Tuesday, December 28, 2021

دوستيءَ جو حق - عطاء الحق قاسمي - همير گاد

دوستيءَ جو حق

ليکڪ: عطاءُ الحق قاسمي

مترجم: همير گاد



“يار تو پنهنجو گهر تمام خوبصورت ٺھرايو آھي!”

“تون ته ڄاڻين ٿو، مون هن تي ڪيتري رقم ۽ وقت وڃايو آھي!”

“ھن جو نقشو تو ڪٿان حاصل ڪيو هو.؟”

“حاصل ڪيو هو؟ تنهنجو دماغ ته ٺيڪ آھي، هي نقشو هڪ بين الاقوامي شھرت رکندڙ ماھر کان ٺھرايو هو.ڏھ لک رپيا ته هن جي صرف مون فيس ادا ڪئي هئي.”

“ڏھ لک صرف نقشي جي فيس ۾..؟”



“ھا، ان ۾ حيراني واري ڪهڙي ڳالھ آھي۔ ڇا توکي خبر آھي هن جاءِ جي تعمير ۾ ڪيتري رقم خرچ ٿي؟”

“ڪيتري؟”

“ڇڏ بس، تون ٻڌندي ته بيھوش  ٿي ويندين، بس اهو ڄاڻ ته هن ۾ جيڪو ڪجھ به توکي نظر اچي رهيو آھي اهو سڀ جو سڀ اوريجنل مٽيريل آھي.!”

“ڇا تون هن گهر ۾ خوش آھين.؟”

“ڇا مطلب؟ رڳو خوش تمام خوش آھيان.”

“هي تون به ڄاڻين ٿو ته هي گهر تو حلال جي رزق مان ناهي ٺھرايو!”

“ھا ڄاڻان ٿو۔ پوءِ؟”

“ڇا تنهنجي ضمير توکي ملامت نه ڪئي.؟”

“ضمير؟ ضمير انسان کي گناهن کان روڪيندو ناهي! بس ان گناهن جو مزو خراب ڪري ڇڏيندو آھي، سو ڪڏهن ڪڏهن منهنجو مزو به خراب ٿي ويندو آھي.!”

“اگر ڪڏهن تون اينٽي ڪرپشن وارن جي نظر ۾ اچي وئي ته پوءِ.؟”

“پوءِ ڇا ٿيندو.؟”

“پڪڙجي پوندي ٻيو ڇا ٿيندو.؟”

“تون به ڏاڍو سادو ماڻھو آھين۔ ڪا ٻي ڳالھ ڪر!”

“ڇا ڪڏهن تو اهو سوچيو آھي ته ايتري شان سان رهڻ کان پوءِ به معاشرو توکي سٺين نظرن سان نه ٿو ڏسي.؟”

“ڪهڙو معاشرو.؟”

“اهو ئي معاشرو جنهن ۾ تون رهين ٿو۔ جنهن ۾ تنهنجا مٽ مائٽ، تنهنجي پاڙي وارا ۽ تنهنجا دوست شامل آھن.”

“اهي سڀ ماڻھو ته مون کي ڏسي جهڪي پوندا آھن.”

“اھي سڀ ٻاهران ائين ڪندا آھن ، اندر ۾ اهي سڀ ماڻھو توکي پسند نه ٿا ڪن.”

“اندر جي ڳالھ جيستائين اندر ۾ ئي رهي، ان سان اسان کي ڪهڙو نقصان پهچي سگهي ٿو.”

“ٺيڪ آھي ضمير کي به ڇڏيو، اينٽي ڪرپشن وارن کي به ڇڏيو، معاشري کي به ڇڏيو۔ تون اهو ٻڌاءِ ته مذھب تي ايمان رکين ٿو.!”

“ھا هر مهيني خيرات ڪندو آھيان.!”

“پر تنهنجي رزق ۾ اگر حرام جي ملاوٽ آھي ته هي خير خيرات تنهنجي ڪنهن به ڪم نه ايندي.”

“يار ڇو ٿو مون کي ڊيڄارين.؟”

“نه ان ۾ ڊيڄارڻ واري ڪا ڳالھ ناهي، مان ته توکي حقيقت ٿو ٻڌايان.انهن ماڻھن جي لاءِ سخت عذاب آھي جيڪي حرام جي مال مان پنهنجا گهر ٺھرائن ٿا ۽ دنيا جون سھولتون خريد ڪن ٿا.!”

“يار تون ڇو مون کي ڊيڄارڻ جي پويان پيو آھين.؟”

“مان توکي ڊيڄاريان ڪونه ٿو، صرف هڪ دوست جي حيثيت سان پنهنجو فرض پورو ٿو ڪريان۔ توکي خبر آ،  قبر جيڪا پهريان کان ئي سوڙھي هوندي آھي، اهڙن ماڻھن جي لاءِ اڃان وڌيڪ سوڙھي ٿي ويندي آھي.”

“۽....پوءِ...پوءِ ڇا ٿيندو.؟”

“۽ پوءِ اهو ته، دوزخ جا فرشتا اهڙن ماڻھن کي باھ ۾ اڇلائي ڇڏيندا ۽ جڏهن انهن جو جسم سڙي رک ٿي ويندو ته انهن کي هڪ نئون جسم عطا ڪيو ويندو ۽ ان کان پوءِ ٻيهر باھ ۾ اڇلايو ويندو ۽ اهو عمل ڪروڙ سالن تائين جاري رهندو.”

“ڇا تون سچ چئي رهيو آھين.؟”

“مون کي ڇا ان معاملي ۾ ڪوڙ ڳالهائي دوزخ جي باھ ۾ سڙڻو آھي ڇا.؟ تون هاڻي عمر جي آخري حصي ۾ آھين، مختلف بيمارين ۾ ورتل آھين ڪنهن به وقت تنهنجو ساھ نڪري سگهي ٿو۔ ڇو ڪجھ گهڙين جي خوشين لاءِ پاڻ کي ڪروڙن سالن جي عذاب ۾ ٿو وجهين.قارون ڪيڏو امير ماڻھو هو، پر جڏهن وفات ڪري ويو ته سندس مال ملڪيت هن جي ڪنهن ڪم نه آئي.!”

“يار تو ته منهنجيون اکيون کولي ڇڏيون آھن۔ تون منهنجو محسن آھين.مان هاڻي هن گهر ۾ هڪ پل جي لاءِ به نه رهندس، تون مون کي ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان.؟”

“خدا جو شڪر آھي جو تو منهنجين ڳالھين کي غور سان ٻڌو ۽ مڃيو به۔ هاڻي تون ان عذاب مان هڪ ئي حالت ۾ ٻاهر نڪري سگهين ٿو پنهنجي حلال جي رزق مان هڪ ننڍي جهُڳِي خريد ڪري يا ڪرائي تي وٺي ان ۾ رھي پئه. يقين ڪر توکي ان جهُڳِي ۾ تمام گهڻو سڪون ملندو.!”

“۽ ھن نئين گهر جو ڇا ڪريان.؟”

“اهو تون منهنجو نالي ڪري ڇڏ، مان تنهنجي خاطر سڀ عذاب برداشت ڪندس آخر دوستيءَ جو حق به ته ادا ڪرڻو پوندو آھي.!”

 

(ماهوار هزار داستان حيدرآباد جي ڊسمبر ۲۰۲۱ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment