Wednesday, December 29, 2021

وڻ تي رهندڙ هڪ شخص جي ڪهاڻي - عبدالواحد سومرو

وڻ تي رهندڙ هڪ شخص جي ڪهاڻي

عبدالواحد سومرو



توهان کي عنوان مان پڪ سان پريشاني ۽ اچرج ضرور ٿيو هوندو ته ڪو وڻ تي به ڪو ماڻهو رهندو؟ سا ڳالهه ٿوري سمجهڻ کان ٻاهر آهي.

ڳالهه/ ڪٿا يا قصو اهو آهي ته جڏهن اديب، اهو به جڏهن فڪشن نگار لکندڙ هجي ته پوءِ هن قسم جون ڳالهيون پڙهجي سگهڻ جو موقعو ملي ئي پوي ٿو.


ٻين ڪهاڻين جي تذڪري کان اڳتي وڌون ٿا ته هيءَ ڪهاڻي اٽاليو ڪلووينو جي قلم جي ذريعي ڦٽي نڪتل آهي هي ليکڪ جيڪو ۱۵ آڪٽوبر ۱۹۲۳ع ۾ هوانا (ڪيوبا) جي علائقي Santiago de Vegas ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد ماريو (Mario) (هاري) زمين جي آبادي جي علم جو ڄاڻو هيو. (Agronomist) جنهن ڪيترا ئي سال استوائي ملڪن ۾ گذاريا هُيا. خاص طور تي لاطيني آمريڪا ۾. ڪالوينو جي ماءُ ايوا (Eva) جيڪا سارڊينا جي رهواسي هئي. هوءَ سائنسدان هئي. نباتات جي ماهر هئي. اٽاليو جي پيدا ٿيڻ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ خاندان (اٽلي) واپس آيو ۽ ليڪوريا (Liguria) ۾ رهائش اختيار ڪئي. جيڪو پروفيسر ڪالوينز جو اباڻو علائقو هُيو. ڪالوينو جو ڪجهه وقت ته ساحلي ڪناري ’سان ريمو‘ (San Remo) ۾ گذريو. جتي ان جو والد هڪ نرسري (گلن جي آبياري) جو سنڀاليندڙ هُيو. ڪجهه خاندان جي جبلن تي رهائش، هئي جتي هن جي والد گريپ فروٽ ڪجهه ٻين ميوون جي پوکي جو رواج وڌو.

هن ’سان ريمو‘ ۾ تعليم حاصل ڪئي. ۽ پوءِ هڪ درسگاهه تورين جي زراعتي شعبي ۾ داخلا ورتي. هتي هر شروعاتي امتحانن تائين رهيو. ٻئي عالمن جنگ جي جڏهن جرمني، اٽلي، ليڪوريا ۽ ٻيو اتر اٽلي تي قبضو ڪري ورتو. ڪالوينو ۽ ان جي سورهن سال جي عمر جو ڀاءُ فاشسٽن جي لازمي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پاڻ بچائيندي (Partisans) سان وڃي شامل ٿيو.

ان کانپوءِ ڪالوينو لکڻ شروع ڪيو. خاص طور تي جنگ جي دوران حاصل ڪيل تجربن بابت هُيو. ان پنهنجون شروعاتي ڪهاڻيون شايع ڪيون ۽ گڏوگڏ درسگاه ۾ پنهنجي پڙهائي ٻيهر شروع ڪئي. پر زراعت کان ادب جي شعبي ڏانهن آيو. انهي زماني ۾ ان پنهنجو پهريون ناول مڪڙي جي ڄاري ڏانهن ويندڙ رستو (Path to the Nest of Spider) لکيو. ۽ ان کي ادبي مقابلي ۾ پيش ڪيو. جنهن جي اڳواڻي (Mondadori) جو اشاعتي ادارو ڪري رهيو هيو.

سال ۱۹۴۷ع ۾ جڏهن اهو ناول منظر تي آيو ته ان وقت تي هن پنهنجي سند درسگاهه مان حاصل ڪري ورتي هئي. ۽ هن اي نائودي جي اشاعتي اداري ۾ ڪم شروع ڪيو.

پهرين ناول جي ڇپجڻ کانپوءِ ڪا تحرير لکڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي. پر هن پنجن سالن کانپوءِ ۱۹۵۲ع ۾ اهو موقعو آيو جو هن جو هڪ ناوليٽ عنوان (The Cloven Viscount) شايع ٿيو. هن ناوليٽ کي تبصري نگارن طرفان ساراهيو ويو.

انهي سال ڪالوينو اٽلي جي لوڪ ڪهاڻين تي هڪ مجموعو تيار ڪيو. هن ناول ۾ هن وڻ ۾ بيرن (The Baron in the Trees) وڻ تي ويٺل هڪ شخص منظر تي آيو. ٻيو ۱۹۵۹ع ۾ مخدوم سورمو (The Non-Existent Knight) منظر تي ترت آيو. ان کان پوءِ اسان جا وڏا (Our Ancestors) اهي سڀئي گڏي شايع ڪيا ويا.

سال ۱۹۶۵ع ۾ (Cosmicomics)، ۱۹۷۹ع ۾ ناول (If on a Winters Night a Traveler) ”سردين جي راتين ۾ هڪ مسافر“ شايع ٿيو. ان کانپوءِ ۱۹۸۳ع ۾ (Mr. Palomar) ۽ 1984ع ۾ هن جو مختصر ڪهاڻين جو مجموعو ”اوکو پيار“ (Difficult Love) ”نظر نه ايندڙ شهر“ (Invisible Cities) شامل آهي.

ڪالوينو اٽلي جي اشتراڪي پارٽي ۾ به رهيو. سال ۱۹۵۶ع ڌاري، روس جي هنگري ملڪ تي حملي ڪرڻ کانپوءِ هن پارٽي جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

هن جي دماغ تي حملي بعد سينا (Siena) جي اسپتال ۾ تيرهن ڏينهن کانپوءِ ۱۹ سيپٽمبر ۱۹۸۵ع ۾ وفات ڪئي.

’دي بئرن ان دي ٽري‘ (The Baron in the Tree) ناول جي ڪهاڻي جيڪا (ناقابل قبول) اڻ ٿيڻي آهي. تنهن کي پنهنجي جادوئي اثر واري اسلوب سان يقيني بڻائڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. هي ناول ۱۹۵۷ع ۾ ڇپجڻ بعد دنيا جي ٻين ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿيو.

هن ڪهاڻيءَ کي ننڍو ڀاءُ بيان ڪري ٿو. هن گهر ۾ ماءُ بيرونسن ڪورا دينا روندو، والد بيرن آرمينو ڀيڻ باتيمسا ۽ ٻه ڀائر هڪ ننڍو ٻيو وڏو. اڳتي هلي وڻ تي گذاري ٿو.

۽ اسان جي والد جو ناجائز ڀاءُ به رهندو هيو.

ڪهاڻي کي ليکڪ بيان ڪرڻ جي لاءِ ڀاءُ جو سهارو ورتو آهي.

ٻارهن سالن جو ڀاءُ- گهر ۾ والد جو رويو انتهائي خشڪ ۽ سخت قسم جو هيو جهڙوڪر انتهائي محدود- نيٺ هڪ ڏينهن والد کان ناراض ٿي، وڻ تي چڙهي وڃي ٿو.

***

ڳالهه اڳتي وڌي ٿي. ڪوسيمو هيٺ لهڻ جي بجاءِ مٿي رهڻ شروع ڪيو. مٿي رهندي ڪڏهن هن پاسي ته ڪڏهن هُن پاسي ٿي ڏٺو. چؤطرف وڻ- هڪ گهاٽو جهنگل، هڪ ڀر واري گهر ۾ هڪ ڇوڪري کي وڻن جي ذريعي وڃي ان جي دري تائين پهتو. ان هن سان گفتگو ڪئي. ان خاندان سان هن جي والد جي اڻبت هئي. اڳتي هلي ان کي ٻاهر ٻئي شهر اماڻي ڇڏين ٿا. ان جو /ٻلونگڙو رهجي ويو. جيڪو پوءِ ڪوسيمو سان جڙيو. جيڪو وڻن تان ويٺي شڪار ڪندو هُيو. اهو ڪتو پوءِ هن کي کڻي ڏيندو هيو. ان ڪتي جو نالو.... رکيو.

ان ڇوڪري جو به ڪمال اهو هُيو ته وڻن تي چڙهي ويندي هئي. انهن ڏينهن ۾ هن جي عمر جي ڇوڪرن جي ٽولي هوندي هئي، جيڪي وڻن تي چڙهي باغن مان ميون پڪل جي چوري ڪندا هُيا. انهن سان به ڦڏو فساد ٿيس.

وڻن تي ڪوسيمو شروعاتي ڏينهن ۾ ڪنهن حدف يا مقصد هُيس ته هو هن پنهنجي سلطنت کي ڄاڻڻ ۽ ان تي قابو پائڻ جي خواهش حاوي هئي. هو ان جي سمورين حدن تائين گهمڻ پسند ڪرڻ سان گڏ ٻين رخن جو به جائزو وٺي رهيو هيو ته ٻوٽن ۽ شاخن کي به جاچي ڏٺو.

ڪوسيمو وڻ تي رهندي به پڙهڻ شروع ڪيو. اهو هڪ وڻ جي شاخ تي ويٺو هوندو هُيو. هيٺ ’ايبي‘ گاهه تي رکيل اسٽول تي ويٺي پئي پڙهايو.

ڪوسيمو اوليوابا ملڪ جي اندر هڪ شهر هيو. جتان هي وڻن تان سفر ڪندي ڏٺو ته مرد ۽ عورتون وڻن تي ويٺل آهن. انهن جو هِن کي ڏٺو ته رڙيون نڪري وين. بلڪه هڪ ٻن ته پٿر به هنيس.

انهن سان ملاقات ڪئي. انهن شاهه چارلس ٽين جي خلاف بغاوت ڪئي هئي ان جي نتيجي ۾ هنن جي خاندان کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو هيو. اتي هي رهي پيو. اتي انهن کي پاڻي کان ويندي ڪجهه ٻين سهولتن کان واقف ڪيو. اتي هڪ ڇوڪري اُرسلا سان به رهندي قربت رهيس.

ڪوسيمو وڻن تي لکڻ پڙهڻ شروع ڪيو. هن کي مختلف ڪتاب پهچندا هيا. علائقي جا ماڻهو هاڻ هن کي وڃي کائڻ جون شيون ڏيئي ايندا هُيس. اتان جي هارين ۾ اهو وهم پيدا ٿيو ته هن کي ڏيڻ سان چڱائي ٿيندي.

اجتماعي زندگي جي لاءِ ڪوسيمو جو جذبو، جنهن جو اظهار هو هميشه ڪندو هيو. هن جي ذهن ۾ هڪ عالم گير سماج جو تصور هُيو. اتي رهندي هو تنظيمون به ٺاهيندو رهيو. ايستائين جو هاڻ ته تقريرون به ڪرڻ لڳو.

مان نٿو چئي سگهان ته هي اڻويهين صدي، جنهن جي شروعات خواب ٿيندي پئي وڃي. انجام ڇا ٿيندو.

هن ناول ۾ فرانس، سماج، سياست، ادب، کان ويندي پيار به ڇلڪندي نظر اچي ٿو. هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي وڻ تي رهڻ. اهو  شخص سڄي حياتي وڻ تي رهيو. آخر ۾ هڪ ڦوڪڻو آيو. ان تي هليو ويو.

ڪوسيمو جو ڪردار عالمي ادب جو سڀ کان وڌيڪ مشهور معروف ۽ دل ۾ ويهي وڃڻ وارو هڪ ڪردار طور تي ڳڻيو وڃي ٿو.

هن ناول ۾ نيپولين جي روئيداد به چٽيل آهي. هن ڪردار جا ڪافي رخ، يورپ ۾ واقعا پيش آيا جنهن ۾ فرانس جي انقلاب جا واقعا شامل آهن.

اٽالو ڪلوينو Italo Calvino جي قلم مان ڦٽي نڪتل شاندار اسلوب سان پڙهندڙن جي پڙهڻ لاءِ موجود آهي. زندگي سان ڀرپور آهي. جڏهن ته ڪردار وڻ تي آهي. پر ان جو عوامي رابطو به آهي. ايتري تائين جو تقريرون به لکي ٿو ته خط به لکي ٿو.

هڪ ڪتاب، ناول جي صورت ۾ پڙهڻ وٽان آهي. جيڪو ٻين کي به پڙهڻ گهرجي!

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾  ۲۹ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment