Thursday, December 23, 2021

شَو ياترا - اوم پرڪاش والميڪي - ننگر چنا

شَو ياترا

(لاشَ جي ياترا - دلت ادب جي چونڊ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: اوم پرڪاش والميڪي

سنڌيڪار: ننگر چنا



چُمارن جي ڳوٺن ۾ بَلھارن جو هڪ ڪُٽنب هو، کَڏَ جي هُنَ پار رهندو هو. کَڏَ چمارن ۽ بَلھارن جي وچ ۾ هڪ سرحد وانگر هئي. مينھوڳيءَ جي مُندَ ۾ جڏهن کَڏَ ڀرجي ويندي هئي، تڏهن بَلھارن جو ڳوٺ سان رابطو هِڪَدم ڪَٽجي ويندو هو. باقي ٽاڻي ۾ پاڻي گهٽ ٿي وڃڻ تي ڪنھن ريت هُو اها پارِ ڪري ڳوٺ پھچندا هيا. ڄڻ ته بَلھارن جي ڳوٺ تائين پھچڻ لاءِ ٻيو ڪو دڳ ئي نه هيو. دَڳَ ٺاهڻ جي گهرج ڪڏهن ڪنھن محسوس ئي نه ڪئي هئي.



جڏهن ڪنھن چمار کي هنن جي گهرج پوندي هئي ته کَڏَ جي ڪپر تي بيھي پڪاريندو هو. کَڏَايتري وڏي به نه هئي جو سَڏُ بَلھارن تائين پھچي ئي سگهي. هُو سَڏُ ٻُڌي ٻاهر نڪري ايندا هيا.

ڪُٽنب ۾ رڳو ٻه ڄڻا ئي وڃي بچيا هيا. سِرجا، جنھن جي ڄَمار ڍَلي چڪي هئي ۽ سندس ڌيءَ سنتُو، جيڪا پرڻي جي ٽئين سالِ ئي وانڍي ٿي پيڪي موٽي آئي هئي. سِرجا جي جوءِ کي مُئي به ٽي سال ٿي ويا هيا. گهر کان ٻاهر جا سڀئي ڪم ڪار سِرجا پنھنجي مٿي کڻي ورتا هيا. سرجا هُونءَ به ڏاڍو هيڻو ٿي چڪو هو. هُنَ کي ڏسڻ ۾ به گهٽ ايندو هو. پوءِ به ڳوٺ جا ننڍا وڏا ڪم اُهوئي ڪندو هو.

سَرجا جو هڪ پُٽَ به هيو جيڪو ڏهن ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ گهر ڇڏي ڀڄي ويو هو. ڪجهه سال هيڏي هوڏي ڀٽڪڻ کان پوءِ کيس ريلوي ۾ نوڪري ملي وئي هئي. انهيءَ نوڪريءَ ئي کيس پڙهڻ لکڻ ڏي آندو هو. هُنَ ڪنھن ريت هاءِ اسڪول پڙهي ٽيڪنيڪل سکيا ورتي ۽ ريلوي ۾ فِٽَر ٿي ويو هو. نانءُ هيس ڪَلّو، جيڪو هاڻ ڪَلّن ٿي ويو هو.

جڏهن سَنتُو جو وهانءُ ٿيو ، تڏهن سڄو خرچ ڪَلّن ئي ڪيو هو. سَرجا وٽ ته ڪاڻي ڪوڏي به نه هئي. ڪَلّن جو وهانءُ به ريلوي ڪالوني ۾ ئي ٿي ويو هو، سندس سَھرو به ريلوي ۾ ئي هو. هُنَ کي اهڙي ته پڙهيل لکيل پَتني ملي هئي، جنھن جي ڪري سندس رهڻي ڪھڻي ۾ سَنڌو اچي ويو هو. سندس جيون جو وَرنُ ئي مَٽجي ويو هو.

هُو ڳوٺ ڪڏهن ڪڏهن ئي ايندو هو. پر جڏهن به ڳوٺ ايندو هو، چمار کيس عجيب نگاهن سان ڏسندا هيس. هُو هُنَ جي ڪَلّوءَ مان ڪلّن ٿي وڃڻ کي قبول نه ڪري رهيا هيا. هُنَن جي نظر ۾ هُو اڃا تائين هڪ بَلھار ئي هو. سماجي نظام ۾ سڀني کان هيٺ، معنيٰ اَڇُوتن ۾ به اَڇُوتُ.

هُو ڳوٺ ۾ پنھنجي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هو. ڪٽنب کان ٻاهر هڪ به اهڙو ماڻهو نه هو ، جنھن سان هُو ٻه گهڙيون گهاري سگهي. ڳوٺ جا پڙهيا لکيا به کانئس پري پري رهندا هيا. نيٺ ته هُو بَلھار ئي هيو نه، کَڏَ جي هُنَ پارِ رهڻ وارو. ڳوٺ وارا کيس ‘ڪَلّو بَلھار’ ئي چوندا هيا. هُنَ کي اهو عرف ڀَلو نه لڳندو هو. اهو کيس چاڪون وانگر ڪَپي ڪمتريءَ جي احساس سان ڀري ڇڏيندو هو.

هِنَ ڀيري هُو گهڻن ڏينھن پڄاڻان ڳوٺ آيو هو. هُنَ ايندي ئي سَرجا کي چيو، “ابا! مون سان گڏ دهليءَ هَلُ. سرڪاري مڪانَ ۾ سڀئي گڏ رهنداسين.”

“نه، پُٽَ! هاڻ آخري وَخت ۾ هيئن ڳوٺ ڇو ٿو ڇَڏرائين؟ پُرکَنِ هتي اچي ڪنھن جَماني ۾ ديرو دَمايو هو. اِتي ئي مري کپي ويا، هِنَ ئي مٽيءَ ۾. هِنَ کَڏَ جي وَٽِ تي رهي جِندَگي ڪاٽي ڇڏيائون. هاڻي ڪاڏي وينداسين!” سَرجا اکيون ٺِپيندي پنھنجي مَنَ جي ڳالهه چئي هئي، هُو ڄڻ ته ماضيءَ ۾ ڪجهه ڳولهي رهيو هو.

ڪَلّن سَنتو ڏي ڏٺي. هُوءَ ته چاهي پئي ته هِنَ جَھالت مان ڇوٽڪارو ملي، پر باپُوءَ جي ڳالهه ريٽڻ جي همت هُنَ ۾ نه ڪڏهن اَڳُ هئي ۽ نه هاڻ آهي. بس چپ چاپ ويٺي پيرَ جي آڱوٺي سان مِٽي کوٽڻ رهي هئي، ڄڻ ته سندس سوچ کيس ڪاڏي پري نِيندي هجي، جتي پري پري تائين کيس ڪوبه ڪَپَرُ ڏسڻ ۾ نه پئي آيو.

ڪَلّوءَ پنھنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيو، “باپُو! هتي نه ڪا اِجَتَ آهي نه ماني. چمارن جي نظر ۾ به اسان رڳو بَلھار آهيون .... تُنھنجي ڪري ئي اچڻو پوي ٿو ... منھنجا ٻچا هتي نه ٿا اچڻ چاهين ... هتي سُٺو ئي نه ٿو لڳي ....”

سندس ڳالهه وچ ۾ ڪپيندي سِرجا چيس، “ته، پُٽَ! تون هيڏي نه ايندو ڪر ... اسان جي ائين ئي ڪَٽجي ويندي، ائين ئي، بس سَنتو جي ڳڻتي اٿم، اِها اڪيلي رهجي ويندي ... ڀَڳَلُ ٽُٽَلُ گهر شايد ايندڙ برسات نه ڏسي سگهي. توکي جي اسان جي چنتا آهي ته تون هِنَ گهر کي پڪو ڪرائي ڏي ....” سِرجا جي مَنَ ۾ اها ڳالهه ڪيئي ڀيرا آئي هئي، پر چئي نه سگهيو هو. اَڄ وَجُهه ڏسي چئي ڇڏيائين.

“باپُو! مون وٽ جيڪي چار پيسا آهن، اُهي هتي سيڙائڻ سان ڇا ٿيندو؟ توکان پوءِ مان هتي نه رهندس ... سَنتو مون سان گڏ دلي هلي ويندي،” ڪَلّن چِٽو چئي ڏنس.

ٻُڌندي ئي سَرجا ڀڙڪي پيو. سندس وات مان گاريون اُٿلڻ لڳيون. هُنَ رَڙِ ڪري چيو؛ “ته پو منھنجي مرڻ جو اوسيئڙو به ڇو ٿو ڪرين؟ اڄ ئي وٺي وڃينسِ. ۽ ها، پنھنجن پيسن جو روب نه وجهه مون تي... ڏوڪڙَ سنڀالي رَکُ... جٿي ايتري ڪَٽجي وئي آهي، اڳتي به ڪَٽجي ئي ويندي.”

هِنَن ٻِنهين جي وچ ۾ اُمالڪ ڄڻ ته گفتگوءَ جا ڌاڳا وِکري ويا هيا. ماٺ سندن چوڌاري پکڙجي وئي هئي.

صبح ٿيندي ئي ڪَلّن دهليءَ هليو ويو هو. هُو پيسن جو بندوبست ڪري هفتي کَنَ ۾ موٽي آيو هو. ساڻس گڏ پَتني سَروج ۽ ڏهن ورهين جي ڌيءَ سَلوني به آئي هيس. پُٽَ کي هُو سندس ناناڻن ۾ ڇڏي آيو هو. ڪَلّن ايندي ئي پيءُ کي چيو، “ڪنھن مستري سان ڳالهايو. سڀاڻي سِرُن جي ٽرڪ ايندي .” اِهو ٻڌندي ئي سَرجا جي اکين ۾ جوتِ ٻَري پئي هئي. هُنَ کي ڪلّن جي ڳالهه تي ويساھ ئي نه آيو هو. پر ڪلّن هُنَ کي ويساھ ڏياريو هو. هُو ان مھل ئي اوستي جي ڳولا ۾ نڪري پيو هو.

ڳوٺ ۾ گهڻا تڻا گهر سورت رام ٺيڪيدار ٺاهيا هيا. سَرجا انهيءَ وٽ پھتو. “ٺيڪيدار سائين! اسان جو به هڪڙو گهر ٺاهي ڏي.” سورت رام پھريون ته سرجا کي هيٺ کان مٿي تائين ڏٺو. تَنَ تي ڍَنگَ جو ڪپڙو ڪونهيسِ ۽ هليو آهي مڪان ٺھرائڻ! سورت رام کي ڪاڏي وڃڻ جي تڪڙ هئي. هُنَ کَلندي سِرجا کي ٽاري ڇڏيو، “اڄ ته ٽيمُ ڪونهي ڪو، پوءِ ڳالهائينداسين.” سِرجا هار نه مڃي. هُو صبح جي هلڪي اوندھ ۾ ئي نڪري پيو هو.

ڀَر واري  ڳوٺ ۾ صابر مستري هو، پراڻو ڪاريگر. سِرجا کيس پنھنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايو. صابر مڃي ويو. “ٺيڪ آهي، مان سڀاڻي اچي ڏسندس. پنھنجو محنتاڻو اڳواٽ وٺندس.”

“ٺيڪ آهي، مستري صاحب! سڀاڻي اچجانءِ .... اسان جو گهر کڏ وٽ ئي آهي.” سِرجا کان پنھنجي سرهائي لڪائي نه پئي ٿي. موٽڻ مھل هُنَ جا پير ڌرتيءَ تي نه پئي کُپيا. ڏُٻري بدن ۾ ڄڻ ته ڦڙتي اچي وئي هيس. هُو جيسين موٽي گهر پھتو تيسين سِرون به پھچي ويون هيون. لال ڳاڙهين سِرُن کي ڏسي سِرجا پنھنجو ٿڪ وساري ويٺو هو. هُو اميد سان ڀريو بيٺو هو. هُنَ اهڙي خوشي اِنَ کان اڳ ڪڏهن محسوس ئي نه ڪئي هئي.

کَڏَ جي هُنَ پارِ سِرون لھندي ڏسڻُ ڳوٺ وارن لاءِ ڪنھن حيرت کان گهٽ نه هو. پرئين ڳوٺَ ۾ ڄڻ ته ڀونچال اچي ويو هو. ڳوٺ جا ڪيئي ماڻهو کَڏَ جي ڪپر تي بيٺا هيا. رام جِي لالُ ڪيرتن سَڀا جو صدر هو. رَوي داس وٽ جَيَنتي ۾ سڄي رات ڪيرتن هلندو رهيو هو. هُو به ميڙ ۾ بيٺو هو. جڏهن هُنَ کان سَٺو نه ٿيو تڏهن ٻوڪَٽُ ڪري پڇيائين، “اڙي او ... سِرجا ...! سِرون ڪنھن آنديون هِن؟”

سِرجا جوش ۾ ڀَرجي چيس؛ “سائين! بس، اسان جو ڪَلّن پڪو گهر ٺھرائي رهيو آهي.”

رام جِي لالَ جون اکيون پَٽيلَ رهجي ويون. هُنَ پنھنجي اندر ۾ اُٿندڙَ ساڙَ ۽ ڪاوڙ کي گُهٽِيندي چيو، “اِها ته سُٺي ڳالهه آهي، سِرجا... پر پڪو مڪان ٺھرائڻ کان اڳ پرڌانَ جِيءَ کان ته پڇي ورتو هيئي جان نه؟”

رام جِي لالَ جي ڳالهه تيرَ وانگر سِرجا جي ڇاتيءَ ۾ لَھِي وئي. هُنَ کي لڳو ته ڄڻ ڪو وياج خور واڻيو سامهون بيٺو کيس ڌمڪي ڏئي رهيو آهي. ڪاوڙ تي قابو پائڻ جو اَسَڦل جَتَنُ ڪندي سِرجا  گَرڙاٽُ ڪيو، “پرڌانَ کان ڇاجو پڇڻ ؟”

“پوءِ به، پڇي ته وٺڻ گهرجي ها.” اهو چئي رام جِي لالُ ته هليو ويو پر سِرجا کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ويو هو.

رام جِي لالُ سڌو پرڌانَ وٽ پھتو. کَڏَ جي هُنَ پارِ جي حالتن ۾ لوڻ مرچ وجهي پرڌان بلرام سنگهه جي اڳيان رکيائين. بلرام سنگهه اُنَ مھل ڪا ڪاوڙ نه ڏيکاريس. رڳو ڪنڌ ڌُوڻي مڇن تي هٿ ڦيريندو رهيو. پرڌان به وڏو پھتل هو. هُو رام جِي لالَ جي فطرت جو ڄاڻو هو. هُنَ جي هليو وڃڻ کان پوءِ هُو ڪجهه ڏکارو ٿي ويو هو. سِرجا بَلھار پڪو مڪان ٺھرائي رهيو آهي، اها ڳالهه کيس بي چين ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. هُونءَ به سِرجا هاڻ ڳوٺ لاءِ ايترو ڦَلدائڪ نه رهيو هو.

اِها ڳالهه پوري ڳوٺ ۾ پکڙجي وئي هئي؛ کَڏَ جي هُنَ پارِ بَلھارَن جو پڪو گهر بڻجي رهيو آهي. ريلوي جي ڪمائي آهي. سِرُنِ جي ٽَرڪ اچي وئي آهي. سيمينٽ، ريتي، بجري، لوھُ اچي رهيا آهن. ڳالهه وڌندي وڌندي ايتري ته پکڙجي وئي جو ڄڻ ته مڪانُ نه پر ڳوٺ جي ڇاتيءَ مٿان حويلي بڻجندي هجي. درين درن لاءِ ساڳوان جي ڪاٺي اچي رهي آهي، ٻڌو آهي رنگين سنگ مرمر جون ٽائلس به اچي رهيون آهن. جيترا وات اوتريون ڳالهيون.

وَرندي ڏينھن صبح جو ئي پرڌانَ جو ماڻهو اچي پھتو هو. سِرجا کي دل تي پٿر رکي هُنَ سان گڏ وڃڻو پيو هو.

سِرجا کي ڏسي بلرام سنگهه وٺي رَڙِ ڪئي؛ “کيسي ۾ چار ڏوڪڙ اچي ويا اٿئي ته پنھنجي حيثيت ڀلجي ويو آهين؟ بَلھارن کي هتي اِنَ ڪري ناهي ويھاريو هو ته اڳتي هلي اسان جي ڇاتيءَ تي حويلي کڙي ڪَنِ ... زمين جنھن تي تون رهين ٿو، اسان جي ابن ڏاڏن جي آهي. جنھن حال ۾ آهين، تنھن ۾ رھ ...ڪنھن کي اعتراض نه ٿيندو. ڪنڌ کڻڻ جي ڪوشش ڪندين ته ڳوٺ مان ڪڍي ٻاهر ڪنداسونءِ.”

بلرام سنگهه جو هڪ هڪ اکر زهر ڏنل تيرَ وانگر سِرجا جي بدن کي ٽُنگَ پَروڻ ڪري ويو هو. سِرجا جي اکين جي اڳيان زندگيءَ جا ڪَوڙا مِٺا ڏينھن تَرڻَ لڳا، ڄڻ ته ڪلهه جي ئي ڳالهه هجي. ڇا نه ڪيو هو سِرجا هِنَ ڳوٺ جي لاءِ! ۽ بلرام چونڊن جي ڏينھن ۾ ڪيئن نه هڪ هڪ ووٽ جي لاءِ منٿون ڪندو هو. تڏهن سِرجا بَلھارُ نه، سِرجا چاچو ٿي ويندو هو. سِرجا هڪڙو ٿڌو ساھ ڇڏيو. هُو بنان ڪا ورندي ڏيڻ جي موٽي پيو. بلرام سنگهه سَڏُ ڪري روڪڻ گهريس، پر هُو بيٺو ڪونه. بلرام سنگهه جي رَڙِ هاڻِ گارين ۾ مَٽجي وئي جيڪي ٻاهر به ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون.

گهر پھچندي ئي سِرجا ڪَلّن کي چيو؛ “تون سچ پيو چوين ڪَلّو... هي ڳوٺ رهڻ جي لائق ناهي.” هِنَ جون ڊگهيون مُڇين ڪاوڙ وچان ڏڪي رهيون هيون. اکين جون وَٽيون ڀِنَل هيس.

“باپُو! اڃا به ڪجهه بگڙيو ناهي ... سِرون ته ڪوبه خريدي وٺندو، اِهي مڪان ٺھڻ نه ڏيندا.” ڪَلّن وري به سِرجا کي سمجهائڻ جو جَتَنُ ڪيو. پر سِرجا به هوڏَ تي چڙهيو هو. هُو جهڪندو ڪونه. جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو، هُنَ مَنَ ئي مَنَ ۾ ورجايو.

“نه، پُٽَ! مڪان ته هاڻ ٺَھندو ئي ٺَھندو.... جانِ ڏيندس پر هي ڳوٺ ڇڏي نه ويندس،” سِرجا وڏي ڀروسي وچان وراڻيو.

ڪَلّن عجيب ڇڪتاڻ ۾ ڦاسي پيو هو. هُو جذبي وس ٿي سرون ته کڻائي آيو هو، پر ڳوٺ جون حالتون ڏسي کيس ڊپ لڳي رهيو هو. ڪٿي ڪو جنجال نه اُٿي کڙو ٿئي. سندس پتني سَروج ۽ ڌيءَ سلوني گڏ آيون هيس. پر سلوني کي هتي ايندي ئي تَپُ ٿي پيو هو. سَروج وٽ جيڪي ٻه چار ٽِڪيون هيون، سي ڏنيون هيائين سلونيءَ کي، پر تَپُ گهٽيو نه هيس. سروج جو مَنُ گهٻرائجي رهيو هو. هُوءَ لڳاتار ڪَلّن سان هتان هلڻ لاءِ بَينشُ ڪري رهي هئي، “اجايو مڪان تي ڏوڪڙ خرچي رهيو آهين.”

هُنَ سروج کي چيو؛ “هاڻ آکري وَکتَ ۾ باپُو جَنَ جِي دل ڏکائڻ ڀلا ٺيڪ هوندو ڇا؟”

سروج ماٺ ٿي وئي هئي.

سِرجا سڄي رات جاڳي سِرن جي رکوالي ڪئي هئي. هُنَ هڪ پل جي لاءِ به اکيون نه ٻُوٽيون هيون. پرھَ ٿيندي هُو مستري صابر کي سَڏڻ هليو ويو هو. سِرجا کي ڀَئُه هو ته ڪٿي ڪير هُنَ کي ڪا اُبتي سُبتي پَٽي نه پڙهائي ڇڏي. هاڻ هُنَ کي ڪنھن تي به ڀروسو نه هو.

سلونيءَ جو تَپُ گهٽ نه ٿي رهيو هو. سروج ڪَلّن کي ڪو ڊاڪٽر وٺي اچڻ جو چيو. سڄي ڳوٺ ۾ رڳو هڪ ئي ڊاڪٽر هو. ڪَلّن انهيءَ کي وٺي اچڻ لاءِ نڪري پيو.

ڪَلّن کي ڏسندي ئي ڊاڪٽر نَھڪر ڪري ڇڏي. عامُ پُڇا ڳاڇا ڪري ڪجهه ٽِڪيون پُڙيءَ ۾ ٻڌي ڏئي ڇڏيائينسِ. ڪَلّن ڏاڍيون منٿون ڪيس؛ “ڊاڪٽر صاحب! هڪ ڀيرو ته هلي ڏسوسِ!” ڊاڪٽر تِرَ جيترو به نه چُريو. ڪَلّن چيس؛ “مريض کي هيڏي توهان جي ڪلينڪ ۾ کڻي ٿو اچان.”

“نه... نه کڻي اچجانسِ...ائين ڪندين ته منھنجي ڪلينڪ بند ٿي ويندي. اهو نه وسار ته تون بَلھار آهين.” ڊاڪٽر کُلَيل لَلڪار ڪندي چيس؛ “هيءَ دوا کيس کارائج، ٺيڪ ٿي ويندي.”

ڪَلّن مايوس موٽي آيو هو. ڊاڪٽر جيڪي ٽِڪيون ڏنيون هيس، اُهي بي اَثر هيون. تَپَ ۾ بدن ٻَري رهيو هو. تيز تَپَ جي ڪري هُوءَ لاڳاتار وِڦلي رهي هئي. سنتو هُنَ جي ٽَھلَ ٽَڪور ۾ لڳل هئي. هڪ منٽ لاءِ به اُتان هيڏي هوڏي نه ٿي هئي. سروج جي ڳڻتي وڌي وئي هئي. سندس مَنَ ۾ ڀانت ڀانت جا وسوسا اُٿي رهيا هيا.

سِرجا صبح جو وَيَلُ، ٻيپھريءَ جو موٽيو هو. ٿَڪو ٽُٽو، مايوسُ. هُنَ کي انهيءَ حال ۾ ڏسي ڪَلّن پڇيس، “باپُو! ڇا ٿيو؟”

سِرجا ٻُڏَلَ آواز ۾ چيس؛ “ٿيڻو وري ڇا هو؟ مستري ڪاڏي پري وارن مائٽن ڏي ويو آهي. ڏهن پندرهن ڏينھن کان پوءِ ايندو ... پُٽَ! مون کي لڳي ٿو ته هُو هاڻ نه ايندو.” سِرجا پنھنجي مَنَ جي مايوسي نروار ڪئي.

“ڇو ، باپُو! اسان ته سندس پورهئي جا پيسا به اڳواٽ ڏئي رهيا هياسين، پوءِ به هُو ڦري ويو؟” ڪَلّن حيرت ڏيکاري.

“ڳوٺ جي ئي ڪنھن روڪيو هوندس ... صابر ته اهڙو ماڻهو ناهي ... هُو به انهن کان ڊڄي ويل ٿو لڳي،” سِرجا وڏي ڳڻتيءَ ۾ ٻڏي چيو. ٻئي ڄڻا ڳُوڙهي ڳڻتي ۾ ٻُڏي ويا هيا.

“سلونيءَ جي طبيعت ڪيئن آهي؟” سِرجا پڇيو.

“هُنَ جي طبيعت گهڻي بگڙي وئي آهي. اسپتال کڻي وڃڻو پوندو.” ڪَلّن پريشاني ڏيکاري.

“ڪنھن دَمَ ٻَمَ واري کي گهرايان ... ڪٿي ڪو سايو نه هجيسِ؟” سِرجا مَنَ جي پريشاني ظاهر ڪئي.

“نه، باپُو! ...، سڀاڻي صبح جو ئي شھر وٺي ويندومانسِ. بس رڳو اڄوڪي رات خير جي گذري وڃي.” ڪَلّن جي آواز ۾ ڏاڍي ڳُوڙھي پِيڙا ڀَريل هئي. سِرجا کيس دلاسو ڏنو.

سڄي رات جاڳندي گذري هُيَنِ. سلوني جي طبيعت اڃا وڌيڪ بگڙي وئي هئي. صبح ٿيندي ئي ڪَلّن سلونيءَ کي پُٺيءَ تي کنيو. هُنَ کي کڻي سُڪَ ڪيو هيائين. سرج به گڏ هيس.هُنن  اُسَ ٿيڻ کان اڳ ئي شھر پھچڻ ٿي گهريو.

شھر ڳوٺ کان ڪي اٺ ڏھ ڪلوميٽر پري هو. اچڻ وڃڻ جو ڪو وسيلو نه هو. ڪَلّن ڳوٺ جي سَکرَ چَمارن کان ڏاند گاڏي گهري هئي، پر اُهي بَلھارن کي ڏاند گاڏي ڏيڻ لاءِ تيار نه هيا. سلونيءَ کي پُٺيءَ تي کڻي هلڻ ڏکيو بڻجي رهيو هيس.هُوءَ هَرهَر هيٺ لڙڪي ٿي آئي. ڪَلّن جي پتني سھارو ڏيندي سندس پٺيان پٺيان هلي رهي هئي. هُنن تُرت شھر پھچڻ پئي گهريو، پر واٽ هئي جا ڊگهي ٿيندي پئي وئي.

جيئن جيئن اُسَ تکي ٿي رهي هئي، سلونيءَ جو جسم ڍرو ٿيندو پئي ويو. هُنَ جا ساھَ ڍرا ٿي رهيا هيا. شھر لڳ ڀڳ اڌ ڪلوميٽر پري رهجي ويو هو. اوچتو ڪَلّن کي لڳو ته سلونيءَ جو ٻوجهه ڄڻ ته وڌي ويو هجي. تَپَ ۾ ٻَرندڙُ بدن ٿڌو پئجي ويو هو. هُنَ سروج کي چيو، “ڏس ته، سلونيءَ ٺيڪ ته آهي.”

سلونيءَ جي بدن ۾ ڪا به چُرِپُرِ نه هئي. سروج  رَڙِ ڪري روئڻ لڳي؛ “منھنجي ڌيءَ کي ڇا ٿي ويو ...هيءَ چُري ڇو نه ٿي!” هُنَ روئندي چيو.

ڪَلّن سلونيءَ کي پُٺيءَ تان لاهي سڙڪ جي ڪَپَرَ تي ليٽائي ڇڏيو هو. هُو مايوس بيٺو هو. سندس مَنَ ۾ هڪڙي آنڌمانڌ مچي وئي هئي. ڏهن سالن جي جيئري جاڳندي سلوني هُنَ جي هٿن ۾ ئي مُئَل جسم ۾ مَٽجي وئي هئي. سڀ ڪجهه سندس اکين جي اڳيان ٿيو هو . هُو هِنيانءَ ڦاڙَ رَڙيون ڪري رهيا هيا. سڙڪ ڀڙڀانگ هئي. پري پري تائين هُنن جون رَڙيون ٻڌڻ وارو به ڪير نه هو . هُو ڳپل دير تائين ائين ويٺا روئندا رهيا. هنن کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته ڇا ڪَنِ. هُو سڙڪ جي ڪَپَر سان ڪچي دڳ تي سلونيءَ جو لاش کنيون تڙپي رهيا هيا. گهڻي دير کان پوءِ هڪ همراھ کين شھر کان ايندي ڏسڻ ۾ آيو. هنن منجهه اميد جو ڪرڻو ڦٽي نڪتو. متان اچڻ وارو سندن ڪا مدد ڪري.

پانڌيئڙو گهڙي کَنَ لاءِ هنن وٽ بيٺو، پر بنان ڪجهه چوڻ جي اڳتي وڌي ويو. شايد هُنَ کين سُڃاڻي ورتو هو. انهيءَ ڳوٺ جو هو. ڪَلّن کي لڳو، انسان جي ‘جاتِ’ ئي سڀ ڪجهه آهي. نيٺ هُو اُٿيا ۽ ڌيءَ جو لاش ڪلهن تي کڻي ڳوٺ ڏي موٽي پيا. ڪلهن مٿان جيترو ٻوجهه هين، اُنَ کان وڌيڪ ٻوجهه سندن اندر منجهه سمايل هو. سلونيءَ جون ننڍپڻ جو هُونگِرون رکي رکي سندن يادن ۾ ٺينگ ٽَپا ڏئي رهيون هيون. هُو ڳوري مَنَ سان سلونيءَ جو لاش کنيون ڳوٺ ڏي وڌي رهيا هيا. دَڳَ ڄڻ ته ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نه پئي ورتو. جيترو ٽاڻو کين شھر جي ڀرسان پھچڻ ۾ لڳو هو ، تَنھن کان وڌيڪ ڳوٺ پھچڻ ۾ لڳي رهيو هُيُنِ. سروج جو حال ڏاڍي خراب هو. هُو رڳو گھلجي رهي هئي. ڀَڄي ڀُري ته ڪَلّن به پيو هو پر هُو پاڻ کي ڪنھن ريت سنڀاليون پئي هليو. سروج اَڌ مئل ٿي وئي هئي. هُنَ کان هلڻ نه پئي پُڳو.

سِرجا هنن کي پري کان ئي ڏسي ورتو هو. کين سُڃاتائين ته ويجهو اچڻ تي ئي، پر پري کان ايندڙ پاڇن کي ڏسي هُنَ اندازو ڪري ورتو هو. هُو جنھن ريت سلوني کي آڻي رهيا هيا، اهو ڏسي سندس دل ۾ کٽڪو ٿيو. هُو گهران نڪري سڙڪ تائين اچي ويو هو. سلونيءَ جو لاش ڏسي هُو پاڻ کي سنڀالي نه پئي سگهيو. هُو تڙپي اٿيو. هُو ڌرتيءَ تي چنبا هڻي روئڻ لڳو هو . ڪَلّن جي اکين مان به لڳاتار ڳوڙها وهي رهيا هيا. سندن روئڻ پِٽڻ ٻُڌي سنتو به اچي وئي هئي. هنن کي دلاسو ڏيڻ وارو ڪوبه نه هو.

شھر کان موٽڻ ۾ هونءَ به کين گهڻو ٽاڻو ٿي چڪو هو. ڪنھن کي گهرائڻ لاءِ به ٽاڻو نه هين. هُو سڄي رات اوسيئڙو ڪندي رهڻ جي حالت ۾ نه هيا. ڪَلّن چاهيو پئي ته شام ٿيڻ کان اڳ ئي اگني سنسڪار ٿي وڃي. سلونيءَ جو لاش ڏسي سروج هَرهَر ڏَندِڻجي پئي وئي.

مامرو ڪاٺين جو هو. اگني سنسڪار جي لاءِ ڪاٺيون هنن وٽ نه هيون. سِرجا ۽ سنتو ڪاٺين جو پَرٻَنڌ ڪرڻ جي لاءِ نڪري پيا هيا. هنن چمارن جي درن تي وڃي صدائون هنيون هيون، پر ڪو به سھائتا ڪرڻ لاءِ تيار نه هيو. ڪلاڪ کَن رُلڻ کان پوءِ به ايتريون ڪاٺيون گڏ نه ڪري سگهيا هيا، جو چڱيءَ ريت اگني سنسڪار ٿي سگهي. گهر ۾ ڇيڻن جا مُٺيا پيا هيا. سنتوءَ چيو، “ڪاٺين جي بدران مُٺيا ئي کڻي وڃو.”

چمارن جو شمشانُ ڳوٺ جي ڪُنڊَ تي ئي هيو. پر اُنَ ۾ بَلھارن کي پنھنجا مُردا ساڙڻ جي موڪل نه هئي. ڪَلّن جي ماءُ ڀيري به اهڙي ئي پريشاني ٿي هُيَنِ. چمارن کُتو جواب ڏنو هين. ڳوٺ کان ٻاهر ٽي چار ڪلوميٽر پري کڻي وڃي ساڙڻو پيو هُيُنِ. ايترو پري سلوني جو لاش کڻي وڃڻ ... ڪاٺيون، ڇيڻا به کڻي وڃڻا هُيَنِ. سِرجا ۽ ڪَلّن کان سواءِ ٻيو ڪير نه هيو جيڪو انهيءَ ڪم ۾ هٿ ونڊائي سگهي ها.

بَلھارن جي مُردي کي هٿ لائڻ يا شَوياترا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڳوٺ مان ڪير به نه آيو هو. ‘جات’ سندن دڳ بند ڪيون بيٺي هئي. ڪَلّن ڏاڍا جَتَنَ ڪيا هيا. هُو رَوي داس منڊل ۽ ڊاڪٽر امبيڊڪر يووڪ سڀا جي ماڻهن سان وڃي مليو هو، پر ڪوبه ساڻس گڏ اچڻ لاءِ تيار نه هو. ڪنھن نه ڪنھن بھاني اُهي سڀئي پاسو ڪري ويا هيا.

هُنَ کي ريلوي ڪالوني ۾ امبيڊڪر جِيَنتي جا ڀاشڻ ياد اچڻ لڳا هيا! هُنَ انهن سڀني ويچارن کي پري اڇل ڏئي ڇڏي هئي. هڪ ڳُوڙهي اوپرائپ سندس اندر ۾ اُٿي رهي هئي. هُنَ کي لڳو ته سڀئي ڀاشڻ کوکلا ۽ ڏاڍا بناوٽي هيا.

ڪَلّن سِرجا کي چيو، “باپُو! وڌيڪ دير نه ڪريو ...”

هُنَن ٻنهين ڪپڙي ۾ ويڙهيل سلونيءَ جي شَو (لاش) کي کنيو هو. نارين جي شمشان ۾ وڃڻ جو رواج بَلھارن ۾نه هيو، پر سنتو ۽ سروج جي لاءِ انهيءَ رواج کي ٽوڙي ڇڏڻ کان سواءِ ٻيو ڪو دڳ نه بچيو هو. سنتو ڪاٺين جي ڀَري مٿي تي رکي هٿ ۾ باھِ ۽ هانڊي کڻي ورتي هئي. پويان پويان سروج ڇيڻن ڀريل ٽوڪرو کڻي اچي رهي هئي.

انهيءَ شَوَ ياترا کي ڏسڻ جي لاءِ چمارڻيون پنھنجين ڇتين تي چڙهي ويون هيون. انهن جي اکين جا تُنرا ڀِنَل هيا، پر بي وس هيون. پنھنجن پنھنجن دائرن ۾ قيد. بَلھار ته نيٺ بَلھار ئي هيا. پنھنجا نه هيا، انهن کي ته ٻين جا مُردا ڍوئڻ جي هيرَ هئي....

چمارن جو ڳوٺ ۽ انهيءَ ۾ بَلھارن جو هڪڙو ڪٽنب!


(“آج” جي ۱۱۷ نمبر پرچي مان ۲۵ نومبر ۲۰۲۱ع تي ترجمو ڪئي ۽ ماهوار امرتا حيدرآباد ۾ ڊسمبر ۲۰۲۱ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment