Wednesday, December 29, 2021

ارشاد سومرو جي ڪتاب “صدين جي اڃ” جو اڀياس

ارشاد سومرو جي ڪتاب “صدين جي اڃ” جو اڀياس

ساجد مسڻ



ميڊم ارشاد سومرو مقامي، دلچسپ ۽ حقيقي موضوعن جي چونڊ ڪندڙ ڪهاڻيڪاره آهي، جيڪا پنهنجي قلمي پورهئي، تخليقي سگهه ۽ صلاحيت جو ڀرپور استعمال ڪندي اسان کي موجوده سماج جو آئينو پنهنجي ڪهاڻين ذريعي ڏيکاري ٿي.سندس ڪهاڻين جو ڪتاب صدين جي اُڃ به اهڙي قسم جو مجموعو آهي، جنهن ۾ اڄ جي حالتن جي مڪمل عڪاسي ٿيل آهي.


سندس ڪهاڻي “ماسي پلي واري”  پڙهڻ سان ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ مان پنهنجي اباڻي ڳوٺ چنهڙ ۾ هجان ۽ ماسي پلي واري کي گهرن ۾ پلي، ٻير ۽ کجور کپائيندو ڏسندو هجان، انهيءَ ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪاره جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، اها به اڌ سنڌي اڌ بروهڪي مطلب ته ان ڪهاڻي ۾ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي. ڪهاڻي پڙهڻ سان کِل به اچي ٿي ته مزو به اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻولي ڏاڍي پياري ۽ ڊائلاگ به وڻندڙ ۽ مزاحيه استعمال ڪيل آهي.

سندس ڪهاڻي “سُڪل چپ” نه صرف موضوع جي اعتبار کان وقتائتي ۽ معني خيز ڪهاڻي آهي، پر انهيءَ ڪهاڻي ۾ اين جي اوز جي دنيا ۾ عياشي ڪندڙ ڪردارن کي وائکو ڪيو ويو آهي، جيڪي معصوم ٿرين جي پئسي ۽ امداد تي شراب ڪباب کائي رهيا آهن. ڪهاڻيڪاره لکي ٿي ته “هوءَ ساڻن ۽ ٿڪيل قدمن سان وک وک کڻي جئين ئي گس وٽ آئي، هن جي سامهون هڪ اين جي اوز جو قافلو نمودار ٿيو، جن جي هٿن ۾ وڏا بينر هئا، جن تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو. گوڙاڻو ڊيم نامنظور، ٿرين سان ناانصافي نامنظور. جيپ ۾ فرنٽ سيٽ تي ويٺل امير، منرل واٽر جي بوتل پي رهيو هو ۽ ڀر ۾ ڊرائيور گاڏي هلائي رهيو هو”.”نڀاڳي” عورت سان ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ، بربريت، ناانصافي، سماج ۾ ملندڙ طعنن مھڻن، ۽ حقارت جي نظر سان ڏسڻ واري الميي جي، جتي جڏهن ڪوبه ڪم نه ٿئي ته ان جو سبب عورت کي ٺاهيو ويندو آهي ۽ کيس نڀاڳي جي طعنن ۽ مهڻن جي تيرن کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو آهي.

جيئن اڳتي هن ئي ڪهاڻي نڀاڳي ۾ ڪهاڻيڪاره  لکي ٿي ته “مون عاشيءَ کي مڪمل تيار ڪري ماسي سڪينه کي سڏ ڪيو ته هوءَ پنهنجي ڌيءَ کي ڪنوار جي روپ ۾ ڏسي، ماسي سڪينه کيس ڏسي خوشي ۾ نه ٿي ماپي. هڪ ته ڌيءَ ڀاءُ جي گهر پئي وئي، ٻيو وري فرض به پورو پئي ٿيو، جو نياڻي وڃي شينهن ڪلهي تي چڙهي، پوءِ ان کي شينهن جي مرضي آهي ته گهر جي راڻي ڪري يا ڳڀا ڪري کائي ڇڏي”. سندس ڪهاڻي ناياب نه صرف درد رکندڙ ڪهاڻي آهي، پر اڄڪلهه جي اوباش ڇوڪرن جي عڪاسي ڪندڙ آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار طارق قريشيءَ لکيو آهي جنهن ۾ لکي ٿو ته “ سندس ڪهاڻين ۾ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جهڙي پرچار ۽ سادگي آهي.ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي سنڌ جي ناليواري شخصيت آپا گلبدن جاويد مرزا لکي ٿي ته: مون کي سندس ڪتاب انڪري به وڻيو آهي ته هن ۾ ليکڪه نه صرف ملڪي ۽ سماجي مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. پر ڏاڍ اڳيان هار مڃڻ بجاءِ ان جو مقابلو ڪيو آهي.

سنڌ جي ناليواري ليکڪه شبنم گل سندس لاءِ لکي ٿي ته هوءَ اڻ برابري، منفي روين ۽ غير انساني روين جي مستقل لکڻين وسيلي نشاندهي ڪندي رهي آهي. هوءَ پنهنجي لکڻين سان ڪميٽڊ آهي.  هن ڪتاب جي ٻنهي فلپ سائيڊ تي مير سردار چنڙ ۽ اصغر گگو طرفان پڻ ڪهاڻيڪاره جي تخليق جي باري ۾ رايا شامل آهن. جيڪو سنڌ جي سڀني پيڪاڪ ڪتاب گهرن تي موجود آهي. ڪهاڻي سان دلچسپي رکندڙن دوستن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي. ڪتاب پيڪاڪ پبلشر ڪراچي طرفان شايع ٿيو آهي، ڪتاب ۱۷۵ صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن جي قيمت ۳۰۰ روپيا مقرر آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



صدين جي اُڃ ڪهاڻيءَ تي هڪ نظر

جعفر شاهاڻي

جيڪڏهن ڪهاڻي فني ۽ فڪري لحاظ کان سگهاري هوندي ته يقينن اها ڪهاڻي ڪهاڻيڪار/ ڪهاڻيڪاره جي سڃاڻپ ۾ دير ناهي ڪرائيندي. توڙي جو اسان وٽ ڪنهن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين مان چند ڪهاڻين تي نقاد دوست تنقيد ته ڪندا آهن پر ان پاسي لاڙو رکندڙ دوستن کان اڪثر شاهڪار ڪهاڻيون به رهجي وينديون يعني انهن تي تنقيدي اڀياس ڪري گهٽ توجهه ڏني ويندي آهي يا هروڀرو اهڙي ڪهاڻيءَ تي سرسري تبصرو ڪري جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، جيئن نقاد جي تنقيد کي هلڪي هٿ واري زمري ۾ نه آندو وڃي يا ڪنهن نئين ڪهاڻيڪار/ ڪهاڻيڪاره جو مانُ نه مٿانهون ٿي پوي.

بهرحال! چوندا آهن ته، “خون ۽ کٿوري لِڪا ناهن رهندا” ائين ڪا سٺي ڪهاڻي به ڪنهن جي راءِ جي محتاج ناهي هوندي ۽ اهو به ضروري ناهي جو ڪنهن ڪهاڻي ڪتاب يا ڪنهن ڪهاڻيءَ تي تنقيد ڪندڙ درست هجي ڇو جو منهنجي ذاتي مشاهدي مان اهڙا ڪتاب ۽ ڪهاڻيون گذريون آهن جن تي نقادن جي راين مان اهو پرايم ته، ڪي ڪهاڻيون جنهن پسمنظر ۾ لکيل هونديون آهن نقاد انهن کي ٻئي رخ سان ڏسندا آهن يا ذهني ائپروچ گهٽ وڌ هجڻ ڪري تنقيد ۾ ٽيشڻ ئي ٽئين هوندي آهي يا توجهه سان پڙھڻ بنا ئي کڻي تنقيد ته لکي ويندا آهن پر ان جو احساس بعد ۾ ٿيڻ بعد پنهنجو ڀرم قائم رکڻ خاطر ان کي ناهن مڃيندا.

خير! هاڻ ڇڏيان ٿو ان قصي کي ۽ اچان ٿو ڪهاڻيڪاره ارشاد سومرو جي ڪهاڻي ڪتاب “صدين جي اُڃ” ٽائيٽل ڪهاڻي طرف.

صدين جي اڃ اوڻيهه صفحن تي مشتمل ڪهاڻي آهي، جنهن جي شروعات ۾ سانوڻ فقير نالي هڪ طرفو پيار ڪندڙ ڪردار جي صدا سان هن طرح آغاز ٿيل آهي ته، “ڪٽورو پاڻيءَ جو پيئار ته صدين جي اُڃ اُجهائي واپس وڃان” ۽ اهو جملو ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي ورجايل هوندي به پڙهندڙ کي قطعي بور ٿيڻ نه ٿو ڏئي ڇو ته، ڪهاڻيءَ جو ڪلائيميڪس رومانس طرف لاڙو هوندي به ڏاڍو پُراثر ۽ ڪشش وارو آهي جو پڙهندڙ ان جي سحر ۾ فطري طور قابو ٿي وڃي ٿو.

ڪهاڻيءَ جو ٻيو ڪردار سهڻي نالي ڊاڪٽر بلاول جي گهرواري آهي ۽ سانوڻ فقير صدا هڻي ٿو ته نوڪرياڻي مائي سوني پاڻيءَ جو ڪٽورو ڀري فقير کي ڏي ٿي پر، فقير به صفا نابري واريندي چوي ٿو، “اُڃ ته سهڻيءَ جي هٿن سان ڏنل ڪٽوري مان اُجهامندي” سو نوڪرياڻي سِڌو وڃي وڏ گهراڻي جي جيجي سان سڄي حقيقت بيان ڪندي چوي ٿي، “سانوڻ فقير ته پاڻيءَ جو ڪٽورو وٺي ئي ڪونه پيو، چوي ٿو ته، سهڻيءَ جي هٿن سان ڪٽورو وٺي پاڻي پيئندس، ڄڻ منهنجي هٿن ۾ ڪو زهر هجي، جو پيئي مري ويندو.” نوڪرياڻي واپس اچي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪٽورو صندل تي رکيو، جنهن بعد جيجي جي سڏ تي سهڻي وٽس پهچندي چيو،

“جيجي اوهان سڏايو؟”

“ها امان! سانوڻ فقير کي پاڻي پيئاري اچ.”

“پر جيجي! مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان پاڻي ڇو نه ٿو وٺي؟ اوهان وڏيون آهيو، اوهان پاڻي پيئاريوس نه.”

“امان، وڃ کڻي. هو توکي ڪيڏيون نه دعائون ٿو  ڏئي، ڀلا پاڻي پيئارڻ ۾ ڇا آهي؟ هُو ويچارو پاڻيءَ جو ڪٽورو ئي ته گُهري ٿو، ڪو اُٺ گهوڙو ته نه ٿو گُهري.”

آئون سمجهان ٿو مٿي ڏنل ڪهاڻيءَ جي انهن ڊائيلاگن ۾ ڪردارن جي نفسيات پروڙڻ لاءِ اهو ڪافي آهي پر، اسانوٽ عام طور تي پرڏيهي ادب ۾ اهي ڳالهيون ڪنهن قدر ساراهه جا پُل بڻائڻ لاءِ حوالا اڪثر نظرن مان گذريا آهن، پر ڪنهن سنڌي ڪهاڻيڪار/ ڪهاڻيڪاره جي ڪهاڻيءَ تي راءِ دوران اهڙا نقطا نظر ناهن ايندا يا نه هجڻ برابر، ته ڪنهن ڪهاڻيءَ جي سٽ به سياسي، سماجي، اخلاقي، تهذيبي، مذهبي ۽ سائنسي حوالي سان به اوتري ئي اهميت واري هوندي آهي بشرطه ڪهاڻي ڪنهن فن ۽ فڪر کان واقفڪار جي لکيل هجي باقي معيار جي فقدان واري ڳالهه الڳ آهي. اسان وٽ ڪنهن جي سمورين ڪهاڻين کي اعليٰ پائي جي ڪهاڻين جو جيڪو سرٽيفڪيٽ ڏنو ٿو وڃي سو سراسر لابين، پئسي يا ڪنهن جو ڀرم رکڻ خاطر ڪبو آهي.

خير... سهڻي جيجي جي چوڻ تي سانوڻ فقير کي پاڻيءَ جو ڪٽورو ڀري ڏئي ٿي ۽ فقير سهڻيءَ تي هڪ نظر وجهندي پاڻي پيئي “پکي جيئن اڏامي ويو.”

ڪهاڻيڪاره ارشاد سومرو جي هن ڪهاڻيءَ ۾ سانوڻ فقير هڪ طرفو پيار ڪندڙ غريب نوجوان آهي، جنهن جي حالت سچن عاشقن وانگر رکيل آهي ۽ سهڻي محلن ۽ ماڙين جي  هيراڪ وڏ گهراڻي سان تعلق رکندڙ پنهنجي  ور ڊاڪٽر بلاول سان پيار ڪندڙ پارسائي واريون نگاهون رکندڙ خوبصورت ڪردار آهي.

سانوڻ فقير جي صدا تي سهڻيءَ کي سندس سَسُ سمجهائي ٿي ته سهڻي پاڻيءَ جو ڪٽورو ڀري فقير کي پيئاري ٿي ۽ فقير هليو وڃي ٿو پر ڪهاڻيڪاره سانوڻ فقير جي هڪ طرفي لاتما پيار جي لڄ رکندي جتي جيجي (سهڻيء جي سَسُ) کي درياهه دل وارو ڪردار ڪري پيش ڪيو آهي، اُتي ڊاڪٽر بلاول به ڪو گهٽ ناهي_ اهو شايد ان ڪري جو جيئن چوندا آهن، “ڀِت کان سواءِ چِٽ به ڪهڙو” يعني بڻ ۽ تربيت جو سڄو ڪمال چئجي ته غلط نه ٿيندو جو ڊاڪٽر بلاول رواجي مردن جيئن فقير جي ان عمل کي برو سمجهڻ يا سهڻيءَ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ وارن مان قطعي ناهي ۽ قصو ڪجهه وقت ائين هلندو رهي ٿو.

هڪ ڏينهن سهڻي فقير کي ڄڻ پاڻي نه پيئارڻ جو قسم ٿي کڻي، ته فقير در ٻاهران ويهي ٿو رهي، مٿان تيز برسات ٿي پوي ۽ جڏهن ڊاڪٽر بلاول گهر جي در وٽ سانوڻ فقير کي بي حال ڏسي ٿو ته اسپتال کڻي وڃي دوا ڏئي، اتي ڇڏي واپس گهر اچي ٿو. صبح جو جڏهن ڊاڪٽر بلاول، فقير جي طبيعت ۾ سڌارو ڏسندي طبيعت بابت پڇيو ته فقير وراڻيو، “ڊاڪٽر صاحب! اوهان ته منهنجي من جي مراد به پوري ٿيڻ نه ڏني.”

“ڪهڙي مراد؟” بلاول حيران ٿيندي چيو.

“محبوب جي در تي دم ڏيڻ جي.” سانوڻ فقير شوڪارو ڀريندي چيو.

“مون سمجهيو ڪونه، اوهان ڇا پيا چئو؟”

“ڊاڪٽر صاحب! توهان سمجهي ڪندا به ڇا؟ هت ته غريبن جي من جون مرادون ڪڏهن به پوريون ڪين ٿينديون، غريبن جا ارمان ته سوريءَ تي سجايل هوندا آهن.”

“سانوڻ فقير! اوهان ته وڏو فلسفو پيا ڳالهايو، پر اوهان جا ارمان آئون پورا ڪندس، اهو منهنجو اوهان سان واعدو آهي.”

“سائين ڊاڪٽر! مشڪل آهي. هت غريبن جو ڪوبه ناهي.”

“فقير صاحب! توهان مون تي اعتبار ڪريو، آئون توهان جي اميد ضرور پوري ڪندس.”

اهڙي طرح سانوڻ فقير صحتياب ٿي پنهنجي جهوپڙي طرف روانو ٿئي ٿو ۽ جڏهن سهڻيءَ جي سِڪ ستائڻ لڳس ته وري اچي ساڳي صدا هنيائين، “ڪٽورو پاڻيءَ جو پيئار ته صدين جي اڃ اجهائي واپس وڃان.”

حويليءَ جي نوڪرياڻي مائي سوني وري به پاڻيءَ جو ڪٽورو کڻي حاضر ٿي ته فقير به نابري واريندي جملو ورجايو ته، “هي ڪٽورو واپس کڻي وڃ ۽ سهڻيءَ کي هٿ ٻڌي التجا ڪج ته، هن فقير تي ترس ڪري پنهنجي هڪ جهلڪ ڏيکار ته منگتو موٽي ماڳ ويندو.”

مائي سوني ڪٽورو کڻي جيئن واپس موٽي ته، ڊاڪٽر بلاول حويليءَ ۾ داخل ٿيندي فقير سان مخاطب ٿيو، “فقير ڇا گهرجي؟”

“ڊاڪٽر صاحب! هڪ جهلڪ جو سوالي آهيان، منگتي کي دان ملي ته، موٽي ماڳ وڃان.”

ڊاڪٽر بلاول اهڙي صدا تي حيران ٿي ويو، هُو سانوڻ فقير کي ڪوبه جواب ڏئي نه سگهيو.

“ڊاڪٽر صاحب! توهان ته مون سان واعدو ڪيو هو ته تنهنجي من جي مراد پوري ڪندس، پوءِ حيران ڇو ٿا ٿيو؟”

سانوڻ فقير، ڊاڪٽر بلاول کي پنهنجو واعدو ياد ڏياريندي چيو ۽ ڊاڪٽر بلاول کي ڪجهه به سمجهه نه پئي آيو ته، سانوڻ فقير ڪهڙي واعدي جي ڳالهه ٿو ڪري. ائين سانوڻ فقير ان ڏينهن پهريون ڀيرو واپس پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ هليو ٿو وڃي ۽ ڊاڪٽر جي امتحان جو سفر شروع ٿئي ٿو.

جڏهن وري سانوڻ فقير جي خيالن ۾ سهڻي ڪاهي پئي ته وري اچي ساڳي صدا هنيائين ته ڊاڪٽر بلاول ڪٽورو ڀري اچي فقير سان مخاطب ٿيندي چيو، “فقير سائين! هي ڪٽورو قبول پوي.”

“سائين! معاف ڪجو. هي هٿَ ته سهڻيءَ کان پاڻي وٺي پيئڻ جا هيراڪ آهن، پوءِ اوهان جي هٿن سان پاڻي وٺي پيئڻ مان اڃ ڪيئن اجهامندي؟”

سانوڻ فقير ڪٽورو وٺڻ کان انڪار ڪري جيئن واپس وريو ته ڊاڪٽر بلاول تکيءَ تند سان غيرت جو ڳلو ڪپيندي، وعدي جي چيچ مان جهليو ۽ فقير کي ترسڻ جو چئي پاڻ حويليءَ ۾ ويو ته ٿوري دير بعد سهڻي، ڊاڪٽر بلاول سان ڪٽورو فقير کي ڏنو ۽ سانوڻ فقير پاڻي پيئي بلاول کي دعائون ڏيندي روانو ٿيو.

ڊاڪٽر بلاول جي ان روشن خيال ڪري ساڻس بي پناهه پيار ڪندڙ وني سهڻيءَ تان يقينن قيامت گذري پر ڪهاڻيڪاره ڀيڻ به ڪهاڻيءَ جي فن سان ڀرپور نڀائيندي نينهن جو ناتو مضبوط رکندي آخر ۾ ڊاڪٽر بلاول کي سانوڻ فقير کي ڪجهه ڏينهن کان نه ڏسندي اُلڪي ۾ سانوڻ فقير جي جهوپڙيءَ ۾ پهچايو ته فقير سان احوال احوال وٺندي جڏهن طبيعت چيڪ ڪيائين ته فقير کي تمام گهڻو بخار هو ۽ ڊاڪٽر بلاول ترت علاج لاءِ گهڻو ئي چيو پر فقير صفا انڪار ڪندي پاڻيءَ جو ڪٽورو گهريو ته ڊاڪٽر پاڻي ڏنس پر سانوڻ فقير پاڻيءَ وٺڻ کان انڪار ڪندي سهڻيءَ جي هٿن سان پاڻي پيئڻ جي اميد ظاهر ڪئي ته ڊاڪٽر بلاول لاجواب ٿيندي بنا جواب ڏيڻ جي روانو ٿي ويو ۽ جڏهن ٿوري دير بعد سهڻيءَ سان فقير جي جهوپڙيءَ ۾ پهتو ته هُن جو روح پرواز ڪري چڪو هو.

آئون سمجهان ٿو جيتري قدر هي ڪهاڻي حقيقت کان ڏور هوندي به حقيقت جي ويجهو آهي، ان جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي ته آخري سٽ ۾ ڪهاڻيڪاره جيڪو مثبت پيغام ڇڏيو ته، “سانوڻ فقير جي صدا هرطرف گونجڻ لڳي” سو به بنهي لاجواب آهي.

توڙي جو هن ڪهاڻيءَ کي سمجهڻ لاءِ ڪشادي سوچ ۽ لوچ جو هجڻ جتي ضروري آهي، اتي مختلف پهلوئن تي گهرائي سان جانچڻ ڪري مثبت سوچ، رومانس، بُڻ، تربيت ۽ سماج جي منفي سوچن کي پُٺي ڏيندي آخر ۾ جيڪو پيغام آهي اهو به ڏاڍو وڻندڙ ۽ ڪهاڻي پنهنجي جوهر ۾ دلچسپي، تجسس کان ويندي ڪردارن ۽ تسلسل جي ڳانڍاپي سان ڊائيلاگن، اسلوب، موضوع کان ويندي فني حوالي سان به هر پاسي کان لاجواب آهي، جيڪا هر ڪهاڻيڪار کي ضرور پڙهڻ گهرجي.

**

(اڻ ڇپيل تحرير)

 

(جعفر شاھاڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تان کنيل)

No comments:

Post a Comment