Wednesday, December 29, 2021

اختر رضا سليمي، هندڪو تھذيبَ ۽ “جَنڊُ” - ننگر چنا

اختر رضا سليمي، هندڪو تھذيبَ ۽ “جَنڊُ”

(اختر رضا سليمي جي ناول جو تعارف)

ننگر چنا



اختر رضا سليمي جي ساراھ مون پھريون ڀيرو پنھنجي دوست بخشل باغيءَ واتان ٻڌي. باغيءَ مون سان فون تي اختر رضا سليميءَ جي ناول "جاگے ہیں خواب میں" جو ذڪر ڪيو. مون کي پڪ هئي ته يار جنھن وٿ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، سا ضرور چڱي ئي هوندي. مون پنھنجي هورا کورا ساڻس اوري ته هُنَ ناول ٽپال ۾ موڪلي ڏنو. مون ناول پڙهيو ته حيرت جي جھانَ ۾ گم ٿي ويم.


سندس ٻيو ناول “جَندر” آهي. جَنڊَ کي سرائيڪي ، پنجابي ۽ هندڪو ٻولين ۾ “جندر” چَون. جيئن چَنڊَ کي چَندر ۽ پُٽَ کي پُتَر چون. هي “جندر” نالي ناول هندڪو تھذيب جي هڪ اهڙي پاسي جي اوکَ ڊوکَ آهي، اُپٽار آهي، جيڪو پاسو معدوم ٿي چڪو آهي، گم ٿي ويو آهي. ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن نه پھاڙي چشمي جي پاڻيءَ جي سَگهه تي هلندڙ پٿر جو وڏو/وڏي  جَنڊُ/ جانڊھ ولي خان نالي همراھ کي پنھنجن وڏن سان، پنھنجي ڪلچر سان ٻڌي رکي ٿو/ٿي. اختر رضا سليمي ولي خان کي، جيڪو هِنَ ناول جو مرڪزي ڪردار آهي، جَندروئي سڏي ٿو، جنھن کي سنڌيءَ ۾ جانڊاهي چيو ويندو هو. جانڊَھِ  اسان جي سماج جو به اهم ڀاڱو هئي ، پر اسان جانڊَھِ کي ڊيزل انجڻ واري اَٽي جي چَڪِي ۽ هاڻي بجلي واري چڪي کان پوءِ سماج مان ته ڪڍي ڇڏيو پر پنھنجي اجتماعي لاشعور مان به ڌڪي ڌار ڪري ڇڏيو. ٽيھه چاليھه سال اڳ جڏهن سوين ڪوهن تائين ڪا هڪ ڊيزل انجڻ واري چَڪِي مَسَ هوندي هئي تڏهن هر گهر ۾ جَنڊُ هوندو هو ۽ ڪن ڪن گهرن ۾ وري جانڊَھِ هوندي هئي. اسان جي ٻوليءَ ۾ جڏهن “جانڊاهي” لفظ آهي، تڏهن پڪ سان ماضيءَ ۾ انهن جانڊاهين جو ڪم اهوئي هوندو جيڪو اختر رضا سليميءَ “جندر” ۾ ولي خان کي ڪندي ڏيکاريو آهي. هاڻي به ڪاڇي ۾ ڪٿي ڪٿي اها ڊيزل انجڻ واري اٽي جي چڪي آهي، پر گهڻو تڻو ماڻهو اٽي پيھائڻ واري کَڦي کان پري ، دڪانن تان وٺيون کائن ٿا. اسان جا جانڊاهي به اَوس آھَتَ تي يا وري جنس جَي مٽا سَٽا واري اصول هيٺ جانڊَھِ هلائيندا هوندا ۽ اَنُ پِيھَندا هوندا. پر هَئه هَئه جو اسان جي ادب کي اڃا ڪو اختر رضا سليمي نه ملي سگهيو آهي، جيڪو جانڊاهين تي “جندر” جھڙو ناول لکي ها.

هندڪو سماج ۾ اهو جانڊاهين وارو ڪم ڪيئن ٿيندو هو؟ اِنَ سان لاڳاپيل ڪھڙيون روايتون هيون؟ اِنَ جي اهميت ڪيتري هئي؟ اهڙن سوالن کي آڏو رکي “جندر” جي ڪھاڻي اُڻي وئي آهي. هِنَ ناول ۾ ڪارل گستاف زونگ جي “اجتماعي لاشعور” کي وَرتائيندي فرد جي لاشعور کي وڏڙن جي شعور سان ڳنڍيل ڏيکاريو ويو آهي، ان کان متاثر ڏيکاريو آهي، ان جي سھاري جيئندي بيان ڪيو ويو آهي ۽ مِٽجندڙ ڪلچر کي هڪ ڀيرو ٻيھر ادب وسيلي جيئري رکڻ جو جتن ڪيو ويو آهي. ناول جنھن نڪتي کان شروع ٿئي ٿو ، اُتي ئي اَچِي ختم ٿئي ٿو. ولي خان جي زندگيءَ جي آخري رات آهي ۽ هُو باقي رهيل اَٺن ڪلاڪن جي اندر پنھنجي سڄي زندگي، پنھنجين ٽن پيڙهين جي زندگي بيان ڪري ٿو. هِنَ ناول ۾ جانڊَھِ جي ٺَھَڻ سان لاڳاپيل ڏند ڪٿائن جھڙي هڪ ڪھاڻي به بيان ڪئي وئي آهي، جيڪا “جانڊَھِ” کي هڪڙو تقدس عطا ڪري ٿي ۽ سورماپَرستي جي قديم لاڙي کي ٻيھر سگهه بخشي ٿي. اهڙيون ڪجهه ٻيون روايتون به ناول جي سونھن بڻجن ٿيون. ناول جي اُڻَت ۾ انيڪ انساني ڪيفيتن ، مامرن کي سُلجهائڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي آهي. اڪيلائي،  ڪُوڪَ، موت ، محبت ، جنس اهم وٿون آهن. ولي خان جيڪو پيءُ کان ننڍي هوندي ڪھاڻيون ٻڌي ٿو ۽ وڏو ٿي دنيا جھان جو ادب پڙهندي به پنھنجي وڏن جي جانڊھ سان چريائپ جي حد تائين پيار ڪري ٿو. هُو ٽن ورهين جو هوندو آهي جو کيس پيءَ پاڻ سان گڏ جنڊ تي ويھاري ٿو ۽ هُنَ جي يادگيري ۾ جنڊ جي اها ڪُوڪَ سدائين جي لاءِ گونجندي رهجي وڃي ٿي. هُو پنھنجي ماءُ جي پيٽ ۾ هوندو آهي تڏهن به اها ڪُوڪَ سندس واتاورڻ جو ڀاڱو هوندي آهي. وڏي ٿيڻ کان پوءِ اها لاشعور جي ڪوڪ ئي آهي جيڪا کيس پنھنجي زال کان به پري ڪري ڇڏي ٿي.

ولي خان کي پنھنجن کان مليل ڏک، اڪيلائي ۽ غم جي سفر ۾ جَنڊُ سندس ساٿي ثابت ٿئي ٿو ۽ ائين اهو ماڻهوءَ جيڪو پنھنجي ڪلچر۾ پاڙون رکي ٿو سو جيون جي ڪَٺنائين، ڏکيائين کي مُنھُن ڏيڻ سگهه به رکي ٿو .

جَنڊَ سان جُڙَيل هيءَ ڪھاڻي اسان کي اِهو ٻڌائي ٿي ته جديد اَٽي جي مشين اچي وڃڻ جي ڪري  جانڊَھِ تي اَٽي پيھائڻ ڪو به نه ٿو اچي ۽ ولي خان چاليھه ڏينھن بنان اَٽي جي پنھنجي ۽ پنھنجي مرندڙ تھذيب جي ڪٿا کي خود ڪلامي واري انداز ۾ بيان ڪندي ، پنھنجو نفسياتي ڪيٿارسس به ڪري ٿو ته اختر رضا سليمي جي وسيلي ايندڙ نسل تائين وڏن جي جھد کي جيئن جو تيئن پھچائڻ جو جتن به ڪري ٿو.

اختر رضا سليميءَ کي هڪ سھڻو ناول لکڻ تي واڌايون.

۲۶ پوھ ۱۳۹۵ سنڌي سنبت ۲۹ ڊسمبر ۲۰۲۱ع

چنا محلو، نصيرآباد.

 

(فيسبڪ پيج ”ننگر چنا جون لکتون“ تان ۲۹ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment