Monday, December 27, 2021

روشنيءَ واري ديسِ - امداد ڪانهيو

روشنيءَ واري ديسِ

(ننڍڙي ڪهاڻي)

امداد ڪانهيو



جلال سان گڏ جمال واھ جو هُيو!

ڳوٺ سارو ٻهڪيو پئي. هر طرف شادمانا نه به هئا ته امن، يڪسانيت، اتفاق ۽ انسانيت ته هُئي! اَسهپ نه هُئي. غريب امير جو تفاوت ڏسڻ ۾ نٿي آيو. وِيڇا ۽ ننڍ وڏائيءَ وارو تصور به نه هو. پاڙي ۾ رهندڙ سمورن الله لوڪن وٽ بُک جا ڏُک جي ھئا، ته گڏ جلال خان جا اُهي سُک به هئا، جِن تحت سڀن کي ساڳي اک سان هُن ڏٺو ٿي ۽ ڪنهن به لوفر لَڙي يا ڏِنگي سِڌي کي لُچائي ڪرڻ جي ڪنهن به صورت جُرئت ڪرڻ نه ٿي ڏنائين.


اٽل حقيقتون جڏهن ٿي گُذرنديون آهن، تڏهن منصبن جي بدلجڻ سان حالاتن ۾ به وڏا ڦيرا ايندا آهن! سماجن ۾ نئين روايتن جي پيوندڪاري ٿيندي آهي. هيڏانهن وڏيري جلال خان ڪنڌ سٽيو ۽ راھ رباني ورتي، هوڏانهن ڳوٺ سموري جو جمال وڏيري جلال سان گڏ دفن ٿي ويو! سالار خان اڪيلو وارث ۽ نياڻو، گڏ سڳو ڀائٽيو رئيس جلال خان جو، هاڻ ڳوٺ جو والي وارث ٿي، جلال خان جي جڳھ تي ايندي ئي پهرين راڄ واري پاڻي جي سرڪاري شاهيءَ ٽانڪي جا سمورا ڪنيڪشن ڪٽائي، پاڻي جي هڪ ئي لائين پنهنجي وڏيري گهر تائين مخصوص ڪري ورتائين! مسڪين ماڻهو، ڪُڇان ته ڪافر، بُت بڻجي بيهي رهيا ۽ ڪي هئنڊ پمپ جي گدلي پاڻي تي گُذران جو سوچڻ لڳا. پر ڀلو ٿئي سُتل نمائندي جو، جنهن ووٽن جي آسري ڳوٺ لاءِ سرڪاري تلاءُ کڻي، سِگهو منظور ڪيو ته ڀاڳوند ڳوٺاڻا هڪ ڀيرو وري ٻهڪي پيا.

تلاءُ ٺهي راس ٿيو. ڳوٺ سمورو جُهمريون پيو هڻي اچانڪ وڏيري سالار خان جو فرمان ٻُڌي سڀ گهرن ۾ وڃي ائين ٿڌا شوڪارا ڀري لِڪڻ لڳا جيئن نانگ ٻِر ۾ واپس گِهڙي ويو هجي! وڏيري سالار خان چيو؛ “ڳوٺ مان ڪير به پاڻي جي تلاءُ جي ويجهو نه وڃي! متان ڪنهن تلاءُ مان پاڻي ڀرڻ جي ڪئي آهي يا ڪا لائين ڇِڪڻ جي! تلاءُ صرف وڏيرن جو آهي گدلن ماڻهن جو نه!”

پاڻي جي اڻاٺ ۽ مُشڪلات راڄ وارن جي اَهنجن ۾ واڌارو ڪيو پر سڀڪو ڏکيو سکيو گذاريندي آھ ڀري سوچيندو رهيو، “هل ڀيڻان جلال خان! ڇا ته جمال هو ڳوٺ ۾! هاڻ ته پڌر کائڻ ٿا اچن! سڀڪو ڀونگيون پٽيندو وڃي، باقي وڃي ڪي رهيا آهن....!”

جهان تڳيو پئي، مخالف اميدوار ڳوٺ لاءِ مليل تلاءُ جو ٻُڌي سالار خان مٿان پنهنجي لت رکي ۽ ووٽن تي پنهنجو حق رکڻ لاءِ اُن به مٿان کڻي گهٽيون پڪيون ڪرڻ جي منظوري ڏني! ۽ گهٽيون پڪيون ڪرڻ لاءِ اچڻ وارن کي ڏسي ڳوٺاڻا ته ڪنڌ جُهڪائي بيهي رهيا پر وڏيرو سالار خان ٻهڪيو پئي ٻهڪيو!

ڳوٺ جون گهٽيون پڪيون ٿيڻ رهجي ويون، وڏيري جي اوطاق جو وسيع فرش انهي سرڪاري ٺيڪي مان ڀرپور نموني پڪو ٿي ويو ۽ ڳوٺاڻا وري به ساڳي طرح خاموش پنهنجي گهرن ڏي موٽي ويا ڄڻ صدين کان روزيدار هُجن!

جمال ته رهيو ڪونه جلال جا يادگيرا سانڍي گهڻا ته ڳوٺ ئي ڇڏي ويا هليا پر ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ اڃان به ترس ۽ اُميد جي ڪنهن آسري رهيا پيا هئا پر ايندڙ ووٽن جي مُند ۾ سالار خان سوچيو، “هي غريب غُربو سرڪاري بجلي ٻاري اجايا پئسا پيو ذيان ڪري! منهنجي ٻني ٻارو ڪن، صحتمند رهڻ لاءِ ورزش ضروري آهي، جيڪا منهنجي ٻني پوکڻ ۽ ٻيو منهنجي اڳيان اُٿ ويھ ڪرڻ سان ئي ڪري سگهندا! روشني سان رنگ اَڇو نه ٿيندو... هنن ڪارن ماڻهن جي صحت لاءِ روشني چڱي ڪونهي ۽ هونئن به سرڪاري مراعتون غريبن لاءِ آهن ئي ڪٿي!؟”

ٻئي ڏينهن سالار خان بجلي وارن سان ساز باز ڪري ڳوٺ جي لوهي ٿنڀن تان سموريون تارون لهرائي، هڪ وڏيرڪي حويلي جي لائين جُدا رکرائي ۽ باقي ڳوٺ جا سڀ پٽيل نوڙ پنهنجي ڪٻاڙي سنگتي کي گاڏي ڀرائي موڪليندي نياپو اماڻيو، “حساب ڪتاب مان اڌو اڌ ٿيندو!”

وڏيرو رات جو ٽي وي تي خبرنامو ڏسي ٻُڌندي حاڪمن تي لعنت ڪئي، “لُوسي! نا اهل! غريبن جو ته جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو اٿن!”

پاڙي ۾ روئندڙ ابهم ٻار جي ماءُ اُن مهل پنهنجي ننڍڙي کي سرچائيندي چئي رهي هُئي، “روئي نه ٻچا... انڌيري کان ڇا جو ڊِڄ؟ مان آهيان نه توسان گڏ! صبح سوير پاڻ روشني واري ديس هلنداسين، اهڙي انڌيري ڳوٺ ۾ تون نه رهندين!”

 

(امداد ڪانھيو جي فسيبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment