Wednesday, December 1, 2021

هيسيل هانوِ، اُٻهرا اُلڪا - شوڪت حسين شورو

هيسيل هانوِ، اُٻهرا اُلڪا

(افسانو)

شوڪت حسين شورو



هڪ ڊگهو ڇرو سج جي روشنيءَ ۾ چلڪندو، هڪ پوڙهي ڳوٺاڻي جي ڪک کي چيري، پيٽ ڦاڙي، ٻاهر نڪري آيو. رت ٻڏل- ۽ مرندڙ جي فقط هڪ دٻيل هڏڪي، ۽ چوطرف نعرا ۽ گوڙ.... هن جي ڪنن ۾ نعرا ۽ گاريون ٻرندڙ شيهو بنجي ويا ۽ ذهن ۾ ٽانڊا ٽڙڪڻ لڳا. ڪاوڙ ۽ ڀؤ وچان هن جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. ڪجھ به ڪري نه سگهڻ جو احساس، بيوسي، اکين جي اڳيان موت ۽ ٽنگن ۾ رت ڄمي ويل- پوءِ به هو مينھنَ-واءُ ڪري ڀڄڻ لڳو. هو چئني طرفن کان وڪوڙيل هو ۽ گهيريل جلادن ۾. فضا ۾ رت ۽ بارود جي عجيب گڏ سڏ بُوءَ هئي. هن جو دماغ ان بوءَ ۽ ڊپ جي ماريندڙ احساس وچان ساڻو ٿي چڪو هو. آواز هن جي پٺيان، پاسن کان ۽ اڳيان ساڻس گڏ ڊوڙندا رهيا، ۽ هو انهن مڪروھ آوازن کان پري ٿيڻ جي لاءِ آواز کان تيز ڊوڙڻ جي جاکوڙ ڪري رهيو هو. هو ڀڄندو ويو، هيسيل ۽ ڊنل ڪتي وانگر. پر هن کي لڳو: هو ڀڄي ڪو نه رهيو هو، چوگرد ڦري رهيو هو آوازن جي گهيري ۾. پوءِ به هو ڀڄندو ويو. اوچتو هن جي اڳيان ڌماڪي سان گڏ ڌرتي ڌڏي وئي. شايد بم ڦاٽو هو. هن مڙي پوئتي ڀڄڻ چاهيو، پر هن جي اڳيان ڪارا ڳاڙها ساوا پيلا ترورا اچي ويا، ۽ ذهن ۽ پيرن جو ساٿ ٽٽي ويو. پٺيان، پاسن کان، اڳيان ڊوڙندڙ آواز به آهستي آهستي گهٽجندا، پري ٿيندا، اوچتو بند ٿي ويا.


هو ڀڄندو ويو ۽ هن کي لڳو: هو تمام پري نڪري آيو هو. ڪٿي؟ کيس اها خبر نه پئجي سگهي. ’عجيب جاءِ آهي، پر نه، هيءَ منهنجي ڄاتل سڃاتل آهي.‘ هن سوچيو. چوطرف واريءَ جون وڏيون وڏيون ڀٽون هيون. ويراني هئي ۽ هو ان ويرانيءَ ۾ اڪيلو هو. واريءَ جي جبل جيڏن دڙن تي چڙهندي لهندي هو سهڪي پيو هو. هن کي محسوس ٿيو ته هتي به ڪي ماڻهو سندس پيڇو ڪري رهيا آهن. هن تکو هلڻ چاهيو پر پيرن جون کڙيون واريءَ ۾ کپي ٿي ويون. ’مان ڀڄان ڇو پيو! مون ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي؟‘ هن پنهنجي ذهن تي زور ڏنو پر کيس ڪجھ به ياد نه آيو. ڪي ماڻهو مون کي مارڻ لاءِ پٺيان پيا آهن! ۽  ڪجھ عجيب ڌنڌليون، اڻ لکيون- ۽ بي معنيٰ- تصويرون هن جي ذهن ۾ اڀرنديون مٽجنديون رهيون، جيڪي شايد هن جي ماضيءَ جون هيون يا حال جون هيون، پر ڪجھ به چٽو نه هو. اوچتو هڪڙو خيال هن جي سُنِ ٿي ويل ذهن ۾ وڄ جيان وراڪو ڏيئي پيدا ٿيو ۽ منجهيل ليڪن کي ڊاهيندو ويو- زندگيءَ جو وڏو ۽ ڀرپور حصو اجايو ۽ بي معنيٰ گذري ويو... هو سن ۾ اچي ويو. ’تڏهن..... تڏهن..... پر مان ان بي معنيٰ زندگيءَ گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهيان. ان ۾ منهنجو ڪو به ڏوھ ڪونهي. مون کي هاڻي خبر پئي آهي ته مان ان بي معنائي ۾ ئي پيدا ٿيو آهيان ۽ منهنجي چوطرف بي معنائي ۽ ڌاريائپ آهي. مون سڄي ڄمار ان ڌاريائپ جي دونهن ۾ ساھ کنيو آهي. منهنجو ساھ گهٽجي رهيو آهي.‘ هن کي سخت تڪليف محسوس ٿيڻ لڳي. ’مون به سپنا ڏٺا هئا- پنهنجي گهر جا، پنهنجي ديس جا. پر منهنجو ديس اهو نه هو، مون پاڻ کي پنهنجي وطن ۾ جلاوطن ڀانيو آهي. پنهنجي وطن ۾ بي وطن ۽ بي گهر! تڏهن زندگي ائين بي معنيٰ گذري وئي......‘ اهو جملو وري وري هن جي ذهن ۾ ڦرڻ لڳو. ’پر مون ان ڌاريائپ ۽ بي معنائي کي ڪڏهن به ذهني طور قبول نه ڪيو آهي. مون حالتن سان سمجهوتو نه ڪيو آهي. ان ڪري ئي ته مون کي جلاوطنيءَ جي سزا ڏني وئي آهي. مان ڀڄي ڀڄي هتي اچي پهتو آهيان پر هتي به ماڻهو منهنجي پٺيان آهن.......‘ هو ڊپ ۾ ڀرجي ويو ۽ تکو تکو هلڻ چاهيائين. ’هيءَ عجيب ڳالھ آهي ته غلامن کي پنهنجي غلاميءَ جو احساس ڪونهي ۽ ان بيحسيءَ ۾ ئي خوش آهن!‘ سوچ ٽڪر ٽڪر ٿي وئي ۽ ٽٽل ٽڪر هن جي ذهن ۾ چڀڻ لڳا. گهڻي دير تائين رڳي اها چڀ چڀان هئي ۽ اڻ کٽ پيڙا هئي. آهستي آهستي ڪپار ۾ ڪڪر ڀرجڻ لڳا ۽ پوءِ ڪجھ به نه هو.

هئڻ جو احساس ڪپار ۾ ڀريل ڪڪرن کي چيري اڀري آيو. هن پاڻ کي اڪيلو ڏٺو ۽ چوطرف واريءَ جو اجهاڳ رڻ هو. هن کي خيال آيو ته هو اهو رڻ ڪڏهن به جهاڳي نه سگهندو. آخر هو ڪيڏانهن وڃي-  وک وک تي هن جي اڳيان ڪئين راهون ٿي ڦٽيون ۽ هو منجهيو بيٺو هو. فيصلو نٿي ڪري سگهيو ته ڪهڙي راھ چونڊي. راهون الڳ الڳ هيون ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هيون ۽ منجهيل هيون. ڪڏهن ڪڏهن هو هلي هلي وري ساڳئي هنڌ موٽي ٿي آيو، ڄڻ هليو ئي ڪو نه هو. هن کي لڳو ته ڄڻ هو هڪ ئي چڪر ۾ ڦاٿو پيو هو، جتان نڪرڻ جو ڪو حيلو ڪارگر نٿي ٿيو. وقت ڪيئن گذري ويو ۽ گذرندو ٿي ويو! ڪڏهن هن کي لڳو ٿي ته اڃا هينئر هتي پهتو هو، ڪڏهن هن سمجهيو ٿي ته کيس هلندي هلندي سال نبري ويا آهن- پر هو ڪو به صحيح اندازو نٿي لڳائي سگهيو. ايترو سمجهي سگهيو ٿي ته کيس ڪافي وقت ٿي ويو آهي. پر هاڻي ته وقت گذرڻ جو ڪو پتو ئي نٿي پيو.

پير باھ جي تتل تئي تي رکيل هئا ۽ دماغ پڄري رهيو هو. ٿڪ، بيزاريءَ ۽ هڪ عجيب پيڙا جا دٻيل احساس سڀ بند ٽوڙي ٻاهر نڪرڻ لاءِ آتا هئا. اوچتو هن جي اڳيان واريءَ جو هڪ واچوڙو اٿيو ۽ نچندي نچندي پري ٿيندي غائب ٿي ويو. هن کي لڳو: هو به رڳو واريءَ جو واچوڙو هو ۽ ٻيو سڀ ختم ٿي چڪو هو.

’ڇا واقعي سڀ ڪجھ ختم ٿي چڪو آهي!‘ هو ڇرڪي پيو. پر مان وڙهڻ کان سواءِ هارائي چڪو آهيان.....‘ هن کي اعتبار ئي نٿي آيو. ’مان هڪ هارايل ماڻهو آهيان.‘ چوطرف پري پري تائين واريءَ جا دڙا هئا. هن پاڻ کي ڏسڻ چاهيو. فقط محسوس ڪرڻ جي حد تائين هو ساڳيو هو، نه ته هن ۾ ڪا به ڳالھ اهڙي ڪا نه رهي هئي جنهن کي ڏسي چئجي ته هو ساڳيو هو- يا شايد هو هو ئي ڪو نه.

’۽ مان ڊنل ۽ مايوس آهيان!‘ هن پاڻ کي ٽوڪ مان چيو ۽ کلڻ چاهيو. ٽهڪ ڏيندي هن کي محسوس ٿيو ته هو رڙيون ۽ دانهون ڪري رهيو هو. هو يڪدم چپ ٿي ويو ۽ ان سان گڏ سوچ به چپ ٿي وئي.

’..... ماڻهو فقط هڪ ئي ڳالھ تي بيهي ڇو ٿو رهي. گهڙيال جي لڏڻي جون حدون آهن، وري وري ساڳئي هنڌ موٽيو اچي. ساڳيو رستو. ساڳيو پنڌ. پر ماڻهوءَ جو ٽڪاءُ هڪ هنڌ آهي ئي ڪو نه، يا گهٽ ۾ گهٽ ذهن ته هڪ هنڌ ٽڪي بيهي ڪو نه ٿو. مان ڏاڍو تيز هليو آهيان. مون ڪٿي پهچڻ ٿي چاهيو. پر ڪٿي؟ ڪنهن اهڙي هنڌ، جتي ٽڪاءُ اچي. مان ڪٿي به بيٺس ڪو نه، يا بيٺس ته مون بيهڻ ڪو نه چاهيو، پر مون کي بيهڻو ٿي پيو- اوھ خدا! مون سمجهيو ٿي ته مان ڪجھ ڪندس. ٻين ڪن به ائين ٿي چيو. امان چيو ٿي ته منهنجو پٽ وڏو ماڻهو ٿيندو ۽ اسان تان ڏک لهي ويندا. مون کي اهي ڳالهيون ٻڌي روئڻ ٿي آيو يا خار ٿي آيا پاڻ تي. مان پنهنجي ماءُ جي منهن تان عمر جون ريکائون ڊاهي نٿي سگهيس پر ڏک جون ريکائون ته مٽائي ٿي سگهيس- ۽ هن مون ۾ ڪيڏيون غلط اميدون رکيون. مان ننڍي هوندي کان وٺي. خواب ڏسي خوش ٿيو آهيان. مون تکو ڊوڙڻ چاهيو. مان ڪو نه ڊوڙيو هوس ڇا؟ پر مون ڏٺو ته رستو بند هو. مون ان بند کي ٽوڙڻ ٿي چاهيو. مون سڀني کي چيو ته فضا ۾ غلاميءَ جو دونهن آهي. اوهان انڌا آهيو، گونگا آهيو، ٻوڙا آهيو، بيحس آهيو. مردار آهيو. اوهان غلام آهيو ۽ غلاميءَ ۾ خوش آهيو. لعنت آهي اوهان تي. مان ان صورتحال ۾ رهي نٿو سگهان. نٿو رهي سگهان.... نٿو رهي سگهان... پر مان ته رهيو آهيان. مان ته هميشه ان صورتحال ۾ رهيو آهيان، منهنجي لاءِ ڪو به ماضي ڪونهي، ڪو به مستقبل ڪونهي. فقط حال آهي ۽ ڪيڏو عذابناڪ... ڪيڏو ڊيڄاريندڙ. پر مان ڊڄان ڪو نه ٿو. ڊڄڻ جي ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي. پوءِ به مان ڀڄان ڇو پيو. جيتوڻيڪ ماڻهو ڄاڻي به ٿو ته ڀڄڻ جي بچڻ جي ڪا به واھ ڪانھي. ڪيڏو ٿڪي پيو آهيان ڀڄي ڀڄي...‘

واري ڏاڍي تتل هئي. ننهن کان چوٽيءَ تائين پيڙا جون اڻ کٽ لهرون هيون. هو ويهي رهيو، ساهي پٽڻ جي لاءِ. هن کي ويٺي اڃا ٿوري مهل مس ٿي هئي ته اوچتو پٺيان ڪنهن کيس ڌڪو ڏنو. هن پاڻ کي ڪرڻ کان بچائي ورتو ۽ ڇرڪ ڀري اٿي بيٺو. هن پٺيان مڙي ڏٺو. رڳي انڌوڪار هئي، جيڪا تيزيءَ سان اڳيان وڌندي ۽ پکڙجندي ٿي ويئي. هن جا وار ڪانڊارجي ويا. ’نيٺ پهچي ويا......‘ هن ڀڄڻ چاهيو پر هو چئني ڏسائن کان وڪوڙجي چڪو هو. هوا واريءَ جا ٻڪ ڀري هن جي منهن، ڇاتيءَ ۽ پٺ کي سٽي رهي هئي. هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. واريءَ جي ڌڪن کان پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن اجايو ڊوڙي رهيو هو. ’خبر ڪا نه ٿي پئي ته ڪيڏي مهل ۽ ڪٿان ٿو ڌڪ لڳي. پر جيڪڏهن خبر پئي به، ته ان سان ڪهڙو فرق پوندو. ڪٿان به ۽ ڪو به وار ٿئي ۽ ڀلي ماڻهو ڏسي، پر جڏهن بچاءُ به ڪري سگهي. سوال اهو ڪونهي ته وار ٿئي ٿو. وار هر طرف کان ۽ هر طرح ٿئي ٿو، پر سوال اهو آهي ته بچاءُ ڪيئن ڪجي. مسئلو آهي ئي بچاءَ جو. ۽ هتي بچاءَ جون سڀ راهون بند آهن.‘ هن کي پنهنجو ساھ گهٽجندو محسوس ٿيو. هن وات کي زور سان بند ڪري ڄاڙيون ڀِچائي ڇڏيون هيون..... پر واري نڪ ۾ گهڙيو ٿي آئي. ڄڻ ڪو هن جي تارونءَ تي زور ڏيئي رهيو هو ۽ ان جو ايذاءُ سڄي جسم جي نسن ۾ ڊوڙي  رهيو هو. هن جا پير واريءَ ۾ ڦاٿا پيا هئا ۽ هو ڄڻ رٻڙ جو گڏو هو، جنهن کي ڪو زور ڏيئي وري ڇڏي رهيو هو. ٿڙڪڻي هئي، پر جسم جي ڪهڙي حصي ۾! شايد ٽنگون ٿڙڪيون پئي يا ڏند يا ڇاتي يا شايد سڄو وجود..... ’ڪنهن به ڳالھ جو يقين ڪونهي. هر وقت بي يقينيءَ جي حالت- ٻئي پل ۾ ڇا ٿيندو، ڪو به يقين ڪونهي، ڪجھ به يقين سان نٿو چئي سگهجي. ڪهڙي خبر ڪڏهن طوفان ختم ٿي وڃي ۽ هتي ته ڪئين طوفان آيا آهن ۽ گذري ويا آهن. مون ڪنهن کي چوندي ٻڌو آهي ته اسين ڊڀ آهيون: چرڻ ۽ لتاڙجڻ کان پوءِ به وري پيا ڄمنداسين. ختم ٿي وينداسين ۽ وري پيا ڄمنداسين ۽ فقط ڊڀ ئي هونداسين.....‘

هن کي احساس ٿيو ته سندس وات کليل آهي. هن زور سان ڄاڙيءَ کي بند ڪيو. ڏندن جو پاڻ ۾ يا ڏندن ۾ واريءَ جو ڪرٽو ٿيو ۽ هو ڏڪي ويو. ڪنهن ڏند ڪرٽيا! هن ڇرڪي چوڌاري نهاريو. واريءَ جا واچوڙا هئا، جيڪي هن جي چوطرف ڀوتن وانگر ڦري رهيا هئا ۽ هوُ انهن ڀوتن کان ڊڄندو، تيز هوا اندر واريءَ ۾ ٿاٻڙجندو، ڀڄندو ويو. اڏامندڙ واري هن جي اکين ۾ گهڙيو ٿي آئي ۽ هو اکين کي کولي نٿي سگهيو. واريءَ ۾ ڊوڙندي ڪري ٿي پيو، پوءِ به هو ڀڄڻ جي جاکوڙ ڪري رهيو هو، شايد رڳي جاکوڙ ئي ڪري رهيو هو. ’مان ڄاڻان ٿو ته اها سموري جاکوڙ اجائي آهي. بچاءَ جون سڀ واهون بند آهن ۽ چوڌاري سنگينون  آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي ڌڪي لتون هڻي وري ان جاءِ تي آڻيو ڇڏين، جتان هو ڀڳو هو. ڪو به ان قيد خاني مان ڀڄي نٿو سگهي. مان چوطرف کان گهيريل آهيان. مون کي لڳي ٿو ته ڪٿان نه ڪٿان اوچتو ڪا ڄار مون تي اڇلائي ويندي ۽ مان ڦاسي ويندس- لڇندس، ڦٿڪندس، تڙپندس، پر سڀ اجايو ۽ اوچتو هڪ سنگين منهنجي سيني ۾ کپي ويندي....‘

هن کي ڀڄڻ جو خيال آيو ۽ هن پنهنجي سموري سگھ ميڙي ڀڄڻ چاهيو، پر سگھ جهڙي ڪا شيءِ رهي ڪا نه هئي. سمورو رت ڄڻ واريءَ چهي ورتو هو ۽ ٽنگون سڪي ڪاٺيون بنجي ويون هيون. فقط هڏا هئا جن تي سڪل چمڙي چڙهيل هئي ۽ هڏن جي پورن ۾ پيڙا ڀريل هئي. هن جيئن پورو زور ڏيئي اڳتي وڌڻ چاهيو، ته سندس ٽنگون واريءَ ۾ گچي ويون. هو گوڏن تائين ڦاسي چڪو هو. هن واريءَ مان پيرن کي ڪڍڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر پير ڄڻ سندس هئا ئي ڪو نه- رڳو ساڻس ڳنڍيل هئا. تيز هوا هن جي آسپاس، واريءَ جو ڍڳ ٺاهڻ شروع ڪيو، ۽ ڍڳ هن جي گوڏن کان مٿي چڙهندو ويو. هن پنهنجين اکين تان ۽ منهن تان واري هٽائڻ چاهي، پر هن کي ائين لڳو ڄڻ هٿ ۽ نراڙ ۾ ميلن جو فاصلو هو. ٻانهون هن جي ڪلهن سان رڳو چهٽيل هيون. ذهن کي جسم جي ڪنهن به حصي تي اختيار ڪو نه هو. ۽ رڳو پيڙا جون بي انت لهرون هيون.

No comments:

Post a Comment