Saturday, December 4, 2021

لالچي ڪانءُ - غفار سومرو

لالچي ڪانءُ

(ٻاراڻي ادب  جي ڪھاڻي)

غفار سومرو



چوندا آھن ته؛ لالچ بري بلا آھي. جڏھن ڪنهن کي لالچ جهڙي بڇڙي عادت پئجي ويندي آھي ته هو پاڻ به بڇڙو ٿي ويندو آھي ۽ ان جو انجام به برو ٿيندو آھي.

اهڙو ئي هڪڙو لالچي ڪانءُ به هو. ان کي لالچ ڪرڻ جي عادت هئي. ٻيا سنگتي ساٿي ان کي لالچ ڪرڻ کان جهليندا هئا ۽ چوندا هيس ته؛ ”لالچ نه ڪر، نه ته ڪڏھن لالچ تو کي لوڙھي ڇڏيندي.“ پر هو ڪنهن جي به نه ٻڌندو هو.


هڪ ڀيري هو هڪ گهر مان ماني ٽڪر کڻي آيو. اها ماني کائي، هو وري ٻي مانيءَ لاءِ ويو. ائين هو روزانو ساڳئي گهر مان، ماني کڻي ايندو هو ۽ سڄو سڄو ڏينهن پيو ان گهر مٿان لامارا ڏيندو هو.

گهر ڀاتي اچي ڪڪ ٿيا هئا. سو انهن به هڪ ڪوڙڪي اڏي ڇڏي ۽ ان تي ماني ڳڀو رکي ڇڏيو ته جيئن لالچي ڪانءُ اچي ته ڦاسي پئي.

چوندا آھن ته ڪانءُ وڏو مڪار ۽ سياڻو پکي آھي. پر جڏھن ان کي لالچ جهڙي بري عادت هجي ته ان لاءِ به سياڻن چيو آھي ته؛ ”سياڻو ڪانءُ، ٻه ٽنگو ڦاسي.“ سو هي همراه، جيڪو روز ٻارن کان لولا کسيون بيٺو هو، سو وڃي ان مانيءَ ڳڀي تي جهڙپ هنيائين پر هي ڇا؟!؟!؟؟ هن جون ٻئي ٽنگون، لوهي تار ۾ ڦاسي پيون. تڏھن ڪانءَ ڏاڍو افسوس ڪيو. پر وقت گذري چڪو هو. تيز ۽ تکين تارن، سندس ٽنگون ڪپي ڇڏيون. ايئن لالچ، ڪانءَ کي انڌو ڪري ماريو ۽ ٻين لاءِ مثال ڇڏي ويو ته؛ لالچيءَ جو انجام برو ٿيندو آھي.

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۴ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment