Tuesday, December 28, 2021

هڪڙو انب ڪھاڻيءَ جو اڀياس - امر لغاري

هڪڙو انب ڪھاڻيءَ جو اڀياس

اڀياس: امر لغاري



ڪھاڻيءَ جو نالو: هڪڙو انب

ليکڪ جو نالو: ممتاز لوهار

لبُ لھجو: حقيقت نما (ويچارگي جھڙو يا ستم ظريفاڻو)

آب هوا: مئي جا ڪاڙها، گرمي پد ۵۲ سينٽي گريڊ

نيريٽر: ضمير غائب لامحدود

موضوع: گھڻ پاسائون: خواهشون، بي اختاري، بي وسي..

مُک ڪردار: غلام حسين (چاچو صھرو)~  غير متحرڪ /two dimensional (ٻه-پاسائون) ۽ نونھن~  static (غير متحرڪ)

حاوي ادبي صنعت: تجسس (suspense)

زمان ۽ مڪان: ڏينھن جو وقت / (اتر) سنڌ جو ڪو شھر

 

مختصر تعارف:

ممتاز لوهار جو شمار گذريل صديءَ جي آخري ڏهاڪي کان لکندڙ جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. ڪھاڻيڪار هجڻ سان گڏ هو ترجمي نگار ۽ مُصور پڻ آهي.  ڪِرت ۾ هو هڪ استاد آرٽيسٽ آهي. ممتاز لوھار جي ڪھاڻي “هڪڙو انب” ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايل هُن جي ڪھاڻي ڪتاب “کليل دريءَ جو درد” ۾ شامل آهي. هي هڪ مختصر ڪھاڻي آهي، جا فقط ٽن صفحن تي مستمل آهي. هن ڪھاڻيءَ جي خوبصورتي اِها آهي ته ڪھاڻيڪار نيم محسوس ڪرائيندڙ انداز ۾ اسان جي سماجي خانداني ڍانچي تي ڀرپور طنز  ڪري ويو آهي، جنھن ۾ پڙهندڙ، اولاد وٽ رهندڙ پوڙهي پيءُ جي اڪيلائي ۽ ڏک کي به محسوس ڪري وٺي ٿو ته ان سان اٿاهه همدرديءَ وارو رشتو پڻ قائم ڪري وٺي ٿو. اِهو ليکڪ پاران “تجسس” کي حاوي ادبي صنعت طور استعمال ڪرڻ ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي، جنھن ذريعي ليکڪ ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ اينٽي ڪلائمس ڏيئي ڪھاڻيءَ ۾ ڀرپور تاثر پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. اچو ته ڪھاڻيءَ جي مختلف پاسن تي ڳالھايون:

 

تجسس:

ادبي حوالي سان تجسس يا (suspense) کي هڪ لحاظ کان ڊرامائي توڙي افسانوي صنف (genre) ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ٻئي پاسي ان کي ادبي صنعت  (literary device) جو درجو پڻ حاصل آهي. تجسس جي لغوي معنيٰ آهي “ڪنھن لڪل يا حيرت ڏياريندڙ ڳالهه جي تهه تائين پھچڻ يا جانچ ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيل جذبو”، يا عام طور ڪنهن خبر جي پڪ ڪرڻ، تلاش، سوجهه دريافت، تحقيقات وغيره. ادبي صنعت طور تجسس هڪ اهڙي ادبي ٽل يا ڪاريگري آهي جيڪا ليکڪ پنھنجي لکڻي يا ڪھاڻيءَ ۾ پڙهندڙ جي دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي. اها هڪ محسوسات آهي، جيڪا ليکڪ ڪھاڻيءَ ۾ واقعن توڙي مڪالمن کي هڪ خاص ترتيب سان رکي، اينگهائي پيدا ڪندو آهي، جنھن وسيلي پڙهندڙ کي لڳندو آهي ته اجهو ڪھاڻيءَ ۾ ڪا خطرناڪ يا جوکم واري شيءِ ٿيڻ واري آهي.

اسان وٽ هن وقت افسانوي سسپينس تمام گهٽ لکيو وڃي ٿو. پر ادبي صنعت طور تجسس کي ڪنھن حد تائين ڪارائتي نموني استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهو ياد رکڻ کپي ته صنعت لفظ عام توڙي ادبي طور “ڪاريگري، هنر، فن، کيڏ، چالاڪي، اٽڪل بازي وغيره” جي معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. انڪري لفظ “تجسس” کي پڻ ادبي طور انھي پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. تازو مون جڏهن ممتاز لوهار جي ڪھاڻين جو ڪتاب  “کليل دريءَ جو درد” پڙهيو پئي ته منھنجي نظر مان هڪ اهڙي ڪهاڻي نڪتي جنھن ۾ تجسس کي ادبي صنعت (literary device) طور استعمال ڪيو ويو آهي. مون سوچيو ته ان ڪھاڻيءَ کي مثال بنائي ان تي ٿورو لکجي، ۽ سمجهڻ جو ڪوشش ڪجي ته تجسس ڇا آهي ۽ اهو ڪهاڻيءَ جي بيان ۾ ڪيئن ڪم ٿو ڪري. اسان وٽ ڪھاڻين جي تجزين ۾ ڪھاڻيون گهڻو ڪري “سٺيون آهن يا سٺيون ناهن يا بس ٺيڪ آهن” تي اچي دم ٽوڙينديون آهن. ليکڪ مواد کي کڻي ڪري جنھن “ڪاريگري يا ٽل” سان ڪھاڻي اُڻي ٿو ۽ ان ۾ “اموشنل اپيل” پيدا ڪري ٿو، انھي ڪاريگريءَ کي داد ڏيڻ ضروري آهي. ليکڪ جي لکڻ پويان پڻ ٻه تخفيفي عمل لڪل هوندا آهن: هڪڙو ليکڪ جي سندي جذبن جي ڪيٿارسز ۽ ٻيو لکڻيءَ جو پڙهندڙ تائين پھچڻ ۽ ان جو استعمال. تجسس جيتوڻيڪ هڪ ننڍڙي ادبي صنعت آهي، جيئن مزاح (humour) ۽  طنز (satire) آهن، پر اِن جو ڪارج عام ادبي صنعتن کان گهڻو مختلف ۽ وسيع آهي.

ادبي صنعت طور تجسس جا ڪيئي ڪارج آهن. اهو ڪھاڻيءَ جي ايڪشن کي اينگهائي ٿو. اهو ليکڪ کي ڪھاڻيءَ جي واقعن کي خاص ترتيب ۾ رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. اهو ڪھاڻيءَ جي واقعن ۾ پڙهندڙ جي دلچسپي آخري وقت تائين قائم رکي ٿو، جنھن جي ڪري پاٺڪ ڪھاڻيءَ جي نتيجي بابت تيسيتائين اڳڪٿي ڪري نٿو سگهي، جيسيتائين ڪھاڻي پوري پڙهي نٿو وٺي. تجسس پاٺڪ کي ڪردارن متعلق وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ متحرڪ ڪري ٿو، انھن سان همدرديءَ وارو رشتو قائم ڪرڻ، ۽ ڪھاڻيءَ کي اينٽي ڪلائمڪس ڏيڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. تجسس هڪ جمالياتي صنعت آهي، جيڪا پڙهندڙ جي حِسن تي اثر انداز ٿئي ٿي، ۽ انھن کي  پنھنجي وس ۾ ڪري، پڙهندڙ  ۾ حيرت، خوف ۽ اميد جھڙا جذبا اڀاري ٿي.

 

تجزيو:

۱.  موضوع ۽ ان جا سماجي نفسياتي پاسا

ممتاز لوهار جي ڪھاڻي “هڪڙو انب” هُن جي ڪھاڻين جي مجموعي “کليل دريءَ جو درد” ۾ شامل آهي. هِن ڪھاڻيءَ جي خاص ڳالهه ڪھاڻيءَ جي موثر ابلاغ لاءِ  ادبي صنعت تجسس (suspense) جو استعمال آهي. اسان وٽ ٿيندو هيئن آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ليکڪ ڪھاڻيءَ ۾ ڪا ڳالهه کڻي ڪھاڻي بيان ڪرڻ لڳندا آهن ته سندن ڳالهين جو حاصل مطلب بيان ۽ ڊائلاگن جي ميل جول مان ئي ڇُلڪي پوندو آهي، يا اهڙو ته طول پڪڙي ويندو آهي جو ختم ٿيڻ جو نالو ئي وٺندو آهي، ۽ پڙهندڙ ڪھاڻي پڙهندي پڙهندي بيزار ٿي پوندو آهي. ليکڪ آخر ۾ جڏهن ڪھاڻيءَ کي سميٽڻ لڳندو آهي ته ان کي ڪو سٺو ڪلائمڪس ڏيئي نه سگهندو آهي، ۽ جي جئين تئين ڪري ڏيئي به ڇڏيندو آهي ته اهو ايترو اثرائتو ۽ جاندار نه هوندو آهي، جنھن ڪري اڪثر اهو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته “ڪھاڻي ته فلاڻي جاءِ تي ختم ٿي وئي هئي، اڳتي اجائي ڊيگهه آهي”، يا “ڪهاڻي طوالت جو شڪار ٿي وئي آهي”، يا “ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي اثرائتي ناهي. ابلاغ اثرائتو ناهي”، وغيره وغيره.

پر ذڪر هيٺ آيل ڪهاڻي انھن سڀني ڳالهين جي برعڪس آهي. جيئن ته هي ڪهاڻي ڪُراڙي غلام حسين جي پنهنجي مرضيءَ سان ڍءُ تي انب ٿڌو ڪري کائڻ جي خواهش، انب لڪائڻ ۽ هُن جي اندر ۾ اوچتو پيدا ٿيل نونھن طرفان اڳواٽ پڪڙجي پوڻ جي ڀؤ ٻاهريان ڦري ٿي، انڪري اها اسان جي معاشري ۾- ڪنھن به گهر ۾، وڏي عمر وارن فردن يا ڪُراڙن سان هڪ خاص هلت ڏانھن پڻ اشارو ڪري ٿي. ڪھاڻيءَ مان اهڙي معنيٰ پڙهندڙ پاڻ اخذ ڪري ٿو. مثال طور هڪ خاص عمر ۾ اچي گهر جا وڏا (پوڙهو ۽ پوڙهي) پنھنجن پٽن ۽ نونھرن جا محتاج ٿي پون ٿا. (اهڙي محتاجيءَ کان بچڻ لاءِ اسان وٽ هڪ اڌ دعا به مشھور آهي ته “الله سائين، هلندي هلائجان!” يا “الله سائين، ڪنھن جو محتاج نه ڪجان!”). اهو انڪري به آهي ته گهر جو وڏو هاڻ پٽ آهي، ۽ گهر ۾ حُڪم نونھن جو هلي ٿو. ڪراڙي ۽ ڪراڙيءَ کي عام طور گهر ۾ ٻه مسئلا پيش اچن ٿا- هڪ کائڻ پيئڻ جو ۽ ٻيو بيماري سيماريءَ ۾ هنن جي پر گهور لھڻ جو. جتي هنن جي اڳ واري خودمختار زندگيءَ جي برعڪس هُو مرضيءَ سان ماني کائي  نه سگهن، ۽ جيترو نونھن ڏئي اوتري تي ئي قناعت ڪرڻي پوي ته پوءِ اتي پوڙھن ماڻھن ۾ پنھنجي طور کائڻ پيئڻ جي خواهش پڻ پيدا ٿئي ٿي، جنھن تي گهر ۾ هر وقت چپلش به رهي ٿي. ڇو ته پٽن يا نونھرن جو خيال هوندو آهي گهر جا پوڙها کاڌي پيتي جي معاملي ۾ گهڻو ڪري راضي نٿا رهن، ۽ ٻئي طرف جي گهر جا پوڙها فرد ڪنھن ٻئي وٽ يا بازار ۾ ڪٿي هوٽلن ٻاٽلن تي کائيندا پيئندا وتندا ته ماڻھو اهو تاثر وٺندا ته هنن کي گهر ۾ ڪجهه به نٿو ملي، يا گهر ۾ کين ڀانئڻ يا خدمت ڪرڻ وارو ڪير به ڪونھي. سو هن ڪھاڻيءَ ۾ به پسمنظر طور هڪ تاثر اهو پڻ ملي ٿو ته ڪُراڙي غلام حسين جي حيثيت گهر ۾ هڪ گهرو ملازم جھڙي آهي جنھن کي پٽ طرفان روز جا پنجاهه روپيا خرچي ملي ٿي. ٻئي طرف اهڙو تاثر پڻ ملي ٿو ته گهر ۾ جيڪا کائڻ پيئڻ جي شيءَ اچي ٿي ڪراڙي غلام حسين کي ان مان ڍءُ جيترو حصو نٿو ملي يا جيئن هُن جي دل ڪري ٿي تيئن هو ڪري نٿو سگهي. انڪري نيريٽر هڪ جاءِ تي چئي ٿو:

“انبن واري کي ڪھڙي خبر ته هن کي انب ڪيڏا وڻندا آهن ۽ گهر ۾ کيس هڪڙو انب ئي کائڻ لاءِ ملندو آهي. ٻئي انب کي ڇھڻ هن لاءِ طعنن جا دروازا کولي ڇڏيندو. انڪري هن اڄ هڪ انب الڳ ورتو هو.”

نفسياتي طور ڏسنداسين ته اِهو هڪڙو انب ئي ڪھاڻيءَ جو مُحرڪ آهي، جو نه فقط ڪهاڻيءَ جو ٽائيٽل بنيو آهي، پر اهو هڪ استعاري طور ان “اڻ هوند” يا lack / خواهش يا desire ڏانھن پڻ اشارو ڪري ٿو جنھن جي غلام حسين کي طلب آهي- اهو ڪجهه يا ايترو ڪجهه، جنھن جي هجڻ سان هو پاڻ کي مڪمل محسوس ڪري يا آند ۾ محسوس ڪري. بُک، سيڪس ۽ اڃ نفسياتي طور جبلي سڌون آهن، جيڪي جي دٻائبيون ته ماڻھو لڪي ڪري به انھن جو متبادل ڳولھيندو. انڪري هڪ مخصوص سماجي تناظر ۾ گهر ڀاتين کان “هڪ وڌيڪ انب” جي طلب ڪرڻ هن لاءِ جھڙوڪر ممنوع شيءَ آهي، جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو لِڪ جو سھارو وٺي ٿو، ۽ ان لِڪ تي جڏھن شعوري طور سوچي ٿو ته guilt ۾ هليو ٿو وڃي، خوف ۾ مبتلا ٿي ٿو وڃي.

انڪري هتي هڪ الڳ انب وٺي ٿڌو ڪري کائڻ جي خواهش (طلب) غلام حسين جي اندر ۾ ان جوڳي گمان کي جنمي ٿي جيڪو اسان جي معاشرتي هلت يا چلت ۾ پوڙهن سان روا رکيو وڃي ٿو. اهو انديشو هُن جي اندر ۾ تڪرار conflict پيدا ڪري ٿو، جيڪو کيس خوف ۾ مبتلا ڪري ٿو ته جي اها خبر نونھڻس کي پوندي ته هوءَ ٻه تاثر وٺندي: هڪ ته هُن انب چوري ڪيو آهي، ۽ ٻيو ته هُن جو الڳ انب وٺي کائڻ جو مطلب ته گهر ۾ هن کي ڪجهه به نٿو ملي. پوءِ جي ان ڳالهه جي خبر پٽهس کي پوندي ته هو پنھنجي زال جو پاسو کڻندو، ۽ کيس جھڻڪيندو ته “هيترو ٿو ڏيانءِ پوءِ به مڙين ڪونه ٿو!....هن عمر ۾ هاڻي تو کي ڇا چوان؟”

 

۲. ڪھاڻي ۽ پلاٽ

عام طور ڪنھن به ڪھاڻيءَ جي واقعي کي سڌي ترتيب (اڳياڙي، وچ ۽ پڇاڙي) سان بيان ڪرڻ کي ان واقعي جي ڪھاڻي چئبو آهي. پر پلاٽ ڪھاڻيءَ جي واقعن جي ممڪنه دلچسپ ترتيب يا ٽوڙ مروڙ (واقعن کي اڳتي پوئتي ڪري هڪ نئين ترتيب ڏيڻ ) کي چئبو آهي. يعني هڪڙي ڪھاڻيءَ جا ڪيئي پلاٽ ٿي سگهن ٿا. ۽ انھن ذريعي ڪيئي اثر پيدا ڪري سگهجن ٿا. (ان کي هيئن سمجهي سگهجي ٿو ته اسان وٽ ڪي ڪھاڻيون پڄاڻيءَ کان شروع ٿي منڍ ڏانھن اچي، وچ مان گذري وري پڄاڻيءَ تي ختم ٿي وڃن ٿيون. ڪي وري وچ تان شروع ٿي، منڍ ڏي اچي ۽ پڄاڻيءَ ڏانھن هليون وڃن ٿيون. پر جڏهن ڪھاڻيءَ ڏي ڏسبو ڪھاڻي سڌي هوندي. جيئن منڍ، وچ ۽ آخر، يا شروعات، مسئلي جو اڀرڻ، ڇڪتاڻ، واقعو ۽ پڄاڻي ). ڪھاڻي ۽ پلاٽ جي مٿين بياني ترتيب وارو خيال اصل ۾ روسي فارملسٽ وڪٽر شيواسگي ۽ ولامير پراپ لوڪ ڪھاڻين اندر موجود ڪھاڻي ۽ پلاٽ لاءِ پيش ڪيو هو، جنھن ۾ هنن چيو هو ته ڪھاڻيءَ جي واقعن جي ڪرونالاجيڪال ترتيب کي fabula ۽ ان کي ٽوڙي مروڙي اڳتي پوئتي ڪري نئين سر ترتيب ڏيڻ کي syuzhet چئجي ٿو. اسان جون ننڍيون عام لوڪ ڪھاڻيون يا ايسب جون ڪھاڻيون fabula جي ترتيب تي آهن. جڏهن ته جديد ڪھاڻيءَ جو پلاٽ پيچيده ٿئي ٿو، جيڪو syuzhet (سوجي) متابق هوندو آهي. تجسس ڳالهه جو نه پر پلاٽ جو سينگار آهي. اهو ايڪشن ۾ لاهه چاڙهه پيدا ڪري ٿو، انڪري اهو هڪ طرح سان  defamiliarization جو ڪم ڏئي ٿو.

 

۳. ڪھاڻيءَ جو ڪرانالاجيڪل آڊر ۽ پلاٽ

هن ڪھاڻيءَ جي عام سِڌَن واقعن کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرئين حصي ۾ ڪراڙي غلام حسين جو بازار مان گهر لاءِ ٻه ڪلو انب خريد ڪرڻ، ۽ گڏو گڏ پنھنجي لاءِ هڪ الڳ انب خريد ڪرڻ.گهر پھچي ٻه ڪلو انب نونھن کي ڏيڻ ۽ الڳ ورتل انب کي جڳ ۾ ٿڌو پاڻي وجهي ڪٻٽ ۾ لڪائي رکڻ. ٻئي حصي ۾ نونھن جي حڪم تي بازار مان ماچس ۽ سوپاريون وٺي اچڻ. ٽئين حصي ۾ اهو  ظاهر ٿيڻ ته هو (ذهن ۾ ڪنھن ٽينشن جي ڪري)تلسي سوپارين جي بجاءِ ڪي ٻيون سوپاريون وٺي اچي ٿو، جنھن ڪري نونھڻس کيس سوپاريون مٽائڻ لاءِ واپس بازار وڃڻ جو چوي ٿي. هاڻ واقعن جي ان ترتيب ڏي جڏهن ڏسبو ته  ان مان ڪا به ڪھاڻي جڙندي نظر نٿي اچي. پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪھاڻي ڪٿي آهي؟ اصل ۾ ڪھاڻيءَ جي مٿي بيان ڪيل واقعن جي ڪرانالاجيڪل آرڊر سان گڏ هڪ ٻي ڪھاڻيءَ به شروع ٿئي ٿي، جيڪا مک ڪردار طرفان هڪ الڳ انب خريد ڪرڻ سان شروع ٿئي ٿي، جنھن جو ڪھاڻيءَ جي ٻئي مک ڪردار (نونھن) سان نه ته سڌو تعلق آهي، نه ئي ان بابت کيس خبر آهي. اِها ڪھاڻي ان الڳ خريد ڪيل انب ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين ممڪنه ٿيندڙ واقعن ۽ مسئلن بابت هوندي آهي جن بابت غلام حسين کي انديشو هوندو آهي ته ڪٿي اُهي سِر نه ڪڍن، يا برپا نه ٿي پون، ۽ هُن جي رسوائي نه ٿئي. ليکڪ نيريٽر طور “ضمير غائب omniscient (سڀڪجهه ڄاڻندڙ)” جي چونڊ انڪري به ڪئي آهي ته جيئن جيڪي ڪجهه خوف، خواهشن ۽ انديشن جي شڪل ۾ غلام حسين جي ذهن ۾ دٻيل آهي يا جيڪي داخلي وارتائون آهن تن تائين پڙهندڙن کي رسائي ڏجي، جيڪي خارجي واقعن سان ملي ڪري اصل ڪھاڻي ۽ ان جو ڪلائمڪس جنمين ٿيون.اچو ته ڪھاڻيءَ جي بيان جي اهڙي جوڙجڪ کي مٿين ٻن روسي نيراٽالاجسٽن جي خيالن مطابق پرکي ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا:

 

۴. ڪھاڻيءَ جو بنيادي واقعاتي ڍانچو: ڪرونالاجيڪل آڊر (Storyline)

- غلام حسين کي انب خريد ڪرڻ لاءِ شهر موڪلڻ

- غلام حسين کي ماچس ۽ سوپاريون خريد ڪرڻ لاءِ شهر موڪلڻ

- غلام حسين طرفان اصل سوپاريون نه آڻڻ تي کيس وري شھر وڃڻ لاءِ چوڻ.

ڪھاڻيءَ جي بنيادي واقعاتي ڍانچي ۾ فقط ٻه يا ٽي واقعا آهن، جن کي ملائي ڳالهه ٺاهي سگهجي ٿي ته غلام حسين کي نونھن انب وٺڻ لاءِ شھر موڪليو. انب ملڻ بعد نونھن کي ياد آيو ته گهر ۾ ماچس ڪونھي، انڪري هن کيس ماچس وٺڻ لاءِ ٻيھر شھر موڪليو. هن کيس بقايا پيسن مان سوپاريون وٺي اچڻ لاءِ پڻ چيو. جڏهن هو ماچس ۽ سوپاريون وٺي آيو ته هن ڏٺو غلام حسين اُهي سوپاريون نه آنديون هيون جيڪي هن چيون هُيون، تنھنڪري هُن کيس اُهي سوپاريون مٽرائڻ لاءِ وري شھر وڃڻ لاءِ چيو (هاڻ ظاهر آ ته هو شھر ويندو ۽ سوپاريون مٽرائي کڻي ايندو جنھن کان پوءِ کيل ختم). بظاهر واقعن جي ان ترتيب يا انھن واقعن مان ڪا دلچسپ ڪھاڻي نٿي جڙي. ڇو؟ ڇو ته انھن واقعن ۾ conflict يا تڪرار ناهي. 

 

۵. ڪھاڻيءَ جي تڪرار (conflict) وارو revised ڍانچو: ڪامپليڪس پلاٽ (Plot)

- غلام حسين  انب خريد ڪرڻ لاءِ شهر وڃي ٿو.

- اتي (گڏو گڏ) غلام حسين پنھنجي لاءَ هڪ الڳ انب خريد ڪري ٿو. الڳ انب ڪھاڻيءَ ۾ conflict object بنجي ٿو.

- گهر پھچي غلام حسين الڳ ورتل انب فرج ۾ ٿڌو ڪرڻ لاءِ سوچي ٿو. پر نونھن جي خوف کان ( ته الڳ ڇو ورتئي) جڳ ۾ ٿڌو پاڻي نائي ان ۾ وجهي ڪٻٽ ۾ لڪائي رکي ٿو. (هتي conflict object کي شڪي بنايو وڃي ٿو ته جيئڻ ڪھاڻيءَ ۾ تجسس پيدا ڪجي).

- غلام حسين کي ماچس ۽ سوپاريون وٺڻ لاءِ شھر موڪليو وڃي ٿو.

- انب لڪائي رکڻ کان پوءِ غلام حسين جي گهر مان غير حاضري Suspicious object  لاءِ رسڪي بنجيو وڃي. (ڪھاڻيءَ ۾ تجسس ۽ ڇڪتاڻ ويتر وڌيو وڃي).

- شھر وڃڻ بعد غلام حسين جي شعور ۾ انب لڪائڻ تي پڇتاءُ، سوچون، پڪڙجي پوڻ جو احساس ۽ رسوائيءَ جو خوف اڀاريو ٿو وڃي.

- غلام حسين شھر مان واپس اچي ٿو. ماچس ۽ سوپاريون نونھن کي ڏيئي پاڻ تڪڙو تڪڙو لڪايل انب واري ڪمري ڏانھن وڃڻ لڳي ٿو ته جيئن پڪ ڪري سگهي ته ڪٿي نونھن انب ڏسي ته نه ورتو آهي؟ ليکڪ پڙهندڙن جو خيال وري suspicious object  ڏانھن موڙي ٿو. عين وقت تي نونھن غير متوقع سڏ هڻي ٿي: “چاچا!...هي ڇا ڪيئي؟” غلام حسين سڏ ٻڌندي ئي پنڊ پاھڻ بنجي ٿو وڃي. سمورو ساهه ڇڏائجي ٿو وڃيس. سمجهي ٿو ته شايد پڪڙجي پيو آهي(سسپينس هتي عروج تي پھچي ٿو).

- پوءِ نونھن جو هي آخري مڪالمو مٿئين مڪالمي سبب پيدا ٿيل غير يقيني واري صورتحال کي ختم ڪري ڪھاڻيءَ کي پڄاڻيءَ ڏانھن موڙ (twist) ڏئي ٿو: “چاچا! هي ڪهڙو ظلم ڪيئي؟ ...مون تو کي اهي سوپاريون چيون هيون؟”

- سوپارين جو نالو اچڻ ساڻ فوري طور تجسس ۽ ڇڪتان جو گراف هيٺ ڪري پوي ٿو. ايئن جڏهن غلام حسين کي خبر پوي ٿي ته اِهو انب وارو معاملو نه آهي ته هو ريليڪس ٿي ٿو وڃي ۽ پڙهندڙ به ريليڪس ٿي ٿا وڃن.

اصل ۾ ٿِئي هيئن ٿو ته ڪھاڻيءَ ۾ هڪ طرف ڪُراڙي جي انب لڪائڻ واري عمل ڪري هُن جي اندر پڪڙجي پوڻ يا بچي وڃڻ واري ڀؤ يا انديشي کي اُڀاريو ويو آهي ته ٻئي طرف وري ان جي مساوي نونھن جي چغلي کڻڻ واري خوف يا انديشي کي تجسس طور سامھون آندو ويو آهي. ٻئي ملي ايڪشن کي انتھا يا ڪلائمڪس طرف وٺي وڃن ٿا. نتيجي طور  ايڪشن ڪراڙي جي خواهش، خوف ۽ گمان کي وٺي ڪري اهڙي محسوسات پيدا ڪري ٿو جنھن جي لاهه چاڙهه سبب جيڪا صورتحال پيدا ٿئي ٿي سا پڙهندڙ کي هڪ ته ڪھاڻي ۾ “اڳتي ڇا ٿو ٿئي” ڄاڻڻ لاءِ دلچسپي وٺڻ لاءِ اتساهي ٿي، ٻيو ڪراڙي جي ڪردار سان همدردي پڻ پيدا ڪري ٿي. انب لڪائڻ وارو عمل ڪُراڙي جي پڪڙجي پوڻ جي انديشي کي وڌائي ٿو، ۽ پڙهندڙ جي دل ۾ هُن لاءِ رحم ۽ لاچاريءَ جا جذبا پيدا ڪري ٿو. اها ئي ان ڪھاڻيءَ جي وڏي حاصلات آهي. نه فقط ايترو پر جڏهن ايڪشن پنھنجي peak يا چوٽيءَ تي پھچي ٿو ۽ نونھن چوي ٿي: “چاچا!...هي توهان ڇا ڪيو آهي؟”، جتي ڪراڙو سمجهي ٿو ته هُن جي چوري پڪڙجي پئي آهي] هو بت بڻجي ويو هو، ساهه کڻڻ وسري ويو هئس. شرمندگيءَ ايندڙ ذلت تي اداس ڪري ورتو هئس. جڳ ۾ لڪائي رکيل هڪڙي انب جي سزا هن ڄاتي پئي-(صفحو: ۹۶،) ۽ هو دل ئي دل ۾ پڇتائڻ سان گڏو گڏ ذهني طور خوف ۽ ڇڪتاڻ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. پڙهندڙ پڻ تجسس ۽ ڇڪتاڻ کي عروج تي محسوس ڪن ٿا، ۽ هو ڪھاڻيءَ ۾ اڳتي ڇاٿو ٿئي، ان جو انتظار ڪرڻ لڳن ٿا. پوءِ هڪدم ليکڪ پنھنجو فني تجربو/ ڪاريگري استعمال ڪندي ڪھاڻيءَ کي نونھن جي هڪ ٻئي جملي، يعني: “چاچا!......تو کي مون هي سوپاريون چيون هيون؟” تي موڙ ڏيئي، پڙهندڙن جو خيال ڪُراڙي جي پريشانيءَ جي ڪارڻ بڻيل انب کان هٽرائي ڀُل ۾ اچي ويل سوپارين ڏانھن ڪرائي ڇڏي ٿو، جنھن جي ڪري ڪراڙي غلام حسين ]هُن جي پٿريلي بت ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو.هُن ننھن جي تريءَ تي رکيل سوپاريون ڏسي ڦڪي کِل سان مرڪي ڏنو...” امان، چيومانس ته تلسي، پر نڀاڳي لڳي ٿو ڀُل ۾ اهي ڏنيون...”-صفحو: ۹۶-۹۷ [سان گڏو گڏ پڙهندڙن جي جسم ۽ جان ۾ متل مانڌاڻ هڪدم ماٺو ٿي وڃي ٿو، ۽ ايئن  هيٺئين اينٽي ڪلائمڪس واري جملي تي ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي ٿئي ٿي:

]غلام حسين ٿڌو ساهه ڀري دل ۾ سوچيو، “ساهه ڪڍيو هئائين. شڪر آهي بچي ويس. مون سمجهيو ته ڪٻٽ ۾ رکيل هڪڙو انب ڏسي ورتو اٿائين.”[

هاڻ ان هڪڙي ئي جملي ۾ اُن سموري نظام جو نَقشو سمايل آهي، جنھن هيٺ پوڙھو غلام حسين زندگي بسر ڪري ٿو. اهو ڪھاڻيءَ جو هڪ ٻيو حاصل آهي. جيتوڻيڪ اهو جملو لاشعوري ٿو ڀاسي، پر گهر جي هڪ فرد جي حيثيت سان آزاديءَ سان ڪا شيءِ واپرائي نه سگهڻ ڪري هن جون ننڍڙيون ننڍڙيون خواهشون”ڀئو” ۽ “اڻ هوند” جي شڪل وٺي لاشعور ۾ دٻجي ويھي رهن ٿيون. جڏهن انھن کي موقعو ملي ٿو ته اهي نڪري نروار ٿين ٿيون. هڪڙو الڳ انب وٺي واپرائڻ واري خواهس به انھن ئي دٻيل خواهشن مان هڪ آهي.

ليکڪ ڪھاڻيءَ ۾ تجسس واري ادبي صنعت جي استعمال سان ڪراڙي غلام حسين جي زندگيءَ ۾ هڪ گهڙيءَ لاءِ ڇڪتاڻ پيدا ڪري، هُن جي نفسياتي عالم ۾ جهاتي پائي، وري کيس اُن مان آجو ڪري، پڙهندڙن جي جذبن جو احسن طريقي سان اسھال (purgation ) ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. 

 

۶. ڪردار نگاري:

هن ڪھاڻيءَ جي ڪردار نگاري ڏاڍي خوبصورت انداز سان ڪئي وئي آهي. سندس شخصيت جي ظاهري (شعوري) توڙي باطني (لاشعوري) ٻنهي پاسن کي ڇُھيو ويو آهي. پوڙھي کي ٿورو ضعيف، هٿ ڏڪندڙ، پاڻ ۾ ڳالھائيندڙ، نونھن ۽ پٽ کان ڊڄندڙ، ۽ هڪ فرمان بردار گهريلو ملازم جيئن ڏيکاريو ويو آهي. ڪراڙي غلام حسين کي فيصلي ڪرڻ ۾ ڪمزور، عاجز ۽ ڊڄڻو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. انڪري ڪردار آخر تائين جيئن جو تيئن رهي ٿو. ان ۾ ڪا به خاص تبديلي ڪا نه ٿي اچي. پر جيئن ته ڪردار داخلي ۽ خارجي جھتون رکي ٿو، انڪري ان کي ٻه پاسائون two dimensional  / flat ڪردار چئي سگهجي ٿو.

“ننھن کي ٻه ڪلو انب ڏيئي هو پنھنجي ڪمري ڏانھن هليو ويو. هو سوچيندو رهيو ته ننهن انب ڏسي ان بابت پڇيو ته ڇا چوندوسانس....هي ته گرم به آهي..... فرج ۾ به ته نه ٿو رکي سگهان....جڳ ۾ ڀلا ٿڌو پاڻي رکي ان ۾ لڪائي ٿو رکان...”

اِهو هُن جي اندر جو اپٽار آهي. جنھن تائين ليکڪ نونھن کي رسائي نٿو ڏئي. نونھن جو ڪردار بظاهر سخت، سازشي، ڳالھين کي ڳالھوڙو ڪري پيش ڪندڙ، مڙسس تي حاوي يا حڪومت ڪندڙ ۽  بي رحم  بيان ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ اهي سڀ شيون ٿيندي نه ڏيکاريون ويون آهن، پر پوءِ به نونھن جي بي رحمي ۽ ڪٺورتا ان ڳالهه مان ظاهر آهي ته ڪراڙو علام حسين سخت ڪاڙهي ۾ شھر مان انب وٺي اڃا گهر مَس پھچي ٿو جو مٿان نونھن سڏ ڪري چويس ٿي: “چاچا!...او چاچا؟” هُو “جي امان” چئي ورندي ڏئيس ٿو. ليکڪ لکي ٿو ته سخت گرمي کيس “ساهه جي مونجهه ڏني هئي.” هو ساهي ڪڍڻ چاهي ٿو، پر هوءَ حڪم ڏئيس ٿي ته: “چاچا!....ماچس ڪونهي....تڪڙو وڃ. ماچس ته وٺي اچ؟” هو جڏهن کيس پيسن جو چئي ٿو ته هوءَ موٽ ۾ چپن چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪي ٿي. غلام حسين سمجهي ٿو ته هُن کيس گهٽ وڌ ڳالھايو آهي، يا طعنو تنڪو ڏنو آهي، جنھڪري هُو اتي پنهنجي پاڻ کي بي عزتو ۽ لاچار محسوس ڪري ٿو.

 

۷. مجموعي تاثر:

ڪھاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي جيتوڻيڪ هڪ طرف پڙهندڙن جي جذبن جو اسھال خوش اسلوبي سان ٿئي ٿو، ٻئي طرف ڪراڙي غلام حسين لاءِ پڙهندڙن جي دل ۾ (هڪ ممڪنه بي عزتي يا اذيت کان بچي وڃڻ تي) همدردي ۽ رحم جا جذبا پڻ پيدا ٿين ٿا، جنھن کان پوءِ اها ڳالهه واضع ٿي اڀري اچي ٿي ته غلام حسين کي نونھن کان جيڪو هڪ چور جيئن پڪڙجڻ ۽ سخت بي عزتيءَ جو خوف لاحق هوندو آهي، ان پٺيان اصل ۾ اسان جي معاشري جو پدرشاهي ڍانچو يا جاگيرداراڻا ثقافتي پسمنظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنھن مطابق هڪ گڏيل خاندان ۾ پُٽ جي شاديءَ کان پوءِ نونھن ۽ سس صھري جي وچ ۾ اختيارن جي توازن ۽ خودمتياريءَ لاءِ جڏهن ڇڪتاڻ پيدا ٿئي ٿي ته گهر جو وڏو مرد هجڻ ناتي  ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي، انڪري اُهو پاڻ کي حق تي هجڻ / ثابت ڪرڻ لاءِ عورت يا نونھن لاءِ اڳواٽ ئي موجود ثقافتي لساني ڏِٺن، مثالن، چَوَڻين (Cultural constructs) کي مثال بنائي کيس جهيڙيڪار، سازشي، تِرڪ تالي، جادوگر، مڙس يا مائٽن جي دادلي وغيره جھڙن لقبن سان نوازيندو  رهندو آهي. غلام حسين جيتوڻيڪ پنھنجي ئي عمل سبب ممڪنه ردعمل ڪري خوف ۾ مبتلا  ٿي ويندو آهي، جو ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ يا خانداني پاور بيلينس پُٽ ڏانھن منتقل ٿي وڃڻ ڪري اهو سمجهي ٿو ته هاڻ سندس پٽ زال جي چئي هيٺ اچي ويو آهي جو هوءَ هُن بابت  غلط سلط ڳالهيون سندس دماغ ۾ وجهندي رهي ٿي. اڻ لکائيءَ ۾ ڪھاڻيءَ اندر پدرشاهيءَ واري نظام جي نمائندگيءَ جا اشارا پڻ ملن ٿا. ساختياتي عورت زاد تنقيدي نظريئي مطابق پدر شاهي نظام اختيارن جي حوالي سان  فڪس بائنريز تي بيٺل آهي، جتي مرد طاقت جي علامت آهي ۽ عورت ڪمزوري يا هيڻائي جي علامت آهي، مرد آواز آهي ۽ عورت خاموشي آهي، مرد بھادر آهي ۽ عورت ڊڄڻي آهي، مرد  وٽ سوچ، ڏاهپ ۽ ٻج آهي ۽ عورت وٽ فقط جسم يا گرڀ آهي، وغيره وغيره. ان سوچ اڳواٽ ئي سماج ۾ عورت جي حيثيت، اختيار ۽ ڪم طيءَ ڪري ڇڏيا آهن. ان کان ٻاهر عورت کي عورت نه، پر ڏائڻ، وئشا، اگهاڙي، بي پرده، گهر ٽوڙيندڙ وغيره وغيره  تصور ڪيو وڃي ٿو. هن ڪھاڻيءَ ۾ نونھن بابت اِهڙو ئي تصور اڀري ٿو.

بھرحال، مجموعي طور “هڪڙو انب” هڪ سٺي ۽ فنڪاراڻا مھارت سان بيان ڪيل ڪھاڻي آهي. منجهس اُهي سڀ خوبيون موجود آهن جيڪي ملي ڪري “تجسس” (suspense) ڏانھن ڌيان ڇڪائن ٿيون، ۽ پڙهندڙ جي جذبن جو اسھال ڪرڻ سان گڏو گڏ هڪ “سماجي ڍانچي” بابت پڻ سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون.


(نوٽ: لڳ ڀڳ ٻه ھفتا اڳ ھي مضمون لکي پورو ڪري ڇڏيو ھيم. پر مضمون جي طوالت جي ڪري ڪنھن اخبار کي موڪلڻ مناسب نه سمجھيم. ممتاز لوهار جو سمورو ڪتاب مستند تنقيدي نظر جو گھرجائو آھي. مون ھن جي ڪتاب مان في الحال ھن ھڪ ڪھاڻيءَ تي لکيو آھي. ڪھاڻيء جي خاص خوبي “تجسس” کي فوڪس ڪيو اٿم. تجسس ڪيئن تخليقي عمل ۾ ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو، ان جي ڪن خاص پاسن کي مضمون ۾ اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم......امر لغاري)


(فيسبڪ پيج؛ سنڌي فڪشن (ويوز ۽ رويوز) تان ۲۰ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment