Monday, December 27, 2021

ڪاش - دريا خان شنباڻي

ڪاش

(ننڍڙي ڪهاڻي)

دريا خان شنباڻي



“ادا ڇا ته زمانو هو جڏھن بابا ۽ امان جيئرا هوندا ها.”

“جي بلڪل ڀيڻ، بس وقت وقت کي سلام آ.”

“ادا تو کي ياد آ جڏھن ماسي مُرادان جي پٽ پنهنجي ماءُ سامهون پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي ڪارپ الزام هڻي ڪهاڙيء سان ڳڀا ڳڀا ڪيو هو.”

“ها بلڪل ياد آھي، وڏو واقعو هو اهو.”

“ادا ته ڇا پسند جي شادي ڪرڻ ڏوھ آھي؟”


“مون کي اها خبر ته ناهي ته ڏوھ آھي يا نه پر پيءُ ماءُ يا ڀائرن جي عزت جو به ته خيال ڪرڻ گهرجي.”

“ادا جيڪڏھن مان به پسند جي شاديء لاء ضد ڪيان ته ڇا تون به مون کي ائين........”

“ها بلڪل، مان به تو کي گهر ۾ ٽنگيل ڪهاڙيء سان ماري ڇڏيندس.”

“ته پوءِ ڀل مار، مان پسند جي شادي ڪرڻ ٿي چاهيان.”

“ته پوء ٺيڪ آھي.”

سندس ڀاءُ ڀت تي ٽنگيل ڪهاڙي کنئي ۽ اچي ڀيڻ جي ڪنڌ ۾ وهائي ڪڍيائين ته سندس ڀيڻ هيٺ ڪري پئي.....

ٿوري ئي دير ۾ ڀيڻ اکيون کوليون ته سندس ڀاءُ مٿان مرڪي رهيو هو ۽ ڀاءُ جي مرڪ تي هوء به مرڪي پئي.... ۽ پوء ڀيڻ کي چيائين “هيءَ ته ڪاغذ جي ڪهاڙي آھي، ڀلا ڪاغذ جي ڪهاڙيءَ سان ڪو مري سگهي ٿو، تون ته منهنجي لاڏلي ڀيڻ آھين، چڱو ٻڌاء ته ڪنهن سان شادي ڪندينءَ.”

“ادا، ماجد سان!”

“ڪهڙو ماجد؟”

“جيڪو ميڊيڪل اسٽور تي ڪم ڪندو آھي”

“ٺيڪ ٺيڪ.... هو به راضي آھن؟”

“جي ادا، تون چئين ته هو پنهنجي پيءُ ماءُ کي سڀاڻي رشتي لاء موڪلي”

“ڀلي موڪلي”

“ادا آء لو يو”

“لو يو ٽو ماء ڊيئر سسٽر”

ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي ڳلي لڳائي ڇڏيو.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۵ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment