Tuesday, December 28, 2021

ببلو - غفار سومرو

ببلو

مزاحيه ڪهاڻي

غفار سومرو



پهرين ساڄي پاسي مرڪندي نظر کڻي ڏٺائين. پوءِ کاٻي پاسي سنجيدگي وچان نظر ڌري ڏٺائين. هڪ پل بعد وري اڳيان ڄڻ  سامعين سان ڇما ڇم ڀريل پوري پنڊال تي هڪ ڀرپور نظر وجهندي، تقرير جاري رکندي، چوڻ لڳو؛ ”وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پويم ته سنڌي ادب ۾ گهڻي عرصي کان ڪا ڀلوڙ ڪهاڻي پڙھڻ لاء ڪونه ملي اٿم!“


جهٽ ترسي هڪ ڀيرو مٿي نهاري ٻيهر ڄڻ پوري پنڊال تي نظر گهمائي، هلڪي مرڪ چپن تي سجائي، اڳتي چوڻ لڳو؛ ”ڇا آھي ته مون خود گهڻي عرصي کان ڪائي ڪهاڻي ڪو نه سرجي آھي. هاڻ سوچيان ٿو ته هڪ ڀيرو ٻيهر، ڪهاڻي کيتر ۾ ڪا شاندار انٽري ڪجي...“

سندس جملو پورو ٿيندي ئي، ڄڻ پوري پنڊال ۾ تاڙين جي گونج ٿي پئي. هو سامعين پاران ايڏو اتساھ ۽ پيار ڏسي، صفا ٽڙي پيو.

تقرير جاري رکڻ لاءِ هٿ مٿي کڻي، ڪجھ ڳالهائڻ تي هو جو اوچتو ڌڙام سان دروازو کليو ۽ رڌڻي مان سانجڻ ڪندڙ سندس زال، ڏوئي هٿ ۾ کڻي اچي اندر بيٺي.

غضبناڪ اکين سان ڏانهس نهاري، رڙ ڪندي چيائينس؛ ”اڙي او اديبڙا! صبح لاڪون اها تقريربازي پيو ڪرين! ڪجھ پلئه ڪو نه پوڻو اٿئي. مئا شل! هيڏي ڪمري کان ٻاهر اچ. ببلو کي فيڊر ۾ کير وجهي پيار ته آءُ سانجڻ ڪري وٺان!“

هن کي لڳو ڄڻ اسٽيج تان ڪنهن کيس ڌڪو ڏيئي لاهي ڇڏيو هجي.

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment