Wednesday, November 10, 2021

ڪو ته پنھنجو هجي - فرزند علي - ننگر چنا

ڪو ته پنھنجو هجي

(پنجابي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: فرزندعلي

سنڌيڪار: ننگر چنا



هڪ پراڻي روايت مشھور هئي ته ٻاهران ڪنھن پاسي کان هڪڙو ڳڀرو آيو. هُنَ سڄي ڳوٺ جي سامهون بيھي هوڪو ڏنو، “ڳوٺ وارئو! پنھنجي ڳڀروءَ کي منھنجي مقابلي لاءِ ٻاهر ڪڍو، مون سان ويڙهه ڪري ۽ هيءَ ويڙهه هڪڙي يا ٻئي جي مرڻ مارڻ تائين هلندي رهندي.” ماڻهن اهو اعلان وڏي حيرانيءَ وچان ٻُڌو.


ڌاريو ڳڀرو چئي رهيو هو، “جي مان مري ويس ته منھنجي لاش سان جيڪا مرضي وڻيوَ اُهو سلوڪ ڪجو، پر جي توهان جو ڳڀرو مري پيو ته مون کي ڪو به ڏوهه نه ڏجو. اِنَ سان گڏ هيءُ شرط به آهي ته جي سڄي ڳوٺ مان ڪو به ڳڀرو مُقابلي لاءِ نه آيو ته  .....توهان جي ڳوٺ جِي سڀني کان سھڻي ڪامڻي منھنجي ٿي.”

اهو هوڪو ڪيترن ئي ڏينھن تائين ڳوٺ وارن لاءِ عذاب بڻيو رهيو. ڳوٺ جو ڪو به ڳڀرو ويڙهه لاءِ تيار نه پئي ٿيو. سڀئي پنھنجي پنھنجي جند بچائڻ لاءِ بھانا ڳولڻ لڳا هئا. ڪيترائي ڳوٺ ڇڏي ويا ۽ ڪيترن وري وڃي کٽ جو پاسو جهليو هو. پر دُهل ته وڄي رهيو هو. ڌاريو ڳڀرو للڪاري رهيو  هو. سڀئي هوري هوري بيغيرتي ۽ بي حيائي ڏي وڌي رهيا هئا. ڪو به ڳڀرو ميدان تي نه آيو. ڳوٺ جي پَتِ عزت لڙهي هلي هئي جو هڪڙي ڏينھن انهيءَ ڳوٺ جو ڀاڻيجو گهمندو ڦرندو ناناڻي اچي نڪتو. ڀاڻيجو هڪڙو ٽَھَلُ ۽ رولُو قسم جو نوجوان هو. هُو ڪڏهن به گهر ۾ کُپُ کوڙي نه ويٺو هو.

ڀاڻيجي جڏهن دُهل وڄندي ٻُڌو ته ناناڻڪي ڳوٺ جي عزت رکڻ لاءِ جهٽ ۾ مقابلي لاءِ تيار ٿي ويو. ڀاڻيجي جي سورهيائي ۽ دليري ڏسي ناناڻڪو ڳوٺ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو، “سچ چيو اٿن ته هَڏُ پنھنجي جو ئي ڪُرڪَندو آهي.”

“هُو توڻي جو آهي ته ٻئي ڳوٺ جو پر آهي ته ڀيڻ ڄائو، پنھنجو سڳو نه.” پوءِ ڪيترائي ڏينھن ويڙهه هلندي رهي. ٻئي ڳڀرو هڪ ٻئي کي ماري پورو ڪرڻ جا جتن ڪندا رهيا. نيٺ ڀاڻيجو کَٽي ويو ۽ ڌاريو ڳڀرو مارجي ويو.

سڄي ڳوٺ جي پَتِ رهجي آئي. ماڻهن سُکَ جو ساهُه کنيو. نيٺ ته سڀئي ڌيئن ڀيڻن وارا هئا. ڀاڻيجي جي کٽڻ تي ناناڻڪي ڳوٺ وارن ڏاڍي خوشي ڪئي، جشن ملهايا. ڀاڻيجي کي ڪلهن تي کڻي سڄي ڳوٺ ۾ فخر ۽ مانَ سان ڦيرايائونسِ. ڳچيءَ ۾ نوٽن جا هار وڌائونسِ. ماسيون، ماميون صدقي ٿيس ۽ خير خيراتون ڪيون ويون. خوشيون ڪري ڪري ماڻهو ٿڪا ٽٽا سمهي پيا. جڏهن فجر جو اُٿيا ته سُڌَ پين ته ڳوٺ جي سڀني کان سھڻي ڪامڻي ۽ ڀاڻيجو ٻئي گم آهن.

چڱي ٽاڻي گذرڻ کان پوءِ ان ڳوٺ جا ماڻهو وري هڪ ڀيرو ٻيھر ڌارئي حاڪم جي جاءِ تي ‘ڪو پنھنجو هجي’ بابت سوچڻ لڳي ويا. سچ پچ به پنھنجو هجي. ڀاڻيجي جيترو به فرق نه هجيس. پنھنجي ڳوٺ جو ۽ پنھنجن منجهان هجي. عزتن جو رکوالو ۽ ڏک سک جو ساٿي هجي. ڌارئي حاڪم ٽيڪس  گهڻي ٿي ورتي ۽ ڳوٺ جي سيوا گهٽ پئي ڪئي. اهوئي ڪارڻ هو جو ڳوٺ وارن کي ‘ڪو پنھنجو هجي’ جي لوري لڳل هئي.

پوءِ پنھنجي حاڪم جي لاءِ وڏيون ويڙهون ٿيون .انهن لڙاين ۾ ڏکيايون ۽ تڪليفون به آيون، پر ماڻهن نيٺ پنھنجو حاڪم بڻائي ورتو. پنھنجو حاڪم پنھنجن مان ۽ پاڻ جھڙو هين. ڳوٺ وارا ڏاڍا راضي ٿيا، خوشيون ٿيون، جشن ملهايا ويا. گهر گهر دعوتون ٿيون ۽ پنھنجي حاڪم جا هٿ ادب سان چُمي پنھنجي عقيدت جو اظهار ڪيو ويو.

پوءِ ڪيترن ڏينھَنِ تائين اهو چاهه هيو ۽ اهي خوشيون هيون. جڏهن ماڻهو خوشيون ڪري ڪري ڍَئجي ويا، پنھنجن ڪمن ڏي ڌيان ڏيڻ لڳا، تڏهن  ...... پنھنجي حاڪم پراڻي ٽيڪس سان گڏ ڪجهه نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو هوڪو ڏيندي چيو، “جنھن به ماڻهوءَ وقت سِر ٽيڪس نه ڏنو ته ان جو مالُ ۽ جائيداد ضبط ڪيا ويندا ۽ ها، کلڻ، خوشي ملهائڻ، جيئڻ ۽ مرڻ لاءِ به ٽيڪس ڏيڻو پوندو.”

 

(فرزند علي جي ڪھاڻي ڪتاب “ڪَنڊ پِڇي اکيان” مان ترجمو ڪيل.)

 

(ننگر چنا جي فيسبڪ ٽائئم وال تان ۱۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment