Wednesday, November 10, 2021

الا اُن م وسران - غفار سومرو

الا! اُن م وسران

ڪهاڻي

غفار سومرو



اڄُ رات سنگيتا جي نيڻن مان ننڊ، ائين ڀڙڪو ڏيئي اڏامي وئي هئي، جيئن هٿن ۾ جهليل ڪبوتر، هٿ ڍرا ٿيڻ سان کنڀ ڦڙڪائي، ڀڙڪو ڏيئي اڏامي ويندا آھن. ھوءَ مخمل جي وهاڻي تي مٿو رکيون، ريشمي، ڪارا، ڀمڀا وار، مور پنک جيان وڇايون، پير پٿاريون، بت مٿان هلڪي چادر اوڍيون، گلاب جي گلن سان جهنجهيل شاخ جيان بستري تي پئي هئي.


سندس ڀوريون، ڳاڙهسريون، شيشي جي رنگين چوڙين سان ڀريل ٻانهون ۽ خوبصورت هٿ، سيني تي ائين رکيل هئا، ڄڻ نارنگيءَ جي وڻ ۾  لڙڪندڙ، پڪل ٻه عدد نارنگيون ڇنندا هجن. سندس ڪارا ڪجلا نيڻ، ڪنهن صحيفي جي ورقن جيان کليل هئا. نماڻا نيڻ جن ۾ صدين جون صدائون، ٿڪ، اوسيئڙو، انتظار ۽ اوجاڳا هئا. سندس اکين جي اڀ ۾ ڪارا ڪڪر وسڻ جا ويس پهري آيا هئا. هن سيراندي کان رکيل موبائل کنيو، ان باڪس کولي، سنگهار جو پيغام جيڪو ھوءَ منجهند کان وٺي الاء ڪيترا ڀيرا پڙھي چڪي هئي، هڪ ڀيرو ٻيهر پڙهڻ لڳي، سنگهار جيڪو ڳوٺ کان گهڻو ڏور شھر روزگار سانگي ويل هو، تنهن چئن مهينن کان پوءِ موڪل  ڪندي، اڄ شام تائين ڳوٺ پهچڻ جو لکيو هوس. ان وقت کان وٺي ھوءَ ھوائن جي هندوري ۾ ٿي لڏي، سندس پير زمين تي ڪونه هئا، هاڻي شام کان آڌيءَ رات اچي ٿي هئي، ڪتيون ڪر موڙي چڪيون هيون، ٽيڙو اڀري آيا هئا، پر سنگهار جو ڪو به ڏس پتو ڪونه هو.

ميسج پڙھي، ھوءَ بيڊ تان اٿي پير لڙڪائي ويٺي، وار سنواريندي، سيراندي کان رکيل رئو کڻي ڳچيءَ جي چوڌار ويڙھي، دروازو کولي ٻاهر اڱڻ تي اچي بيٺي، آسمان ڏانهن نهاريندي،ٽيڙن،ڪتين ۽ ڪهڪشائن ڏانهن ڏسڻ لڳي، پر اڱڻ ۾ ٻرندڙ تيز روشني واري بلب ۽ مٿي آسمان جي ڇت ۾  چنڊ جي سفيد روشني سبب کيس نکٽ نروار نظر ڪو نه آيا، ٿڌڙي هير سندس جسم کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاء ڦيريون پائي رهي هئي.

 ھوءَ واش روم مان ٿي چهري تي ٻڪ سان پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي، رئي جي پلئه سان منهن اگهي ڪمري ۾ اچي در ورائي، بلب ٻاري  بيڊ تي ويٺي. سامهون لڳل ديوار تي ڪاٺ جي ڪٻٽ ۾ مختلف صنفن تي رکيل ڪتاب، شوپيس ۽ تصويرون رکيل هيون، سندس نظرون کوڙ سارين تصويرن تان ترڪنديون هڪڙي تصوير تي ڄمي بيهي رهيو، تصوير ۾ ھن کي سورنهن سينگار  ٿيل ۽ ڳاڙهو کنھبو وڳو پهريل هو، سندس ساڄي پاسي ٽوپي اجرڪ پهريل اڇي ڪاٽن جي وڳي ۾ گھوٽ سنگهار ساڻس گڏ ويٺل هو. هي تصوير سندن شاديءَ جي سڀاڳي گهڙي وقت نڪتل هئي، جنهن کي سنگهار فريم ڪرائي ڪٻٽ ۾ سجائي رکيو هو. تصوير ڏانهن نهاريندي سندس ذهن جي اڱڻ تي شاديءَ جي پهرين رات جا انيڪ رنگ ظاهر ٿيڻ لڳا، سندس پوري وجود ۾ ڪتڪتايون ٿيڻ لڳيون، هن کان ٿڌو ساه  کڄي ويو ۽ ھوءَ پلنگ تان اٿي ڪٻٽ وٽ اچي بيٺي، تصوير کڻي مٿس هٿڙا ڦيرڻ لڳي ۽ پوء سنگهار جي تصوير تي پنهنجا ڳاڙها چپ رکي اکيون ٻوٽي ڇڏيائين ۽ سنگهار جي وجود کي پنهنجي جسم سان وڪوڙيل ڀانيائين.

کن پل بعد هن اکيون کولي هڪ ڀيرو ٻيهر تصوير کي پيار وچان ڏٺو ۽ هڪ ڀرپور چمي ڏيندي سيني سان لڳائي ڇڏيو. گهڻي دير بعد  هن فريم ساڳي ئي جڳھ تي احتياط سان رکي ڇڏيو. 

سندس نظرون ڪٻٽ ۾ سجايل مختلف شين کان ٿڙنديون وچين خاني ۾ رکيل شاعريءَ جي ڪتابن تي رڪجي ويون. هن هٿ وڌائي “شاه جو رسالو” کڻي ورتو. واپس اچي بيڊ تي پلٿي هڻي ويٺي ۽ رسالي جا  صفحا اٿلائيندي “سر سامونڊي” پڙهڻ لڳي.

جي تون وڻجارو ڪانڌ، ته مون هڏ مَ لائون لڌيون!

پرڏيھ مٿي سانگ،اٺئي پهر جنهن ڪيو.

لطيف جو بيت پڙهندي سندس خماريل نيڻ ٻوٽجي ويا ۽ هن تصور ئي تصور ۾ سنگهار کي پاڻ سان گڏ پلنگ تي گوڏو گوڏي سان گڏي، روح رهاڻيون ڪندي محسوس ڪرڻ لڳي،

سندس دل،دماغ ۾ سنگهار جو نانءُ سر سامونڊيءَ جي بيتن جيان ڦرڻ لڳو، سموري بدن مان سنگهار سان ملاقات جي خوشبوء رات جي راڻي جيان ڦھلجڻ لڳي، ۽ ھوءَ سمنڊ جي وچ لهرن ۾ بنا ناکئي جي بتيلي جيان لڏڻ لڳي.

تڏھن هن هٿ وڌائي سيرانديءَ کان رکيل موبائل کڻي ورتو،سنگهار جو نمبر ملائي،انتظار ڪرڻ لڳي، رنگ وڄي رهي هئي، هو اسڪرين تي نظرون کپائي ڏسندي رهي، پل کن بعد پريان ڪال اٽينڊ ڪئي وئي، هن جي چپن تي خوشي گاڏڙ ناراضگي واري مرڪ پکڙجي وئي، موبائل ڪن جي ويجهو آڻيندي، اندر جي ساري مٺاس زبان تائين آڻيندي چيائين “سنگهار!”

هن پاسي کان  اڻ سڄاتل ذائفاڻو آواز سندس ڪنن جي ڀتين سان ٽڪرائجي سندس وجود کي ڇيهون ڇيهون ڪندو ويو “محترمه آءُ سنگهار جي زال ٿي ڳالهايان، سنگهار هن وقت  ننڊ ستل آھي، اوهان ڪير؟!”

 سنگيتا جي هٿن مان  موبائل ڇڏائجي جهولي ۾ وڃي ڪريو ۽ ھوءَ سخت سرديءَ جهڙي حالت ۾ ڏڪڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳي، انتهائي درد ۽ تڪليف وچان، منهن تي هٿ ڏيئي زارو قطار روئڻ لڳي، سندس زبان تي لطيف جو بيت تڙپڻ لڳو.

ٻيڙي جي ڀُڻَن، نينهُن نه ڪجي تن سِين

اُڀيون ڏَنڀ ڏسن، جُھ سڙه ڏئي سِير ٿيا!

No comments:

Post a Comment