Tuesday, December 28, 2021

نجومي - اڪبر لغاري

نجومي

هڪ ڏاهپ جو ڪتاب

اڪبر لغاري



هي ناول زخمي دلين، لتاڙيل ذهنن ۽ جهنم ۾ رهندڙ ماڻهن جي درد ڪهاڻي آهي، اهو جهنم جيڪو اڪثر ڪري انهن پاڻ ئي پنهنجي لاءِ تخليق ڪيو آهي. ڪٿي ڪثير وهمي ته ڪٿي قليل فهمي آهي. ڏوهه ڪنهن جو آهي؟ معاشري جو، تربيت جو، حالتن جو يا فردن جو؟ پر سزا سڀني کي ملي پئي. ڀوڳين سڀ پيا. ڪيل توڙي نه ڪيل گناهن جي سزا.


هن ناول جا ڪردار بي نام آهن. نجومي، دفتري، فقير، ساڌو، اديب، قيدي، سبزي فروش وغيره. مصنف انهن جي سڃاڻپ نالن جي ڪري شايد ان ڪري نه ڪرائي آهي جو ماڻهو جي اصل سڃاڻپ انهن جي ڪم ۽ ڪردار جي ڪري ٿئي ٿي.

هڪ نجومي تاڙي خاني جي ٻاهران زمين تي چادر وڇائي ويٺل آهي ۽ سندس سامهون هڪ طوطو ۽ فال وجهڻ وارا ڪارڊ پيا آهن. کجين جي ٿڙ مان ٺاهيل سستي نشي آور تاڙي پيئڻ لاءِ اتي اڪثر معاشري جا انتهائي ستايل ۽ ڏکايل فرد اچن ٿا. سرور ۾ اچڻ کان پوءِ انهن مان ڪجهه ماڻهو نجومي کان فال ڪڍرائين ٿا. نجومي جي ڪارڊن تي انتهائي مختصر ۽ مبهم تحريرون لکيل آهن جن کي نجومي پنهنجي عقل سان معنويت جو لباس پارائي ٿو.

هڪ عامل نجومي کي ٻڌائي ٿو ته شهر جي بدنام ۽ بدعنوان ترين ميئر هڪ ٻئي عامل جي زبان ان ڪري ڪٽرائي ڇڏي آهي جو ان خواب جي تعبير ميئر جي منشا مطابق نه ٻڌائي هئي. عامل نجومي کي هيٺيون ڪارڊ پڙهي ٻڌائي ٿو.

“هر ڪو پنهنجي پاڻ دکائي،

هوا باهه لڳائي، هوا باهه وسائي.”

جنهن جي تشريح نجومي اها ٿو ٻڌائي ته انسان کي زبان جو استعمال سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي. ميئر کي خواب جي تعبير ٻڌائڻ وقت ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪا ضرورت ناهي پر ساڳي ڳالھ مناسب لفظن ۾ ٻڌائجي ته ڪو مسئلو نه ٿيندو. جڏهن هن ننڍڙي قصي کي غور سان پڙهجي ٿو ته آساني سان سمجهي سگهجي ٿو ته فاضل مصنف هتي سگمنڊ فرائيڊ جي (Super Ego) ۽ عامل ضمير (Libido) ٿيوري سمجهائي رهيو آهي. ظالم ۽ بدڪردار ميئر انسان جو نفس آهي جيڪو استدلال کي استعمال ڪندي وچ وارو رستو سمجهائي ٿو جيڪو غلط هرگز ناهي پر (Ego) نجومي عقل مسئلي کي حل ڪرڻ جو عقلي طريقو آهي. ضمير ۽ نفس جي جنگ اسان جي اندر هر وقت جاري رهندي آهي. نفس جا پنهنجا مطالبا آهن جيڪي اثر غير اخلاقي ۽ غير قانوني آهن ته انهن جي مخالفت ۾ ضمير جا مطالبا حق ۽ سچ جو علم بلند ڪرڻ لاءِ هوندا آهن. پر اهي اڪثر جذباتي هوندا آهن. انهن ٻنهي ۾ سرچاءُ جي لاءِ عقل کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوي ٿو جيڪو ٻنهي لاءِ قابل قبول هوندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن عقل نفس جو ساٿي بنجي وڃي ٿو ۽ ان جا مطالبا پورا ڪرڻ لاءِ کيس جواز فراهم ڪري ٿو. عقل جي اهڙي منفي ڪردار کي مذموم انا چئبو آهي. سڄي ناول ۾ نجومي جو ڪردار معقول يعني عقل کي مثبت انداز ۾ استعمال ڪندڙ استدلالي فيلسوف وارو آهي.

ساڳي ڳالهه بلڪل نئين انداز ۽ نون لفظن سان دفتري واري قصي ۾ ورجائجي ٿي. هڪ دفتري پنهنجو ڪم سچائي سان ڪري ٿو پر سندس صاحب ساڻس ان ڪري سخت ناراض آهي جو هو کيس اٿي بيهي سلام نه ٿو ڪري. هتي خوداري ۽ تڪبر يعني ايگو ۽ سپر ايگو جو ٽڪراءُ ٿئي ٿو. نجومي/عقل اناپرستي ۽ اجائي ضد کان پرهيز جي صلاح ٿو ڏي.

ائين ننڍڙن ننڍڙن قصن ذريعي فاضل مصنف انساني ازلي ۽ سماجي مسئلا، انسان جون ڪمزوريون، شخصيت جا مثبت ۽ منفي پهلو انتهائي دلپذير انداز ۾ بيان ڪندو وڃي ٿو.

اديب جو ڪردار ڪافي سوچڻ تي مجبور ڪندڙ آهي. هو سٺو لکندڙ هو پر هڪ ڏينهن هن ڏٺو ته هو جيڪو لکي ٿو ان تي ديوار مان هڪ ڪتو نڪري ڀونڪڻ لڳي ٿو. هو پنهنجو لکيو ڊاهي وري وري لکي ٿو پر ڪتو مٿس مسلسل ڀونڪندو رهي ٿو. هو پنهنجي لکيل ڪنهن شئي مان مطمئن ناهي، کيس پنهنجي ناول جا ڪردار بي عمل ۽ لفظ بي معنا لڳن ٿا. نجومي کيس ٻڌائي ٿو ته “لفظ روز معنا بدلائين ٿا... جيڪو وهي ٿو تنهن مان ڍڪ ڀرڻ ئي شفا آهي، جيڪو وهي چڪو آهي ۽ جيڪو وهندو اهو لاحاصل آهي... سوچن جو نه هجڻ عقل جو معراج آهي... لفظن جو بي معنا ٿيڻ (Absolute) حقيقت آهي...” هتي نجومي هڪ مابعد جديد فيلسوف وانگر ڳالهائي ٿو جيڪي چون ٿا ته سچ مطلق مقامي (Regional) نه پر عالمي (Universal) آهي، اهو عالمگير (Relative) نالي ڪا شئي ناهي، سچ اضافي (Truth) سطح تي هر ڪنهن وٽ پنهنجو سچ آهي. هتي نجومي جي استدلال جو انداز فرانسيسي فيلسوب فرانڪو ليوتار کان متاثر لڳي ٿو.

اهڙي نموني سان مختلف ڪردار مختلف مسئلن سان سامهون اچن ٿا. غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اهي مسئلا سماج يا ٻين فردن سان گهٽ پر انهن ڪردارن پنهنجي لاءِ وڌيڪ پاڻ پيدا ڪيا آهن. جيئن هڪ لالچي ساڌو پنهنجي پوئلڳن سان دوکو ڪري مال ڪمائڻ جي چڪر ۾ انهن کي پنهنجي ڏاڙهي جو وار پٽي ڏئي ٿو. مت جا موڙ هل ماڻهو ڏاڙهي جي وار ۾ شفا سمجهن ٿا ۽ ساڌو جي ڏاڙهي ۾ هٿ وجهي ان جي ڏاڙهي پٽين ٿا. لالچ ۾ اچي اڪثر ماڻهو پنهنجي ڏاڙهي پٽائي ٿو ويهي. ائين ئي هڪ هاري پنهنجي زال جو علاج ڀوپن کان ڪرائي ماڳهين زال ئي مارائي ٿو ويهي.

هڪ پوڙهي عورت جو قصو ڏاڍو دلچسپ ۽ فڪر انگيز آهي. هڪ عورت وٽ سوني سئي هئي جنهن سان ڀرت ڀريندي هئي. هڪ رات اوندهه ۾ اها سئي گم ٿي ويئي ته پوڙهي اها سوني سئي ٻاهر گهٽي ۾ فانوس جي روشني ۾ ڳولڻ لڳي. سندس پٽ چيس ته سئي اندر گم ٿي آهي ته ان کي ڳولڻ به اندر گهرجي، اها ٻاهر ڪيئن ملندي. پوڙهي ڪاوڙ ۾ چيو ته اندر اوندهه آهي، شيون اوندهه ۾ نه پر روشني ۾ ڳولبيون آهن. پٽ تڪرار ڪيو ته اندر جي شئي ٻاهر نه ملندي، اندر اوندهه آهي ته اندر کي اجارجي. سچ اهڙي روشني آهي جيڪا اندر اجاري ٿي. هتي شاهه لطيف جو بيت ٺهڪي ٿو اچي ته

“وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي.”

ڪجهه وڌيڪ ڪردارن کي پڙهڻ سان نجومي جي عقلي فڪر جو تت هيءُ ٿو نڪري ته، موت تي ملال نه ڪريو، هر شئي توهان لاءِ آهي پر ڪا به شئي توهان جي نه آهي، اولاد به نه. رنج ۽ ملال انسان جي ڏک جا ذميوار آهن انهن کان پيڇو ڇڏايو، جنسي حوس انسان جي دشمن آهي. حرص، حوس ۽ حسد انسان جو سڪون تباهه ڪري ڇڏين ٿا.

نوڪر ۽ مالڪ جو قصو اسان کي وري فرائيڊ ڏانهن وٺي ٿو هلي. نوڪر پنهنجي مالڪ جون فرمائشون پوريون ڪري بيزار ٿي ٿو پوي پر نه ته مالڪ جون خواهشون ٿيون ختم ٿين نه وري سندس ڪاوڙ. هتي مالڪ انسان جو پنهنجو نفس آهي، جنهن جي غلامي ۽ عمر ڳري ويندي پر ان جون خواهشون ختم نه ٿينديون. حقيقي خوشي خواهشن جي (Libido) سرابن ۾ ڀٽڪڻ بجاءِ انهن تي ضابطو آڻڻ ۾ آهي.

فلسفين چيو هو ته حقيقت جو رستو منجهان گذري ٿو، اڳتي هلي ڪانٽ چيو ته حواس (Empiricism) تجربي وري ٻي ٿيندي آهي. اسان جي (Appearance) هڪڙي هوندي آهي ته ظاهر (Reality) به دوکو ڏين ٿا. شين جي حقيقت تائين پهچ ممڪن (Noumenon) کي ته سمجهي سگهون ٿا پر ان جي پويان لڪيل اصليت (Phenomenon) مظهر جي تلاش فضول (Absolute Reality) ناهي. ڊاڪٽر جي قصي ۾ نجومي اڻسڌي طرح اهو ٻڌائي ٿو ته حقيقت مطلق آهي، ان کي صرف عاشق جي دل سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو.

ناول جا اڪثر ڪردار ڪنهن نه ڪنهن جذبي جي اثر هيٺ آهن پر نجومي انهن مسئلن کي عقل جي نگاهه سان ڏسندي اها راءِ ٿو ڏي ته جذبا ناانصافي، هٺ ۽ اناپرستي انسان کي وڏي مصيبت ۾ وجهن ٿا. جنگ اندر جي انسان سان ئي وڙهجي ۽ اتي ئي کٽي سگهجي ٿي، موهه هٿ ڪڙين جيان آهي جيڪو قيدي بنائي ٿو، جسماني روڳ روحاني علاج سان ختم نه ٿو ٿئي، انسان کي عقل سليم کان ڪم وٺڻ گهرجي. جبلتون هميشه صحيح رهنمائي نه ڪنديون آهن، حيواني جبلتن تي ڀاڙڻ سان انسان تباهه ٿيو وڃي. نجومي بار بار اندر جي دنيا آباد ڪرڻ جي صلاح ٿو ڏي. هن ناول جا اڪثر ڪردار انڪري به ڀوڳين پيا جو اهي ماضي جي قيد ۾ بند ۽ مايوس آهن. حالانڪه نجومي جي پنهنجي زندگي به ٻين ڪردارن کان گهڻو مختلف ڪانهي پر هو اميد آفرين آهي ۽ سڀني کي اها صلاح ٿو ڏي ته ماضي جي مزارن جا مجاور ٿيڻ بجاءِ حال ۾ جيئو ۽ اميد جو دامن هٿان نه ڇڏيو. ڇا ڀوڳنائون ازلي آهن ۽ ابد تائين رهنديون؟ ڇا اهي فطري آهن يا انسان جون پيدا ڪيل آهن؟ ڏوهه وهم جو آهي يا فهم جو؟ فاضل مصنف انهن سوالن جا جواب، بزبان نجومي ڏاڍي احسن طريقي سان ڏنا آهن.

مصنف ڪمال جو تجسس پيدا ڪيو آهي. هر قصو ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻئي قصي پڙهڻ تي دل ٿي چوي. هر قصي ۾ پڙهندڙ اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته نجومي شايد هيئن يا هونئن چوندو. آخر ۾ اختتام پڻ پڙهندڙ جي توقع جي خلاف ٿئي ٿو.

هن ناول ۾ مصنف پنهنجي فڪر کي پيش ڪرڻ لاءِ جيڪا ٽيڪنڪ استعمال ڪئي آهي اها آهي، صنعت تضاد، جنهن ذريعي هيٺيان تضاد اڀاريا ويا آهن، حقيقت ۽ مظهر جو تضاد، ڪوشش ۽ قسمت جو تضاد، فهم ۽ وهم جو تضاد، نفس ۽ ضمير جو تضاد وغيره. داخلي ۽ خارجي حقيقت نگاري جو حسين امتزاج، هي ناول علامتن، استعارن ۽ تمثيلن ۾ ويڙهيل هڪ ڏاهپ جو ڪتاب آهي. اهڙي غير روايتي ۽ بلند پايه ناول لکڻ تي آئون رسول ميمڻ کي خراج تحسين پيش ٿو ڪريان.

 

(اقتباس لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا)

 

(مدد علي سنڌيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment