Monday, December 27, 2021

سج وري نه اُڀرندو - امداد ڪانهيو

سج وري نه اُڀرندو

ننڍڙي ڪھاڻي

امداد ڪانهيو

سج ڌرتي جي ڇيڙي تي بيهي پرئين ڀر ٽُٻيءَ هڻڻ کان پهرين، پنهنجي آخري نهار سان اوڀر طرف ڌرتي جا ڌُنڌلا ٿي پيل سڀ منظر چِتائي رهيو هو!!!.

هر طرف شام وارو ڇانورو پکڙيل هو، جيڪو هاڻ هوريان هوريان انڌاري ۾ تحليل ٿيڻ لڳو هو، ڳوٺ ڏي ايندڙ ڪچي رستي تان سوير ڀرو اُٿيل مٽي وارو لُڙاٺ به هاڻ گهڻي قدر ڇنڊجي چُڪو هو ته ڳوٺ جي ڪنهن ڪنهن گهر جي چُلھ مان، سانجهيءَ واري سانجڻ لاءِ دُکايل دونهون، وٽ سٽ ڏيندي آسمان ڏي ڪنهن هلڪڙي لڪير وانگي اٿيو پئي ته ڳوٺ جي ڪنهن ڪنهن گهر ۾ وري مال جي وٿاڻ ۾ مڇر ڀڄائڻ لاءِ دُکايل دونهين جو اُٿندڙ گهاٽو دونهون، گهرن مٿان پري کان ڪنهن گهاٽي ڪارونڀار جيئن ڏسڻ ۾ ٿي آيو.، مال جا ڌڻ به ٻنين ٻارن ۽ ڀيلاڙن مان موٽي وٿاڻن تي واپس اچي چُڪا هئا.


اُن مهل سُهڻي جِست جي چوئنري ۾ پاڻي کڻي اچي ڀُوري مينهن کي ڍنگ ڏيڻ لڳي هئي، سنهو رسو مينهن جي پوئين ٻنهي ٽنگن کي ورائيندي سُهڻي مينهن کي سوگهو ڪري سوڙهو ڪيو ته ڌني به گاھ جو ڀاڪر کڻي اچي مينهن اڳيان سٽيو، “ٻئي مال کي گاھ پوءِ وڃي ڏجان!، پهرين کير ڏُهائي ڪرائي وٺ متان مينهن ڪو کيٽو ڪري!”.

مال جي پگهاردار ڌني کي هدايت ڏيندي سُھڻي مينهن جي هيٺان پاڻ سئولي ٿي ويٺي ۽ جِست جي چئونري ۾ پيل پاڻي سان ڀوري مينهن جا چارئي ٿڻ ڌوئڻ لڳي.

ڌني ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي ۽ پٽ تي پيل جنتر جي سُڪل ڪاٺي کڻي مينهن جي اڳيان ٿي بيٺو، رکي رکي ڌني مينهن جي ڪنڌ ۽ پُٺيءَ تي پنهنجو هٿ ٻُچڪار ڏيندي گُهمائي ٿي ورتو ته مينهن کي ڄڻ آسيس پئي مليو!.

جنهن هٿ ۾ جنتر جي سُڪل ڪاٺي ڌني جهلي هئي ان ئي هٿ سان گڏ ڌني مينهن جي مُڇيءَ وارو رسو به ڪنهن ڪنهن مهل جهلي ٿي ورتو جو مينهن ڪنڌ لوڏيندي ٿوني هڻڻ جي ٿي ڪئي، ڌني پنهنجي ٻئي هٿ سان مينهن جي ڪنڌ ۽ پُٺن تي هٿ گُهمائيندي گاھ به سئولو ۽ ويجهو ڪندو رهيو، جيڪو مينهن تڪڙو کائيندي کُٽائيندي پئي وئي.

سُھڻي چئونري ۾ بچيل پاڻي کي هيٺ پٽ تي هاري، مينهن جي اوھ تي هڪ ڀيرو ڀرپور هٿ ڦيريو ۽ پوءِ کير جا گوها ڪڍڻ لڳي، واري واري سان کير جي تيز ڌار، جِست جي چئونري ۾ پوڻ سان عجيب موهيندڙ موسيقي پئدا ڪرڻ لڳي پر سُھڻي ان کان بي خبر چُپ چاپ تڪڙا تڪڙا کير جا گوها ڪڍندي رهي ۽ مينهن گاھ کائيندي ڌني جي هٿ جو ڇُھاءُ وٺندي رهي.

جنهن وقت سُهڻي کير جي اڌ چئونري ڀري ورتي اُن مهل بادل ٻني تان ايندي گهر ۾ گهڙيو ته بادل جي نظر اڱڻ جي ڪُنڊ وٽ پاڻي جي نلڪي تي سامهون بيٺل ڀائٽئي راڻي تي پئي، راڻي پنهنجي چاچي بادل کي سامهون گهٽي مان ايندي ڏسي هڪ اڌ ڀيرو نلڪو هلايو ۽ پوءِ پُٺيرو پرتي وڌي ويو، بادل جو اڱڻ ۽ بادل جي ڀاءُ سانوڻ جو اڱڻ گڏوگڏ هيا، وچ ۾ رڳو ٽي فوٽ جو ننڍو ٻنڙو هيو.

ننڍي ٻنڙي جي هُن ڀر سانوڻ جي گهر جو آڳر هو ۽ آڳر جي ڪُنڊ تي موجود رڌڻي جي لانڍيءَ جي اوٽ ۾ سانوڻ سوير ڀرو اچي ويٺو هو، بادل جي گهر اچڻ کان پهرين، سانوڻ جو پُٽ راڻو پنهنجي اڱڻ جي ڪُنڊ وٽ نِم جي وڻ هيٺ نلڪي تي پنهنجي پيءَ سانوڻ جي پُٺيان بيهي چاچي بادل جي رڌڻي ۾ پنهنجيون اکيون وڃايو بيٺو هو ته رڌڻي جون نگاهون به چاچي جي آڳر تي بيٺل نِم جي وڻ هيٺ ڪِريون پيون هيون. اِھي هڪٻئي ۾ ڪِري پيل چار نيڻ پوين گهڻن ئي ايامن کان هڪٻئي ۾ اٽڪي پيا ها پر اخلاق جون حدون ۽ وڏڙن جي حياءَ سبب هڪ لڪير تائين رهجي ويا ها، هونئن به ٻنهي کي پڪ هُئي وڏا پاڻ ۾ ڇِڄندا ڪڏهن به ڪونه!.

سانوڻ به ان وچ ۾ ٻچن جو نِينهن ڏسي پنج ست ڀيرا ڀاءُ کان نائله جو سڱ پنهنجي پُٽ راڻي لاءِ گهري ورتو هو پر بادل سدائين ڀاءُ کي چيو هو، “ٻار اڃان ننڍا آهن، وڏا ٿيندا ته ان کان وڌ ڀلا ٻي ڪهڙي جاءِ هوندي؟.”

بادل جي سدائين اهڙي جواب تي سانوڻ مطمئن ٿي پيو ٿي ته نائله ۽ راڻي ٻنهي جي دليون ڌڙڪي ٿي ويون ۽ ڌڙڪي دليون بي قابوءَ ٿي پيون ٿي، دل جي اُن تِکي رفتار ۾ ڌڙڪڻ سان هُنن کي راحت ملي ٿي، خُوابن جي ڪڍ مليل راحت آڌار هُو هڪٻئي کي ڏسي مُرڪي پوندا ها پر هڪٻئي سان ڳالهائيندا نه هئا، اڱڻن جي ڇيڙن کان بيهي هڪٻئي کي صبح شام نھاريندي هُنن پريت جا ڪئي انجام ورجايا ها.

ُاُن شام بادل ٻاهران ايندي اڱڻ تي پيل کٽن مان هڪ کٽ تي ويهندي ئي ڌي کي سڏ ڪيو، “نائله..........

بادل جي سڏ سان نائلا جي بُت مان سمورو ست ڇڏائجي ويو، راڻي جي اوچتي پويان مُڙڻ ۽ پيءَ جي ائين سڏڻ سان کيس لڳو پڪ بابا راڻي کي تڪيندي ڏسي ورتو آهي، ڪو اشارو ڪندي جهلي ورتو اٿس، خوف سندس روح مان ور وڪڙ کائي وريو ته هُن هٻڪندي چيو، “آئي بابا.....

نائلا جي رڌڻي مان جواب ڏيڻ سان ئي سُھڻي کير ڏُهندي ٿورو جُهڪي مينهن جي پيٽ هيٺان اڱڻ ڏي مُڙس بادل ڏانهن نهاريو ۽ وري سِڌي ٿي مينهن ڏُهڻ لڳي وئي، نائله جي رڌڻي مان ٻاهر ايندي، بادل ڌي کي پاڻي وٽي جو چئي مٿي ۾ پيل پنهنجي ٽوپي لاهي هنج ۾ رکي ۽ ڪُلهي تان ٽوال ڇڪي پنهنجو پگهريل نراڙ ۽ مُنهن اُگهڻ لڳي ويو ته نائلا دل ئي دل ۾ شُڪراني جا ڪئي لفظ تڪڙا ورجائي ورتا.

مينهن جي ٽنگن مان رسو ڇوڙيندي سُهڻي کير جي ڀريل چئونري سنڀالي کئني ۽ ڌني کي چيائين، “هاڻ ڀلي ٻئي مال کي وڃي گاھ ڏئي وٺ!”.

نائله پاڻي جي وٽي سان گڏ اندران وهاڻو کنيو آئي هُئي ته پاڻي وٽو بادل کي ڏيندي وهاڻو سيراندي کان رکي واپس رڌڻي ڏي موٽي وئي، بادل اڃان پاڻي جو وٽو پنهنجي چپن سان لڳايو ئي مس هو ته سُهڻي اڱڻ چڙهندي چيو، “ڪيترا ڀيرا چيو اٿم ڀٽاري کير کڻي وئي آ، ڪنهن سُئا ڍڳيءَ ٻڪري جو ئي ڪو بِلو ڪر، پر تون آهين جو ڪو ڪن ئي نٿو لائين!”.

بادل پاڻي پيئندي زال جي ڳالھ ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي پر سُهڻي رڌڻي ڏي ويندي وري ڳالھاڻي، “منهنجي ته گهر ۾ ڪا هلي ئي نٿي!، الائي ماڻهو به سمجهين ٿو ڪي ڍور......

“اڃان ته ڀٽاري چئنوري ڀري پئي ڏئي!”، بادل وٽو کٽ جي اِيس تي رکندي چيو، “جڏهن کڻي کير کُٽايائين، تڏهن ڏسنداسين”.

“تڏهن وري ڇا ڏسندي؟، جڏهن هيئنر ئي ڪو ڪن نٿو لائين!”، سُهڻي خار کائيندي چوڻ لڳي، “چئونري ڀري پئي ڏئي سو ته ڌني کان پُڇ!، جيڪو گاھ ڪري ڪري اچي اڌ مُئو ٿيو آ.”

“ڌني کي گاھ ئي ته ڪرڻو آهي، ٻيو وري ڪهڙي بئنڪ هلائڻي اٿس!”، بادل به تپندي زال کي چيو، “پگهار به انهي مال چارڻ جو ئي وٺي ٿو، نه ڪي منهنجي مُنهن ڏسڻ جو!.”

“ها اٿس ته گاھ ئي ڪرڻو....... پر گاھ به هوندو تڏهن نه!”، سُهڻي چيو، “سوڪهڙي اچي مُلڪ جا تر ڪڍيا آهن، هاڻ ڏينهن ٻه چار ۾ ئي سڀ خبر پئجي ويندي....... ڌني کي به ته تو کي به!.”

سُهڻي رهڙ ڏيندي کٽ جي اِيس تان وٽو ۽ ٻيا ٻاهر رهجي ويل ٿانءُ ٿپا اڱڻ تان کڻندي وري رڌڻي ۾ هلي وئي ۽ بادل کٽ تي آهلجندي چپن ۾ ئي ڀُڻڪيو، “ڀيڻان گهر آ يا ٿاڻو.... گهر اچ ته سدائين ساڳيو اجايو پِٽڪو..... هي ڪونهي هُو ڪونهي.......

“ڳالھ نه مُهاڙ پر ڪو نه ڪو بم مٿي تي سدائين کنيو بيٺي آ....... ڪير سمجهائي زال ذات کي، اسان جهڙي کي مجال آ جو اهڙي مُڃ ۾ وات وِجهي.......

اُڀو ٿيندي بادل وهاڻو ٽيڪ لڳايو، نائلا رڌڻي ۾ سانجڻ لاءِ چُلھ ٻاري ورتي هُئي، ان مهل بادل سگريٽ ڪڍي دُکايو.

جڏهن بادل سگريٽ مان چوٿون ڪش ڀري هنيو تڏهن سُهڻي به پنهنجي ڪم ڪار مان واندي ٿي، کير، ٿانءُ ٺِڪر سئولا ڪري اچي اڱڻ تي پيل ٻي کٽ تي بادل جي ڀر کان ويٺي، شام واري گُهٽ ۽ هوا بند، مٿان تکو هلندي ڪم اُڪلايا هئائين ته اچي هانءُ کي هانڀارو لڳس، اُڀ ساهي مان پوتي مٿي تان لاهي مُڙس جي ڀر کان ويهي پوتي سان پاڻ کي هوا هڻڻ لڳي.

بادل سگريٽ مان وري سُوٽو هڻندي زال کان پُڇڻ لڳو، “جانڻ ۽ نورل نٿا ڏسجن؟”.

“جانڻ ته پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ لکي پڙهي پيو روز وانگر، باقي نورل ته اڃان نوڪري تان وريو ئي ناهي اڄ”.

“۽ هُو سڀاڳو گُلڻ به ته نٿو ڏسجي، ڪيڏانهن ويو آ؟”.

“اِتي ئي هوندو هڪ جيڏن سان يا ٻاهر تلاءُ تي انهي وروءُ سان گڏ ويٺو هوندو ٻيو وري ڪيڏانهن ويندو....

“الائي انهي چڱي مُڙس جي ٺڪاڻن جي ته ڪا خبر پوي ئي نٿي!”، بادل چيو، “ڇورو نڪمو ته هيو ئي پر هاڻ جام رول ٿي ويو آ، آڌيءَ تائين تلاءُ تي، راشوءَ جي دڪان تي يا وري ڳوٺ ٻاهران رستي جي مُھڙ تي انهن واندن سان پيو هوندو آ، نه ڪا ذميواري اٿس نه ئي ڪو لڇڻ!.”

“ڪجھ وڏو ٿيندو ته احساس ٿيندس ئي!”، سُهڻي چيو،” اڃان ته الهڙ آهي، کيڳلايون ته ڪندو ئي... وهي جو اهڙي آ......

“کيڳلايون ته جانڻ ۽ نورل به ڪن ها پر نه اُهي ته سپوٽ ها، پڙهي لِکي اڄ منهنجو نانءُ روشن ڪيو اٿن، جڏهن کان جانڻ ماستر ۽ نورل وڃي سپاهي ٿيو آ، تڏهن کان راڄ ڀاڳ ۾ منهنجو مان ئي وڌي ويو آ، باقي هڪ هي آهي نڀاڳو اٺين کان اڳتي پڙهيو ئي ڪونه!، مٿان وري گهر کان به واندو وتي ٿو لُچن سان رُلندو.”

“اڃان ننڍو آهي، وڏو ٿيندو ته سمجھ اچي ئي ويندس”، سُهڻي چيو، “باقي تون ته رُڳو منهنجي ٻچي جي پويان پيل آهين!.”

“بلي بلي.... او اِهي... پاسا جهلي ٻيڙا ٻُوڙينس! “، بادل چيو، “تنهنجو ٻچو آ باقي منهنجو لڌل آ..... ها نه؟، اڙي مٿو ٿي وڍينس اِهي وٽ وراڻيون ڪري....

“تون ته آهين ئي اڌ مغزي!”، سُهڻي چِڙندي بيزاري مان چيو، “اچي سانڀر ۾ پيو آ جي ٻچو ڪنهن هڪ جيڏي سان اُٿي ويهي ٿو ته اصل چِڙ ٿي لڳنئي، مٿان اڃان روزگار نه اٿس ٻه چار ڏوڪڙ به گهرئي ٿو ته خار ٿا چڙهنئي، تپي باھ ٿو ٿين ۽ هوڏانهن جانڻ ۽ نورل جي پگهار جا پئسه ٿا ملنئي ته اتي انهن جي واھ ئي نٿو وڃڻ ڏئين، لالچ ڪارڻ رڳو منهنجي هِن ٻچي جي...

“چُپ ڪر!”، بادل کي ڪاوڙ اچي وئي، سگريٽ جو فلٽر پٽ تي اُڇلائيندي چيائين، “انهن هٿ ناٽين سان ستيا ناس ڪيو آ تو ته ڇوري جو!.”

“مان ڪا دشمن آهيانس ڇا؟، جو پنهنجي ٻچڙي جو ستيا ناس ڪندس!”، سُهڻي چيو، “ڀلي گُهمي ڦري، کائي پئي..... منهنجي ٻچي کي پرواھ ئي ڪهڙي.....

“تون نه سُڌرندين!”، بادل چيو، “پڙهڻ ته نه ڏنئيس پر هاڻ ٻيڙو ٻُوڙينس اڃان.”

“رڳو ٿو بڪ بڪ ڪرين”، سُهڻي چوڻ لڳي، “گهر ايندي ئي وڙهان وڙهان ٿو ڪرين!، ڪجھ ته خوف خُدا ڪر بندا... ...

سُهڻي پاران ڏنل خُدا جو ڀئو ٻُڌندي بادل چُپ ٿي پيو، هونئن به گهر ۾ ٿيندڙ سدائين واري چِڪ چِڪ ۽ تُون ڇا تُون ڇا ۾ اول خاموش ٿيندو ئي بادل هو، زال جون انيڪ خبرون ٻُڌي ٻُڌي پچي پڄري پوندو هو، سدائين سوين خار به چڙهندا ۽ لهندا هئس، بيزار به ٿي پوندو هو ته روح به ڏاڍو ڪندو هئس ته اهڙي مهل ڪو ممڻ مچائي، لٺ ڌُڪو کڻي ڪو هُل ڪري، جُتي پادر کڻي ڪو زيپٽ ذرڙو ڪري پر سُهڻي جي زبان کيس ڪو وارو ئي نه ڏيندي هئي ٻيو جوان ٿيندڙ پُٽ ۽ سمجھ ڀري نياڻي ڏي ڏسندي اصل سڀ خار سندس دل ۾ ئي رهجي ويندا هئا، مار موچڙو هُن جي وس جي ڳالھ نه هُئي ته هُو وڙهڻ ڪم ڪُتن جو سڏيندو هو، مٿان سُهڻي جا گُفتا کيس ورائي ويندا ها، پوءِ هُو خاموش ڀِت ٿي کٽ تي پئجي رهجي ويندو هو ۽ سُهڻي هئي جا پوءِ به گهڻي گهڻي دير تائين پئي ڀُڻ ڀُڻ ڪندي هُئي.

اڄ به ائين ئي هُو ٽوال سان مُنهن ڍڪي سُمهي رهيو ته جيسي وڃي ماني ٺهي ۽ ماني کائي الوٽ ٿي پوي پر هُو ته فقط مُنهن ئي ڍڪي سگهيو، پنهنجا ڪن ڍڪي نه سگهيو، جو اڃان به سُهڻي پئي ساڳي ڀُڻ ڀُڻ ڪئي ۽ زال جا اُهي گُفتا ٻُڌي بادل ڳريو پئي پر ڪُڇي ڪجھ به نه سگهيو.

گهڻي دير کانپوءِ به جڏهن سُهڻي طعنو ٽُڻڪو بند نه ڪيو تڏهن بادل هوريان سُهڻي کي چيو، “ٻُڌ مان چوان ٿو هاڻ جانڻ ۽ نورل جي شادي ڪرايون، روزگار سان به لڳي ويا آهن ٻئي ته شادي جي عمر به ٻنهي جي آهي!.”

“تو کي گهر ٻار جي اهڙي سوچ ۽ فڪر ڪٿي!؟.” سُهڻي چيو، “منهنجا ٻچا پوين چار ورهين کان سرڪاري نوڪري سان آهن، هرڪو اکيون پوري کڻندن پر تون جي پنهنجا کنڌا کڻڻ بند ڪرين ته!.”

زال جو وار بادل کي روڙي ويو پر زهر جو ڍُڪ ڀريندي هُن زال جي طعني کان ڄڻ پاڻ گُسايو ۽ چوڻ لڳو، “چڱو پوءِ پاڻ سُڀاڻ ئي سانوڻ وٽ هلون ٿا، سڱن جي ڳالھ پڪي ٿا ڪري وٺون ۽ ايندڙ حج واري مهيني ۾ موڪل گهرنداسين ڪاڄ جي.”

“سانوڻ وٽ ڇو!؟”، سُهڻي تعجب وچان پُڇيو.

“سانوڻ وٽ ڇو جو ڇا مطلب؟”، بادل چيو، “سانوڻ منهنجو اڪيلو ڀاءُ آهي، کيس آهن ئي ٻه نياڻيون ۽ هڪ پُٽ، ان کان وڌ ڪا ٻي جڳھ؟، انهن جو وارث مان ئي ته آهيان ۽ هونئن به سانوڻ ته ننڍي لاڪون پنهنجون ٻئي ڌيئر پاڻ کي ڏيو ويٺو آ سا ته راڄ سموري کي خبر آ....

“مان سانوڻ ٻانوڻ سان مائٽي ڪونه ڪندس، سانوڻ جي گهران پنهنجا پُٽ نه پرڻائيندس”، سُهڻي چيو، “منهنجي ڳالھ ڪن کولي ٻُڌي ڇڏ، مون پنهنجا پُٽ تنهنجي ڀاءُ سانوڻ جي ڌيئن لاءِ ته پڙهايا لکايا ڪونه هئا جو اِهي ڪوجھيون سوجهيون کڻي وٺندس.”

“اڙي چوين ڇا ٿي!!؟”، بادل ڀاءُ جي اڱڻ ڏانهن نهاريندي چيو، “آهستي ڳالهائي وات اٿئي يا دُهل! ۽ منهنجيون ڀائٽيون سدا ملوڪ سلڇڻيون آهن، پوري ڳوٺ ۾ هنن جي صورت ۽ سيرت جهڙي کان سُجهئي ٿي ته ٻُڌائي؟، ۽ ٻيو سانوڻ منهنجو ڀاءُ آهي سڳو ڀاءُ....

“سڳو هجي يا کڻي ويڳو....... مون کي ناهي خبر!”، سُھڻي چيو، “رنج رهين يا خوش...... باقي مان ته پنهنجا پُٽ ڌيئر پنهنجن مان ئي پرڻائيندس بس!.”

“پوءِ سانوڻ پنهنجو نه پرايو آهي ڇا؟.”

“چيم نه پنهنجو هجي يا پرايو منهنجو ڇا؟، مون ڪو ٺيڪو کنيو آ؟، مان ته هڪ پُٽ پنهنجي ڀاءُ جي گهران پرڻائيندس ٻيو پنهنجي ڀيڻ نُوران جي گهران”.

“پر اُهي ٻئي نينگريون ته اڻپڙهيل به آهن مٿان وري موڳيون ڀي.. جڏهن ته سانوڻ جون ٻئي نينگريون پڙهيل لکيل به آهن ته.....

“ پڙهيل ناهن ته ڇا ٿيو؟ گهر ته ٺاهينديون ئي!”.

“پر سانوڻ ته شروع کان ئي مون ۾ آس لڳايو ويٺو آ ته ڀاءُ آهي ڀاءُ سان گڏجندس....

“نوڪري واري ۾ ته هرڪو آس لڳايو ويٺو هوندو آ پوءِ ڇا سڀني سان پنهنجا پُٽ پرڻائيندس؟. الائي ڪيترا ماڻهو پيا جانڻ ۽ نورل جي لاءِ رشتو ڏيڻ جا وس ڪن، منهنجا پُٽ پڙهيل نوڪري وارا آهن ته سڀن جي اک ۾ ئي آهن.”

“الله جي ٻانهي ائين نه چئو ۽ سانوڻ منهنجو ڀاءُ آهي، ڀاءُ جون نياڻيون نه ورتم ته راڄ مون کي ٿُڪون هڻندو ۽ سدائين لاءِ اسان ڀاءُ به ٽُٽي جُدا ٿي وينداسين.”

“قبر ۾ به گڏ ويندو؟، هاڻ ٻُڌائي ٻئي ڀاءُ مرڻ کانپوءِ هڪ ئي قبر ۾ هوندئو؟”.

“چوين ڇا ٿي؟، اِهو ڳالهائين ڪيئن پئي!؟”.

“ سهي ئي چوان ٿي!”، سُھڻي چيو، سِڌي ڳالھ ته تو کي وڻي ئي نٿي”.

“اڙي ڪا رت برادري به هوندي آ يا وري.....

“مون چئي ڇڏيو....... نه ته بس نه. مان سانوڻ سان مائٽي ڪونه ڪندس ته ڪونه ڪندس بس!.”،

سُھڻي اُٿي رڌڻي ڏي هلي وئي، بادل جيڪو زال سان جھٽ پٽ ۾ اُٿي سِڌو ٿي ويهي رهيو هو سو وري پُٺن کان وهاڻو ڏئي ٻئي هٿ ڪياڙي کان ورائي ڪنڌ کي هٿ جي ترين جو سهارو ڏئي آهلجي پيو.

آهلجي ڇا پيو ٻوڏار ۾ پئجي ويو.

سوچ جي سٽ اُلجهي پئي هئي سا سُلجهي نه سگهي، بادل خان کٽ تي پئي ٻوڏار مان نڪري نه سگهيو، هُن کان سگريٽ ڇِڪڻ به وسري پيا، نه ته هُو هر هر پيو سگريٽ دُکائيندو ۽ ساڙيندو هو.

آڌيءِ اچي پوين پساهن ۾ پئي هُئي، جانڻ پنهنجي ڪمري مان نڪري ماني کائي وري وڃي پنهنجي ڪمري ۾ گهڙيو هو، نورل به نوڪري تان اچي وهنجي ماني کائي پنهنجي کٽ تي ليٽي پيو هو، نائله رڌڻي مان ٿانءُ کنيا پئي، گُلڻ اڃان پنهنجي سنگتين کان نه وريو هو، انهي وچ ۾ سُھڻي ٻه ڀيرا ماني کڻي بادل وٽ آئي هئي پر ماني هُئي جا بادل خان کي اڄ وڻي ئي نه پئي!، تڏهن ٻئي ڀيرا زال سُهڻي کي پوءِ کاوان ٿو چئي ماني موٽائي ڇڏي هئائين.

بادل خان کي ڪجھ به نه پئي وڻيو، ائين نائله کي به اڄ ماني نه پئي وڻي، سُهڻي به ماني کائي ورتي هئي ته گُلڻ جي ماني نائله رڌڻي ۾ ڍڪي رکڻ لڳي ان مهل وري سُهڻي ٽيون ڀيرو بادل لاءِ ماني کڻي آئي، ماني کٽ تي رکندي سُهڻي چيو، “وڻئي ته ماني کاءُ، نه وڻئي ته نه کاءُ...... باقي پنهنجا پُٽ مان اِتان ڪونه پرڻائيندس. منهنجي ڳالھ ڪن کولي ٻُڌي ڇڏ جتان مان چاهيان ٿي اتان ئي پُٽ پرڻائيندس سو به هن ئي سال.”

“هن سال!؟؟”، بادل خان ٽِپ ڏئي اُٿيو ۽ سڌو ٿي ويهندي زال کان پڇيائين، “هِن سال! ؟؟”.

“ها هن ئي سال....

“هن ئي سال ته نه پرڻائي سگهندين پوءِ؟”، بادل چيو،

“ڇو؟ هن سال ڇا هي جو نه پرڻائي سگهندس؟؟.”

“پنهنجي پسند تي پرڻائيندين ته پوءِ هن سال نه!”، بادل ماني پاڻ ڏانهن سوريندي چيو، “مون کي به راڄ ڀاڳ ۾ مُنهن ڏيکارڻو آهي، برادر ۾ اُٿڻو ويهڻو آهي، جيڪر ڀاءُ کي ڇڏي يڪدم پُٽ هيئنر تو زال جي مائٽن مان پرڻايم ته راڄ ڀاڳ ۾ ڪهڙو نڪ کڻي هلندس؟، مٿان ڀاءُ جو به مياري ٿي پوندس....

ماني مان گرھ ڀڃندي بادل چيو، “تون پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان نورل ۽ جانڻ جي رشتي جي پڪ ڪري ڇڏ، مان سانوڻ سان پنج ڇھ ورهيه بهانا ڪندس، سڀ مامري کي اِينگهائندس، هُن کي ٽاريندس، دهمان ڪندس، هُن جي عزت نه ڪندي هُن کي ڌڪاريندس، هُن کان نياڻيون اهڙي طرح گُهرندس جو هُن کي لڳي مان هُن کان نياڻيون گُهري هُن تي احسان پيو ڪريان ۽ ائين ڪرڻ سان تنگ ٿي نيٺ هُو پاڻهين ئي جان ڇڏي ويندو ۽ مان برادر ۾ چوڻ جهڙو ٿي پوندس گهڻو ئي گُهريم پر ڀاءُ مون سان مائٽي ڪئي ڪونه.”

“ معني سڄو لعنتاڻو سانوڻ تي ڏيندي؟”.

“ها........ ٻي ڪا واٽ ناهي......

“ها ائين به سهي آ، اسان ڪو ٺيڪو ٿورئي کنيو آ”، سُھڻي کلندي چيو، “ڀلي لعنتاڻو اچيس يا ڇا اسان تي ڪهڙي بار ڀري ۽ تون چُپ ڪري هاڻي ماني کاءُ.”.

“ها نه وٺنداسينس ۽ رشتيداري کان لنوائيندي سانوڻ کي آسرن ۾ جام رُلائينداسين ته پاڻهين ٻئي پاسي وڃي ڪٿي مائٽي ڪندو”، بادل چيو، “بس ان ۾ ٿورو وقت ضرور لڳندو پر رستو صاف ٿي ويندو ۽ ڪا ميار به سانوڻ جي نه رهندي.”

“ دير جي خير آ”، سُهڻي چيو، “مُڙسالن جي چاليھ پنجاھ ورهيه ڄمار به ڪا ڄمار آ ڇا!.”

“ ها گهوٽ ۽ گهوڙا ٿورئي ڪڏهن پوڙها ٿيندا آهن!”، چوندي بادل خان وات ۾ پيل گرھ چَٻاڙيو ته رڌڻي جي در وٽ، اوٽ ۾ بيٺل نائله جي اکين جا بند ٽٽي پيا ۔ هن کي لڳو ڄڻ اوڀر مان اڀرندڙ مهيني جي پوياڙي واري ڌنڌلي چنڊ کي نااميدي جي گرھڻ وٺي وئي هجي ۽ ھن جي محبت جو روشن سج وري نه اڀرندو!!


 

ليکڪ جو مختصر تعارف

اصل نالو: امداد علي



ادبي نالو: امداد ڪانهيو، آگم منڙو

والد جو نالو: خيرمحمد

ذات: ڪانهيو

جنم: ارڙنهن آڪٽوبر

تعليم: بي. اي، ايم. اي، ايل ايل، بي.

ڪرت : وڪالت

رهائش: سنڌڙي ميرپورخاص

پيدائش: نوابشاھ

لکڻ جي شروعات: سنڌي ٻارڙا ۱۹۹۵/۹۶ کان

صنفون : ڪهاڻي، ناول نثري نظم، نظم، وائي، غزل، ٽيڙو

ڪتاب : مان هِت جنم نه وٺندس (ڪهاڻيون) ۲۰۱۳

آگم پريت آغوش ڌرتي (ناول) ڇپائي جي مرحلي ۾.

مخزن ۽ اخبارون: سنڌي ٻارڙا، گل ڦل، ارچڪ مرچڪ، مهراڻ، نئون نياپو، سوجھرو، نئين زندگي، مُرڪ، ڪهاڻي ڊائجسٽ، ڪاوش، عبرت ۽ ٻيو۔

 


 

ڪھاڻيءَ تي ويچار

ويچار ونڊيندڙ: رزاق سھتو



ڪهاڻي: وري سج نه اڀرندو

ڪهاڻيڪار: امداد ڪانهيو

ڪهاڻي جي عنوان تي پهريون ڳالهائجي عنوان “وري سج نه اڀرندو” پهريون ته غير فطري ٿو لڳي. سج ته اڀرڻو ئي اڀرڻو آهي. شايد ان ڪري ئي ڪهاڻيڪار ڪهاڻي کي انهيءَ جملي تي به ختم ڪري ٿو. مون سوچيو ته متان علامتي يا تجريدي طور عنوان کنيو آهي ائين به ناهي. منهنجي خيال ۾ ڪهاڻيءَ جي عنوان رکڻ جون ٻه صورتون هونديون آهن. هڪ تخليقڪار جي ذهن ۾ عنوان ڪنهن پهاڙي گل جيان اڀري ايندو آهي. ٻيو ڪهاڻي لکي پوري ڪري پڙهي ڪهاڻيءَ منجهائي کڻبو آهي. هتي هڪ عنوان ڪهاڻي مان ئي نظريو آهي. جيئن ته سج تيز روشنيءَ وارو آهي. چنڊ تخليقڪارن جو محبوب ساٿي آهي. ته عنوان هيئن هجڻ گھرجي “ڌنڌلو چنڊ”

هي عنوان پياري ڪانهيو جي ڪهاڻي مائي کنيو آهي. جديد ڪهاڻي ۾ ائين وڏا ڊگھا عنوان رکيا وڃن ٿا ۽ ڪتابن تي پڻ اهڙا علامتي عنوان پڙهندا رهون ٿا.

ڪهاڻيءَ جي شروعات ۾ ايڏي جاندار منظر نگاري ڪيل آهي جنهن کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگھجي پر ڪهاڻيءَ کان الڳ ٿي بيٺي آهي. اسان کي اهڙي قسم جي ڊگھي منظرنگاري ڪهاڻي ۽ ناول جي بابن ۾ روسي ادب ۾ ملندي آهي. ڊگھي منظرنگاريءَ کانپوءِ ناول جي باب يا ڪهاڻي جي شروعات ٿيندي آهي اها سندن مال ڪمائڻ جي مجبوري هئي. جيئن پبلشرکان گهڻا پئسا ملي سگھن. جديد ڪهاڻيءَ ۾ ائين ناهي. ڪردار سان گڏ ننڍڙن جملن يا بياني انداز ۾ منظرنگاري ڪري تخليق کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. ڪهاڻيءَ ۾ جيڪڏهن امداد ڪانهيوسهڻيءَ جي مينهن واري منظرکان ڪهاڻيءَ کي کڻي ها ۽ ڪهاڻيءَ جي شروع ۾ ڪيل منظر نگاريءَ کي ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرين ۾ ڪهاڻيءَ ۾ سمائيندو اچي ها ته منظر نگاري فطري طورڪهاڻيءَ ۾ سمائجي وڃي ها ائين اوپري ۽ الڳ نه لڳي ها. ان فارميٽ ۾ جيڪڏهن منظر نگاري جا شروعات ۾ آهي ڪهاڻيءَ مان ڪڍي ڇڏجي ته ڪهاڻيءَ تي ڪوبه فرق نه پوندو. شروعاتي منظر نگاري ڪهاڻيڪار جي لاشعورمان لفظ چشمي جيان اڀري آيا آهن.ڄڻ ڪنهن حسين عورت جي ٻانهن ۾ رابيل جا گجرا پاتل هجن. ڪهاڻيڪار ٿوري محنت سان شروعاتي منظر نگاري ڪهاڻيءَ جي مختلف حصن ۾ آرام سان سموئي سگھي ٿو. منهنجي صلاح آهي ته ڪهاڻيءَ جي شروعات ئي “سهڻي جست جي چونئري ۾ پاڻي کڻي اچي ٿي.” کان ٿيڻ گھرجي ٿوري ٿوري منظرنگاري به ايندي وڃي.

پياري امداد پورو هڪڙو جملو لکي ڇڏيو آهي ته “سنهو رسو مينهن جي پوئين ٻنهي ٽنگن ۾ وارائيندي” جڏهن ته رڳو لفظ “ونگ” لکي ها ته پڙهندڙ سمجھي وڃي ها ته مينهن يا ڳئون کي ڏهڻ وقت ونگ وجھي ڏهبو آهي.

ڪهاڻيءَ کي مهمان ڪردارن جيئن “ڌني” جو ڪردار انهن جي گفتگووغيره اهڙا ڪردار ڪهاڻيءَ ۾ جان پيدا ڪندا آهن. ڪهاڻيڪار ڪنهن ماهر جوهريءَ جيان ڪهاڻي جي هار ۾ هيري جي صورت ۾ جڙي ڇڏيا آهن. ڪهاڻيءَ ۾ ٻه پهلو آهن. هڪڙو رت جي رشتن جي بي رخي ڪهاڻيڪار رت جي رشتيدارن جي رت کي دانگيءَ تي ٽچڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ڪهاڻي پڙهندي اندر ۾ سنهيون سنهيون سيون لڳڻ شروع ٿين ٿيون. منهنجي صلاح آهي ته جيڪڏهن رڳو ڪهاڻيڪار ان موضوع سان نڀاءُ ڪري پئي سگھيو ته ڪهاڻي جي ٻئي پهلو پيار محبت جي ڪهاڻيءَ ۾ انٽري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. امدا کان پيار محبت وارو پهلو مٺ ۾ بند واريءَ جيان کسڪي ويوآهي. جيڪڏهن ڏيکارڻو ئي هئو ته سئوٽ ماسات پاڻ ۾ ملاقاتون ڪندا رهندا آهن. هڪ ٻئي سان انڊر اسٽيڊنگ ٿي ويندي آهي يا ننڍي هوندي ڇوڪري نالي ٿيڻ ڪري جوان ٿيڻ کانپوءِ احساس جنم وٺندوآهي. اڳتي هلي اسان جي پاڻ ۾ شادي ٿيڻي آهي. اها ٽرننگ پوائنٽ هئي ته جڏهن ڇوڪري ماءُ ۽ پيءُ جون ڳالهيون ٻڌي ها ته بابو ڪيئن پنهنجي ڀاءُ سان وقت کي ڌڪي آسرن ۾ رلائڻ ٿو چاهي. ڇوڪريءَ جي دل ۾ پيءُ کان بيزاري ۽ ڌڪار وارو جذبو جاڳي ها. محسوس ائين ٿو ٿئي ته ڪهاڻيڪار تي رت جي رشتن وارو موضوع ايترو حاوي هيو جو پيار واري موضوع کي لاشعوري طور اڀاري نه سگھيو آهي.

ڪهاڻي پڙهندي رت جي رشتن جي بيوفائي جي حوالي سان اندر ۾ لهندي وئي. ڪهاڻيڪار جا دل کي ڇهندڙ ننڍڙا سندر ڊائلاگ من کي موهن پيا.

مجموعي طور تي ڪهاڻي ۾ ورتاءُ، اسلوب، ٻولي، جملن جي وقت سر ادائيگي، منظر نگاري ۽ ڪهاڻي جي بيهڪ شاندار ڪهاڻيءَ جهڙي آهي. پاڻ جنهن دور ۾ جي رهيا آهيون هي سرما ئيد اراڻا دورآهي. جنهن مٽن مائٽن، عزيزن، رت جي رشتن کي پوسٽ ماڊرنزم جيان مدي خارج ڪري ڇڏيو آهي. اوهان کي خوبصورت ڪهاڻي لکڻ تي جس هجي. وري به اتي ڳالهه کٽايون ٿا ته امداد ڪانهيو جي ڪهاڻي گھرو اثر ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي...... رزاق سهتو.

No comments:

Post a Comment