Tuesday, November 30, 2021

گهر - خالد فرهاد - ننگر چنا

گهر

(پنجابي ڪھاڻي)

ليکڪ: خالد فرهاد

مترجم: ننگر چنا



خدا بخشيسِ مُنيءَ جو پيءُ جڏهن جيئرو هو، تڏهن مان ڪجهه ڳَوري هيس، هاڻي ته ڪک کان به هلڪي ٿي پئي هان. نُنھُن ڪجهه سمجهي ئي نه ٿي. ڇوڪرو آهي سو پنهنجي مُنھِن، جيڪو دل ۾ اچينِ سو ڪَنِ، مان نه ڪنھن جي ٻِينءَ ۾ نه ٽينءَ ۾. هاڻي ڀلا مون کي ڪير ٿو پڇي! کَٽَ تي ويٺي سڄو ڏينھن ٻار پئي کيڏائيندي رهندي هان.

مُنيءَ سان ملڻ لاءِ مَنُ پيو ڪريمِ. اڳي ته پوهه لنگهندي ئي اچي ويندي هئي ۽ هاڻ چيٽُ پيو وڃي پر هُنَ ڦيرو نه پاتو آهي. مان جيسين پاڻ وڃڻَ جوڳي هيسِ، تيسين وڃي ملي ايندي هئيسانسِ، پر هاڻ هِنَ ٻُڍي سَريرَ کي ڪٿي لارِيُنِ ۾ ڌِڪيندي وتان.ڇوڪرَ کي چيم ته وڃِي سُکَ سانت جو پُڇِي اچِيسِ. سالِيءَ ڏي هليو ويو پر مُنيءَ جي لاءِ هُنَ وٽ واندِ ڪونهي.


مُنيءَ ڏي مان هُونءَ به تڪڙي ويندي هان. چَنڊيءَ ۾ منھنجو موهه به ته گهڻو آهي نه. ڇا ڪيان ماءُ جو ٿيسِ. مون کي ئي نه پر هَر ماءُ کي ڌيءَ سان اهڙي ئي پريت هوندي آهي.

هِنَ موهَه جو ڪارڻ ماءُ ڌيءُ جو سَڱُ ته آهي ئي آهي، پر تنھن کان سواءِ ٻنهين جي وچ ۾ عورت هجڻ جي هيڪڙائي به هڪڙو ڪارڻ آهي.

مان جڏهن به ڳوٺ ويندي هيس ته امان مرحياتِ چوندي هيم،“ اَئي چَنڊِي! تو ايڏي دير ڇو لاتئي؟”مان چوندي هُئِيمانسِ، “امان! تون ته ڄڻ رڳو منھنجي اوسيئڙي ۾ هوندي آهين!” مٿان اَمان نِرڙ چُمي چوندي هُيَمِ، “ٻيو نه ته ؟”

هاڻي جڏهن مون کي پاڻ کي مُنيءَ جي پريشاني رهي ٿي، تڏهن ماءُ جي هيجَ جو احساس ٿئيم ٿو.

پندرهن ويھه ورهيه ٿي ويا آهن مُنيءَ جي وهانءَ کي، پر اڃا تائين ڳالهه ڪالهوڪي لڳندي اٿم، جڏهن مُنِي ويڙهي ۾ ڊوڪڙيون ڀريندي وتندي هئي. جڏهن مُنيءَ جي وهانءَ جي ڳالهه چُري ته خدا بخشيسِ سندس پيءُ چوڻ لڳو، “چَوَنِ ٿا ته ڌيئُون پرائو ڌڻ هونديون آهن. پر مُنيءَ جي سامائجڻ جي سُڌَ ئي نه پئي.” وري ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين،“ رَبَ ڌَرُيَئُون ئي ڌِيئُنِ جو اَنُ پاڻي پَرائي گهر نه لکيو هجي ته ماءُ پيءُ انهن جو هڪ وارُ به ڪنھن کي پَٽي نه ڏِيَنِ!” ۽ مون هُنَ جي ڳنڀيرتا کي ٽوڙڻ جي لاءِ چيو هو، “اسان به ته پنھنجي ماءُ پيءُ جي گهر ائين پياريون هيون سِين!”

جڏهن مُنيءَ کي مائٽيءَ جي لاءِ ڏسڻ وارن کي اچڻو هو، اُنَ کان هڪ ٻه ڏينھن اڳ مُنيءَ جو هاجَ ۾ هُجَڻ ڏسڻ وٽان هيو. پنھنجي ڀاڄائيءَ کان اڳ ۾ هُنَ سڄي گهر جي نئين سِر پوچِي ٻُھاري ڪئي. جڏهن گهر سَنوارجي ويو تڏهن گهر جِي ڏِکَ ئي ڪجهه ٻي هئي. لڳي ئي نه پيو ته هِي گهر ڪو اُهو اڳي وارو گهر آهي . پوءِ هُوءَ سنگتياڻين کي وٺي اندر وڃي ويھي رهي. ٻاهران توڻي جو ڪجهه به نه پئي ڏسڻ  ۾ آيو پر مون ڄاتو پئي ته اندر ڇا ٿي رهيو آهي. مون کي سُڌَ هئي ته مُنيءَ جون سنگتياڻيون کيس رنگ برنگي ڪپڙا پارائي، هُنَ جي سُونھَن بابت هڪ ٻئي کي ڏَسي ٻُڌائي رهيون هونديون.

۽ جڏهن مُنيءَ کي ڏسڻ وارا آيا، تڏهن اُنَ ڏينھن مُني هڪڙي نرالي احساس جي گهيري ۾ آيل هئي. مُنيءَ جي خيال ۾ ته ڪجهه اکيون مٿس ئي ڄميل آهن.

هُنَ کي، هُنَ جي هَڏَ ڪاٺَ کي پنھنجِي پرک جي ماپي جِي تارازيءَ ۾ توريندڙ اکيون. “ويچاري مُني!”

لَڄَ جي سنهڙي ورق ۾ ويڙهي پنھنجو پاڻ کي پيش ڪندڙ مُنيءَ تي اُنَ ڏينھن مون کي ڏاڍو ترس آيو، (منھنجي ماءُ کي به اُنَ ڏينھن تي اهڙوئي ترس آيو هوندو.) ۽ پوءِ مھمانن جي وڃڻ کان ٿوري ويرم اڳ، فيصلي جي گهڙيءَ، جنھن گهڙيءَ ۾ ڇوڪرِي ڪنھن به سڱ سياپي کان آجِي رڳو هڪ عورت هوندي آهي . (جي ان گهڙيءَ هُنَ ۾ ڪو پنھنجي ڌيءَ ڀيڻ ڏِسي ته پوءِ هُنَ کي نِندي ڇو؟) ساراهجڻ جِي آسَ سان گڏوگڏ نه ساراهجڻ جو ڊَپُ. ۽ جڏهن مُنيءَ جِي ٿيڻ واري سَسُ مُنيءَ جي مٿي تي پيار ڀريو هٿ رکي رُپيو رکيس ته منھنجا ڳوڙها وهي آيا. سُڌَ ناهي، خوشيءَ جا هيا ڪِين غميءَ جا.

جڏهن اڃا مُنيءَ جو وِهانءُ نه ٿيو هو، تڏهن هُوءَ ڏاڍو خيال رکندي هئي هِنَ گهر جو. ڪھڙي مجال جو ڪا شئي هيڏي هوڏي ٿي وڃي! جي ڪا شئي ٿي به ويندي هئي ته جهٽ وڙهڻ لاءِ ڀَڳي ايندي هئي. ڪيئي ڀيرا پنھنجِي ڀاڄائيءَ سان مُنھَن ماري ٿي پوندي هئسِ. مان ڪيئي ڀيرا سمجهائيندي هئي مانسِ ته تون هِنَ گهر جي ڳڻتي ڇو ٿي ڪرين؟ گهر وارا سنڀالن جان نه سنڀالن، تنھنجو ڇا؟ ته هُوءَ مٿان اُبتي ورندي ڏيندي هئي، “ڇو؟ هي منھنجو گهر ناهي ڇا؟”

پرڻي کان پوءِ مون هڪ ڀيري مُني کان پڇيو، “مُني! هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ؟” چوڻ لڳي، “ڪھڙي؟” مون چيس، “هاڻي تون جڏهن به اچين ٿي تڏهن تنھنجي سامهون گهر اندر ڌُوڙِ ڄَمي پئي هوندي آهي، وٿون هيڏي هوڏي کِنڊيون پيون هونديون آهن. پر هاڻ تو ڪڏهن هٿ به نه چوريو آ؟” چوڻ لڳي، “امان! ڊپ ٿو ٿئي.” مون چيس، “ڪنھن کان؟” چيائين، “گهر وارين کان، جو اِئين نه چئي ڏين ته اسان جو گهر آ، سنڀاليون نه سنڀاليون، تنھنجو ڇا؟”

مان چوڻ ڪاڻِ ته چئي ڏيانسِ ها ته تون ته وڙهڻ ڀڳي ايندي هُئينءَ ته هي منھنجو گهر ناهي ڇا؟ ۽ هاڻي!؟ پر مون نه چيس، شايد اِنَ ڪري جو مون هُنَ جي ڳنڀيرتا ۾ واڌارو نه پئي ڪرڻ گهريو.

سَتاوِڙي تي آيل مُنيءَ کان پڇيو هيم، “اُتي مَنُ لڳو ٿَئي جان نه؟”

هلڪي کِل کِلندي چيائين، “ها، پر اڃا تائين سپنن ۾ واتاورڻ هتان جو ئي هوندو آهي.”

مُني ٻارڙي ئي هئي، تڏهن هڪ ڀيري ڊوڙندي آئي ۽ چوڻ لڳي: “امان! توکي هڪڙي کِل جھڙي ڳالهه ٻڌايانءِ؟” مون چيس، “ٻُڌاءِ!” ته چوڻ لڳي، “چاچِي پيڪن مان ٿِي آئي آ، مون پڇيس ته چاچِي! ڪھڙي ڳوٺان ٿي آئي آن؟ ته چيائين، پنھنجي ڳوٺان.جڏهن مون چيس ته هِي ڪنھن جو ڳوٺ آهي؟ ته چوڻ لڳي، تنھنجي چاچَنھِن جو.” ۽ ڳالهه ٻڌائي مُنيءَ جي کِل بيٺي ئي نه پئي.

جڏهن وَريتڙِي عورت کي “طلاق” جا ٽي اکر ڪنھن جاءِ تان بي دخل ڪري سگهندا هجن ته پوءِ هُوءَ اُنَ جاءِ کي پنھنجِي جاءِ ڪيئن ٿِي چئِي سگهي؟ منھنجي مَنَ ۾ اهو خيال آيو هو، پر مون مُنيءَ سان نه ونڊيو هو، ڇو ته مون هُنَ کي ڪنھن سوچ ۾ وجِهي، سندس کِل کَسڻ نه پئي گهري.

جڏهن اڃا مُنيءَ جي پَرڻي کي گهڻو ٽاڻو نه ٿيو هو، تڏهن مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي هيس ته هِنَ ڀيري ايندي ته پورا ڇهه مهينا رهائيندي سانسِ. پر پوءِ پنھنجي سوچ تي کِل اچي ويندي هئي. ڀلا هُنَ جو ڪھڙو وَسُ؟ هاڻي ته سندس سائينءَ جي مرضي، رَهڻُ ڏئيس جان نه ڏئيسِ. ڇو ته ڌيئُون ساهرين گهر ئِي سُونھَنديون آهن.

هڪ ڀيري مُنيءَ جو سَھرو آيل هو کيس وٺڻ، تڏهن پاڙيوارِي سَلما به ساهرن کان آيل هئي، مُنيءَ جِي ننڍپڻ جي سنگتياڻي. هاڻي مُنيءَ جِي دل چوي ته سلما آئي آ ته اسان ٻئي ڪجهه ڏينھن گڏ رهون. هڪ ٻئي سان گڏجي ويھون، ڪجهه ٻڌايون، ڪجهه ٻڌُون. مُني چاهي پئي ته اسان هُنَ جي سَھري کي هن کي وٺي وڃڻ کان جهليون ۽ سندس سَھرو کيس پھريون ڀيرو وٺڻ آيو هو، تنھن کي خالي موٽائي به نه پيا سگهون. اِنَ ڪري مُنيءَ کي وڃڻو پيو.

هڪ ڀيري مُنيءَ جِي ماسي آيل هئي جو مُني به اچي وئي. هُنَ جي ماسي چوي، مُني! هِنَ ڀيري اسان ڏي هل. مان چوڻ لڳي مانسِ، نه، ڀيڻ! هاڻ مُنِي پرائي امانت آهي، اسان توڏي موڪل نه ٿا ڏئِي سگهونسِ، جو وچ ۾ مُنيءَ چيس، “مان ضرور هلان ها، ماسي! پر مون اوڏي هلڻ جو هُنَ کان پڇيو ناهي. پنھنجي مرضيءَ سان هلي هلان ته پوءِ وري ڪاوڙجي ٿو.”

هاڻي جڏهن آئي ته چيومانسِ، “نڀاڳي! ايڏي دير؟” ته چوڻ لڳي، “گهر جي ڪمن مان واندِ ڪٿي ٿي ملي.” مان به وري ڪاوڙ ۾ ئي چيومانسِ، “خبر ناهي ته الائي ڪھڙن ڪمن ۾ رڌل هوندي آن؟”

هُونءَ مان اندر ئي اندر ۾ شانت هوندي هان ته ڌيءَ پنھنجي گهر ۾ ڏاڍي رڌل آهي.

ڌيئرن کي موڪلڻ مھل ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڏاجُ ڏاوَڻُ ڏيڻو پوندو آهي. سَکڻو ناهي موڪلبو. هُنَن کي وري ڪھڙو سدائين هتي ويھي کائڻو هوندو آهي، پر پيڪن جي گهران آسَ رهندي آهي ڌيئن کي. پيڪاڻي گهر جي وَٿُ لاءِ اُڪِيرَ هوندي اَٿَنِ. گذريل ڀيري جڏهن مون کان آسيسَ وٺي، موڪلائي وڃڻ لڳي، تڏهن مون چيومانسِ، “مُني! بيھجانءِ، ٿورو ڳڙ کنيو وڃجانءِ....” مون چوندي نُنھُن ڏي جهاتي پاتي، جنھن جو مطلب اِهو هو ته هُوءَ اُٿي کيس ڳنڍڙي ٻَڌي ڏئي، پر هُوءَ چُري ئي ڪانه. جڏهن مان پاڻ اُٿي اندر وڃڻ لڳس، تڏهن مُنيءَ چيو، “نه امان!.....ڇڏينسِ، ڪاڏي ٻوجهه گِھليندي وتنديس.” ۽ چانئٺ ٽپي هلي وئي هئي.

شايد مُنيءَ کي اندازو ٿي ويو هو ته هِيءُ گهر جيڪو ڪڏهن منھنجو گهر هو، سو هاڻي منھنجِي نُنھُن جو گهر آهي. مُنيءَ وانگر مون کي پاڻ ڀَوُ ٿو ٿئي ۽ گهر جي ڪنھن به وَٿَ کي هَٿُ لائڻ مھل اندران ڏڪي ٿي وڃان.

 

(پنجابي رسالي ماهوار “پنچم” جي ڪھاڻي نمبر مان ترجمو ڪئي وئي.)

 

(ماهوار ”امرتا“ حيدرآباد جي نومبر ٢٠٢١ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment