇما ڇم ڀريل پوري پنڊال تي هڪ ڀرپور نظر وجهندي، تقرير جاري رکندي، چوڻ لڳو؛ ”وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پويم ته سنڌي ادب ۾ گهڻي عرصي کان ڪا ڀلوڙ ڪهاڻي پڙھڻ لاء ڪونه ملي اٿم!“