Monday, December 27, 2021

ادب جو انجنيئر - ڪليم ٻٽ

ادب جو انجنيئر

ننڍڙو افسانو

ڪليم ٻٽ



مان وارا صحافي ڀائرو!

اڄ مان هن هنگامي پريس ڪانفرنس ذريعي اوهان جو ڌيان اسان جي هڪ ٻرندڙ مسئلي ڏانهن ڇڪائڻ گهران ٿو.


اوهان سڀني کي بخوبي ڄاڻ ھوندي ته اسان جي ڪجهه مها ڏاهن ڪجهه وقت اڳ ڪنهن وزير صاحب جي ڪنن ۾ سرٻاٽي ڪندي مان واري وزير صاحب کي اهو احساس ڏياريو ته هاڻي پنهنجي ٻوليءَ کي رڳو ٽيڪنالاجي ئي بچائي سگهندي. جيڪڏهن وقت سر اپاء نه ورتا ويا ته پنهنجي هيءَ مٺڙي ٻولي مٽي ۾ دفن ٿي ويندي.... لکڻ پڙھڻ ته پري جي ڳالهه، اصل ڪير ڳالهائڻ لاء ئي تيار ڪو نه هوندو....

وزير صاحب جي ڪن ۾ اها به سرٻاٽي ڪئي وئي ته دنيا جون سڀ ٻوليون اسان واري ٻولي مان ئي ڦٽي نڪتيون آھن.

اهڙي دعوا تي مان وارو وزير صاحب حيران رهجي ويو ۽ انهن مها ڏاهن کي چيائين:

"ٿورو مثال ڏئي سمجهايو."

ان تي هڪ ٿلهي متاري همراه هٿ هٿ تي هڻي تا ٿئي تڪ تڪ ٿا جو آلاپ وٺي راڳ شروع ڪيو:

"منهنجا پيارا وزير صاحب.... اوهين جيئو هزارين سال ۽ هر سال جا ڏينهن هجن پنجاهه هزار..... شال اوهان جي هٿڙن سڳورن مان هر سال نڪرن پنجاهه لک..... توهان جو به قرض لهي وڃي اسان جو به ڀاڳ کلي پوي....

منهنجا پيارا وزير صاحب..... پاڻ نه ڪي لساني ماهر نڪو وري ٽيڪنالاجي ۾ ڪو ڊپلوما، پر دل جي ڳالهه اها آھي ته ھي جيڪو انگريزي لفظ آھي: vehicle سو ورتو ويو آھي پنهنجي سٻاجهڙي لفظ ويهي + هڪل مان.... تا ٿئي تڪ تڪ ٿا...."

ڪير ڇا تي ويهي ڪنهن کي هڪلي رهيو هو!! ان جي خبر رڳو خدا کي! پر خبر ناهي مان واري وزير صاحب کي انهن همراهن جي ڪهڙي ادا وڻي وئي ۽ بنا ڪنهن دير جي همراهن کي ٻولي جي انجنيئرنگ جو ادارو کولي ڏنائين ۽ اسان سڀني ڏٺو ته ڪيئن نه پنهنجي ٻولي نه رڳو بچي وئي پر انهن ٻولي جي انجنيئرن جي ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي پهتي آھي. هاڻي ته چينين، جاپانين، آمريڪين سڀني سندن ٻوليون ڳالهائڻ ڇڏي ڏنيون آھن ۽ ڦر ڦر پاڻ واري ٻولي ڳالهائي رهيا آھن..... ٻولي جي انهن مجاهدن کي مان اٿي بيهي سلامي ٿو ڏيان، هنن پنهنجا سر ترين تي رکي اسان جي ٻولي کي ٻولي جي انجنيئرنگ وسيلي بچائي ورتو آھي.

منهنجا پيارا صحافي ڀائرو!

اوهان جي وسيلي مان لڳ ڀڳ سڀني مان وارن وزير صاحبن جي پاڪ ڪنن ۾ هي سرٻاٽي ڪرڻ گهران ٿو ته مان وارا وزير صاحبو جهڙي ريت اوهان ٻولي جي انجنيئرن جي مدد سان اسان جي ٻولي کي بچائي ورتو. اهڙي ريت مان خاڪي خاڪ جو پتلو ادب جو انجنيئر آھيان. مون سالن جا سال غفائن ۾ هڪ ٽنگ تي بيهي ادب جي انجنيئرنگ ۾ مهارت حاصل ڪئي آھي ۽ هاڻي جيڪڏهن اوهان منهنجي ان انجنيئرنگ مان فائدو نه ورتو ته پاڻ وارو ادب لڙھي ويندو، ٻڏي ويندو، ڪونه بچندو، ڪونه بچندو....

اميد ڪجي ٿي ته اوهان هن حساس مسئلي تي ٽڪڻ ٽڪڻ سان ملائي وهندا ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٻولي جي انجنيئرنگ جيان ادب جي انجنيئرنگ جو به ادارو جوڙي ان جو چڱو مڙس مون کي ڪندا.... ڇو جو مون کان سواءِ ٻيو ڪو به مائي جو ڳاڙھو، پيلو، نيرو يا سائو پنهنجو سر تري تي رکي ادب کي نه بچائي سگهندو.

مان وارا صاحبو! هن ۾ منهنجو ڪو به ذاتي مفاد ڪونهي، مون کي اوهين رڳو مهيني ۾ هڪ ڀيرو سوا لک پگهار ڏجو، گهر کان ادب جي انجنيئرنگ واري اداري تائين پهچڻ لاءِ فارچون جهڙي هڪ ننڍڙي گاڏڙي، مون کي وڌيڪ ڪجهه به نه گهرجي. هي ڪم ته مان نج ادب جي خدمت جي بنياد تي ڪري رهيو آھيان.

فقط اوهان جو

ادب جو هڪ انجنيئر

جيڪو سالن جا سال غفائن ۾ هڪ ٽنگ تي بيهي ادبي انجنيئرنگ جو گيان حاصل ڪرڻ لاء تپسيا ڪندو رهيو.“

 

(ڪليم ٻٽ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment