Tuesday, December 28, 2021

جيڪو ڏاڍو سو گابو - شبير احمد قريشي

جيڪو ڏاڍو سو گابو

(علامتي ڪھاڻي)

شبير احمد قريشي



اٺ، خچر ۽ دنبو، جھنگ ۾ گڏ گھمي رھيا هئا.

بکايل به هئا ته اڃايل به... منجھند اچي ٿي.

هڪ پاڻي جو دٻو نظر اچي وين. سک جو ساھ کنيائون. پاڻي ته مليو پر بک جو ڇا ڪجي.

دنبي کي پاسي ۾ ڪجھ ڪٽيل ۽ ڪريل گاھ جي ڍيري نظر آئي.


هاڻي گاھ ٿورو، ڪير کائِي ڪير کائَي!!

سو فيصلو ڪيائون ته؛ ’هر هڪ پنھنجو حسب نسب ٻڌائي، جنھن جو نسب اعليٰ آهي سو ئي  گاھ کائي ...‘

دنبي شروعات ڪئي ته؛ ”مان ان دنبي جي نسل مان آهيان جيڪو جنت کان آندو ويو ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي قرباني وقت ڇري هيٺان آيو...

تنھن ڪري منھنجو گاھ تي حق ٺھي ٿو.“

وري وارو آيو خچر جو. تنھن جو بيان هئو ته؛ ”منھنجي مٿان نبين سواري ڪئي آهي. هميشه بادشاهي محل ۾ رهندو آهيان. ٻيو ته مان براق جي نسل مان آهيان وغيره وغيره.... تنھنڪري گاھ تي منھنجو حق ٺھي ٿو.“

جڏهن وارو آيو اٺ جو... تنھن پنھنجي ڊگھي ڳچي اڳيان ورائي، گاھ ۾ وات وڌو ۽ چيائين؛ “منھنجو حسب نسب اَٿَوَ اهو! هاڻي جيڪو آڱوٺو پٽڻو اٿو پٽيو...”

سڀئي ’زور اڳيان زاري‘ چئي، چپڙي ڪري ويھي لقاءُ ڏسڻ لڳا.

 

(عبدالجبار جوڻيجو جي فيسبڪ پيج ”آل پروفيسرس ۽ ليڪچررس آف سنڌ“ تان کنيل)

No comments:

Post a Comment