Thursday, December 23, 2021

وفا اسلم شيخ ۽ عشق جو عدد

وفا اسلم شيخ ۽ عشق جو عدد

ننگر چنا



لاڙڪاڻي ساھ سيباڻي کي سَوَ سَوَ سلام جو هُنَ اياز قادري، انيس انصاري، ملڪ آگاڻي، ڪيھر شوڪت، سوڀي گيانچنداڻي، رزاق مھر، اخلاق انصاريءَ جھڙا ڪھاڻيڪار ڏنا ۽ اهو سلسلو پورو نه ٿيو آهي پر اڃا به اڳڀرو ٿيندو رهي ٿو. نوان نوان مسافر ڪھاڻيءَ جي قافلي ۾ شامل ٿيندا رهن ٿا.


سنڌي ڪھاڻي جي انهيءَ سفر ۾ اسان جو وفا اسلم شيخ به پنھنجي ٻئي ڪھاڻي ڳُٽڪي سان گڏ ۽ نئين ڏيک ويکَ سان اچي رَليو آهي. وفا اسلم شيخ هڪ پاسي ڀٽائي جو عاشق آهي ته ٻئي پاسي ڪھاڻيڪار آهي. سندس ڪھاڻي ڪتاب “عدد ناهي عشق” ڪجهه ٽاڻو ٿيو آهي جو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هيءُ سندس ٻيو ڪھاڻي  ڪتاب آهي. وفا اسلم شيخ سنڌي ڪھاڻي جي قديم ۽ سگهاري لاڙي “حقيقت نگاري” جو ساکي آهي. هُنَ کي به ڳالهه کي جيئن جو تئين رکڻ جو ڏانءُ اچي ٿو. هُو اسان جي واقعن ۽ حادظن جو عيني گواھ آهي. هُو پاڻ لکي ٿو؛

“ڪھاڻي لکڻ جو هڪ مقصد اهو هوندو آهي ته ان وسيلي هڪ ليکڪ پنھنجي اندر جي تڪميل ۽ تسڪين چاهيندو آهي، پر ان سان گڏ هڪ ڪھاڻيڪار سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين جو پردو به چاڪ ڪري ٿو. منھنجي ڪھاڻين لکڻ جو مقصد به ساڳيو ئي آهي.”

وفا اسلم جون ڪھاڻيون سادي انداز ۾ اسان کي اسان جو، اسان جي سماج جو، آس پاس جو عڪس پسائن ٿيون.

سندس هيءُ ڪتاب ۱۹ ڪھاڻين تي آڌاريل آهي ۽ هِنَ ڪتابَ جو پُٺ پَنو (بيڪ ٽائيٽل) ڊاڪٽر احسان دانش لکيو آهي ۽ مختصر لفظن ۾ وفا اسلم شيخ جو پنڌ بيان ڪري ويو آهي.

ڪتاب جي ٻَڌَ (بائينڊنگ) ڀلي ناهي ۽ پنو به سادو وَرتايو ويو آهي.

۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۱ع

۲۰ پوھُ ۱۳۹۵ سنڌو سنبت.

 

(ننگر چنا جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


نديءَ جي ڀر ۾ خوابن جهڙيون ڪهاڻيون

ڪهاڻين جو مجموعو “عدد ناهي عشق” جو سرسري جائزو...!

فقير محمد سنڌي

زندگيءَ جو حقيقي خاڪو تصور کان پوءِ ئي جڙي ٿو ۽ تصور ئي آهي جيڪو ڪهاڻي، تاريخ، شاعري ۽ فنون لطيفہ جي زمين کي روح جي آسودگي ۽ پرک مهيا ڪري ٿو.وفا اسلم شيخ جي ڪهاڻي جي مجموعي “عدد ناهي عشق” ۾ تمام گهڻا فڪري منظر ۽ پسمنظر موجود آهن جن جو سڌو سنئون واسطو پهريان تصور سان جهڙيو آهي. ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي ڪتاب جو ٽائيٽل ئي آهي “عدد ناهي عشق” ڪهاڻي جو منظر ڄڻ تصور کان پوءِ حقيقي منزل طرف روانو ٿي رهيو آهي. ڪهاڻيءَ جو ڪجهه حصو پڙهندڙن لاءِ ته : ”هيڏي ته ڏس توکي ڀلا درياھ جي ايڏي سڪ ڇو آ، جنهن مهل ڏس ته درياھ درياھ ٿي ڪرين.”

اُتي سهڻيءَ مسڪرايو ۽ چيائين؛ ”ان ڪري جو مان سهڻي جو آهيان.”

”ڪٿي تون لطيف سائينءَ واري سهڻيءَ جو ٻيو جنم ته ناهين.”

”مان ايڏي خوشنصيب ڪٿي آهيان، ڪاش جيڪر ائين ٿي پوي.“ سهڻيءَ جي مُک تي اداس هوائون وکري آيون.

منصور چيس. “چري پوءِ ان لاءِ تو کي درياھ ۾ ٻڏي مرڻو پوندو.“ سهڻيءَ جي مُک تي وري مرڪ تري آئي.

”ها! ڇو نه. مان ان لاءِ به تيار آهيان، آخر نالو جو سهڻي آ پر ٻڌ تو کي به مون سان ٻڏڻو پوندئي.“

شعور زندگيءَ کي پارسائي جي مقام تي پهچائي ڇڏي ٿو، فطري جبلت جو ڪاٿو لڳائڻ ان ڪري به ڏکيو آهي ته اها جبلت ۽ فطرت هن جي ميراث ۾ آهي جيئن سهڻيءَ جو ڪردار لطيف سرڪار وٽ امر آهي ۽ ائين ئي وفا اسلم شيخ جي ڪهاڻي جو محور به اهو ئي آهي.

ناليوارو شاعر ۽ نثر نويس رضوان گل، وفا اسلم لاءِ لکيو آهي ته :” وفا اسلم پنهنجي روزگار جي حوالي سان فيلڊ ۾ گهمندي ڦرندي ڪهاڻيڪار واري اک سان جاين، شين، ماڻهن ۽ انهن جي روين جو گهرائي سان مشاهدو ڪندو رهي ٿو.”

وفا اسلم شيخ جي ڪهاڻين ۾ مزاح، تنقيد، حوصلو ۽ سماجي گهرائي شامل آهي،جيئن “مرجهايل مکڙي” جو ڪجهه حصو پڙهندڙن جي نظر ته: “او پٽ عاشقي! ٽائيم نه ڏٺو اٿئي. اڄ آفيس ڀلا اها ڇوري ويندي ڇا؟ نظر ئي نه ٿو ڪڍينس، اٿ پرائي ڇوري کاريندين ڇا.” سهيل نظرون دريءَ تان هٽائيندين فراز کي گهروڙي بجو ڏيندي چيو، هيڏي ڙي ٻيھر جي ان کي ڇوري چيو اٿئي ته توکي ڇورو ڇنو ڪري ڇڏيندوسانءِ. “

وفا اسلم شيخ مٿين ڪهاڻي ۾  روز جي معمول موجب ڳالهائيندڙ نج عوامي ڳالھ جا عڪس لطيف نموني سان پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، سنڌي ڪهاڻي جي کيتر ۾ اهڙي نموني عوامي ڳالھ کي ٿورا ڪهاڻيڪار پيش ڪري سگهندا آهن.” بازي “ڪهاڻي به پڙهڻ جهڙي آهي، وفا اسلم جيڪا سماج مان انسپائريشن ورتي آهي ان کي لفظن جي روپ ڪاريگري سان پيش به ڪيو آهي.

“مان جنهن مهل لطيف کي پڙهندي آهيان ته مون کي دلي سڪون ملندوآ، روح کي راحت نصيب ٿيندي آ، سمجهندي آهيان ته مون کي منزل ملي وئي آهي.” ها امارا لطيف دلين جو شاعر آ، هو محبتن جو امين آ، هن محبتن کي معراج بخشيو آ. اڄ ڀلا وائي نه ٻڌائيندينءَ! “ها. ڇو نه، اها ته مان روز ورجائيندي آهيان.

ايندو سڄڻ سائين الا، منهنجو ايندو ڍولڻ سائين.”

وفا اسلم شيخ جي هر ڪهاڻي جو مرڪزي خيال تمام بهترين انداز سان پيش ڪيل آهن. تڏهن ته غلام مصطفي”غم” جتوئي لکي ٿو ته: ”محبت ۾ ڏکن، سورن ۽ وڇوڙن جي ڪري سندس ڪهاڻين ۾ درد ڇلڪندي نظر اچي ٿو. وفا هڪ دلير، بيباڪ وفادار ۽ پرخلوص دوست رهيو آ، جنهن کي سور سهڻ جي مالڪ وڏي سگھ ڏني آ.” هر خواب کي ساڀيان نه ملندي آهي پر وفا اسلم شيخ جي خوابن کي پيڪاڪ جي قمر آفتاب پنهنجي پبليڪيشن جي ۲۱۵هين ڪتاب ۲۰۲۱ع تي شايع ڪيو آهي. ڪپتان ابڙي به هن ڪتاب جي ٽائيٽل کي رنگن جو آشيرواد مهيا ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب به لاجواب آهي.

ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪوھُ ڄاڻان ڪهڙا پرين؟

سهسين  سڄ  الهي،   واجھائيندي   ويام،

تنين  رِءَ سال  ٿيام،  جنين  رِءَ ساعت  نه  سهان. (شاھ لطيف)

دنيا جي عظيم رشتي محبت جي نانءُ.

وفا اسلم شيخ ڪهاڻي جي سٽ سٽ ۾ پنهنجي من جي ڳالھ کي اوتيو آهي. جيڪا ڪهاڻيڪار جي بنيادي سڃاڻپ جو ڏس مهيا ڪري ٿي. محبت جي هر پنڌ کي نئون موڙ  ڏئڻ وفا اسلم وٽ آهي.

تڏھن ته لطيف شناس ۽ ناليواري شاعر ڊاڪٽر احسان دانش بيڪ ٽائيٽل هن ريت لکيو آهي ته: “وفا اسلم پيار جي رند تي پنڌ ڪندي سماجي انياءَ کان سنڌ جي تهذيبي ۽ معاشي مسئلن کي به هن ڪتاب جي ڪهاڻين جو موضوع بڻايو آهي. تخليق جي سفر ۾ وقت قلم ۾ پختگي آڻيندو آهي.”

آخر ۾ وفا اسلم شيخ لاءِ، اياز جاني جون غزل سٽون آهن ته:

ڪا صدين جي اُڃَ  آهي،  آءُ  نيڻن  ۾،

تنهنجو آهي، جو به آهي گهاءُ نيڻن ۾.

او مسافر! پيار جا پَلَ تو ڪڏهن ڀوڳيا؟

تو ڪيو محسوس  ڪو  پٿراءُ نيڻن ۾؟

 

(ڏھاڙي ارادو، عوامي ڪوشش ۽ عدالت لاڙڪاڻو ۾ ۱۵ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment