Monday, November 8, 2021

فريبي مرڪ - غفار سومرو

فريبي مرڪ

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



هوءَ ساڻس چوڏھين رات چانڊوڪيءَ جهڙو چمڪندڙ پيار ڪندو هو ته هوءَ به هن سان آڪاش ۾ ٽڙندڙ اڻ ڳڻپ تارن جي تعداد جيتري محبت جو اظهار ڪندي رهندي هئي.

ڪاليج جي پهرئين سال ئي هنن ٻنهي کي هڪ ٻئي جي حسن، پئسي ۽ شهرت گهڻو متاثر ڪري ورتو هو ۽ ائين پڙھندي، لکندي، ملندي ۽ ڪچهريون ڪندي، ڪاليج جي آخري سال جي پڇاڙڪن ڏينهن تائين پهچندي سندن محبت ڀرئي داستان جي کٿوري خوشبوءِ ڪاليج جي چؤديواري، ڪلاس، ليباريٽري، لائبرري ۽ باغيچي اندر مشهوري ماڻي ورتي هئي.


فرحان علي خان سهڻو سيبتو، مرداڻي حسن جو شاهڪار هو ۽ شھر جي هڪ ڪامياب وچولي درجي جي واپاريءَ جو اڪيلو پٽ هو. جنهن وٽ ڌن دولت جي ڪا گهڻائي ته ڪو نه هئي پر ڪمي پوءِ به ڪو نه هئي.

مارئي هڪ ننڍي زميندار ۽ هاريءَ جي اڪيلي ننڍي نياڻي ڏاڍي حسين، خوبصورت، هوشيار، ڏاهي ۽ چڱي گهراڻي جي ڇوڪري هئي.

ڪاليج کان موڪلاڻيءَ واري ڏينهن، هو ٻئي لائبرريءَ جي دروازي اڳيان، سائيءَ ڇٻر تي ڪنڊ ۾ رکيل ڪاٺ جي بينچ تي گڏ گڏ  ويٺا هئا. بينچ جي بلڪل پٺيان، گلاب جي ٻوٽي ۾ ٻه گل، هوا ۾ جهومي، پاڻ ۾ ڀاڪرين پئي، خوشبوءِ ڦهلائي رهيا هئا.

فرحان علي خان، مارئيءَ جي روپ ۾ ڪامياب، خوشحال ۽ خوبصورت زندگيءَ جا حسين خواب ڏسي رهيو هو. جن ۾ مارئي سندس پٽ راڻي ٿي گهر ۾ حڪم هلائي رهي هئي ۽ هوڏانهن مارئي صبح ٿيڻ تي خواب مان جاڳندڙ اکين سان حقيقت جي دنيا ڏانهن موٽ کائي رهي هئي. پر پوءِ به ٻنهي جي اکين ۾ اڻ تڻ، هورا کورا ۽ هلڪا ڳوڙھا وڇوڙي جي گيتن جيان ٻُري رهيا هئا.

فرحان علي خان، سندس ڳاڙھاڻ مائل ڀوري نازڪ نفيس هٿ کي هلڪو زور ڏيندي چيو؛ ”مارئي مون سان شادي ڪندينءَ!؟”

هوءَ سندس نيڻن جي  نهار ۾ محبت جي سچائي ڏسي مرڪي پئي ۽ چيائين؛ ”تو مون سان ڪاليج جي سڀني سالن جي هر مهيني، هر هفتي، هر ڏينهن ۽ هر ڪنهن پل ۾ محبت ڪئي آھي. پاڻ پنهنجي جيون جا يادگار پل، سنگ گذاريا آھن. آئون به اڳتي جيون جو هر ساھ تو سنگ کڻڻ ۽ قدم قدم سان ملائي هلڻ لاء تيار آھيان پر،،،!”

“پر ڇا،،،!” فرحان علي خان اتاولو ٿي پڇڻ لڳو.

مارئي ھيڏانهن هوڏانهن نهاريندي، وري چهري تي آيل تاثرات لڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي ۽ ڪي پل، سوچن جي سمونڊ ۾  ٽٻي هڻي، ڄڻ پاتار ۾ لهي ويئي. فرحان علي خان، ڪناري بيٺل ٻيڙيءَ جيان ڇولين جي ڇهاءَ سان لڏڻ لمڻ لڳو.

“مارئي!” فرحان علي خان تيز ڌڙڪندڙ دل جي ڌڙڪنن کي هڪ جائيتو ڪندي، سندس هٿ کي زور ڏيندي چوڻ لڳو؛ “مارئي! ائين ماٺ ٿي نه وڃ. ڪجھ ته ٻڌاءِ جيڪو به تنهنجي من اندر ۾ آھي.”

مارئي هلڪو ڇرڪ ڀري، نماڻا نيڻ کڻي، کيس هڪ ڀيرو ڏٺو. اکين جي آسمان تي وسڻ جا ويس پهري آيل آگم کي ڳلن جي زمين تي جل ٿل ٿيڻ کان روڪيندي وڏي همت ۽ جرئت سان چوڻ لڳي؛ “مٺا فرحان علي خان! مون هر پل، هر گهڙي تنهنجي پيار جو ڏيئو من مندر ۾ جلائي رکيو آھي ۽ جيون جا باقي پل، ڏينهن ۽ سال به اهو پيار جو ديپڪ جلائي رکنديس پر،،، مان تو سان شادي نه ٿي ڪري سگهان!”

“ڇو!؟ ڇو شادي نه ٿي ڪري سگهين!؟ مون کي ٻڌاءِ! مون ۾ ڪهڙي خرابي آھي؟؟؟“ فرحان علي خان توقع جي خلاف، مارئيءَ جو جواب ٻڌي ڏڪڻ لڳو.

مارئي سندس مضبوط هٿن مان آهستگيءَ سان پنهنجو هٿ کسڪائيندي چوڻ لڳي؛ ”من! تو ۾ ڪا به خرابي ڪونهي. تون ته سڄو سون آھين. خرابي ته منهنجي مقدر ۾ آھي.... منهنجو سڱ اڳ ئي منهنجي سئوٽ سان ٿيل آھي.”

”ڇا!؟” فرحان علي خان کان هلڪي رڙ نڪري وئي. هن ڪجھ وڌيڪ چوڻ چاهيو پر سندس چپ ڏڪندا ئي رهجي ويا. ڪيترا ئي پل هر طرف خاموشي ڇانئجي وئي. هوا به رڪجي وئي هئي ته گلاب جي ٻوٽي ۾ جهومندڙ ۽ ڀاڪرين پوندڙ گلاب جا گل به هڪ ٻئي کان وٿيرڪا ٿي هڪ جاءِ تي ٽڪ ٻڌي، بيهي رهيا ھيا.

مارئيءَ ٻئي هٿ پنهنجي جهوليءَ ۾ رکي، هڪ پاسي منهن ڪري ويٺي رهي ۽ فرحان علي خان ڏور گگن ۾ نهاريندي ڳوڙھا سنڀاريندي اوچتو انتهائي فيصلو ڪندي، سندس هٿ پنهنجي مضبوط هٿن ۾ وٺندي، اٿي بيٺو ۽ اٽل ارادي سان چوڻ لڳو؛ ”مارئي! تو کي مون کان ڪير به جدا ڪري نه ٿو سگهي. پاڻ اڄ ئي ڪورٽ ميرج ڪنداسين! اٿ هل مون سان!”

مارئي کيس اول حيرانگي ۽ پوءِ ڪروڌ وچان نهاريندي پنهنجو هٿ، سندس هٿن مان ڇڏائيندي اٿي بيٺي ۽ ناراضگيءَ وچان چوڻ لڳي؛ ”فرحان علي خان! نه تون سنڌ جو بادشاھ عمر سومرو آھين ۽ نه ئي آئون ٿر ديس جي غريب مسڪين مارئي! ڀلي سنڌ ساڳي ئي آھي پر هاڻ ڪو به عمر ڪنهن به مارئيءَ سان زبردستي ڪو نه ٿو ڪري سگهي!”

فرحان علي خان، حيرت وچان پنهنجي خالي هٿ کي ڏسندو ئي رهجي ويو ۽ مارئي منهن ڦيري، کيس پٺي ڏيئي بيهي رهي. هو حيران پريشان، چپ چاپ، وري بينچ تي ويهي رهيو.

ڪي پل خاموش رهڻ کان پوءِ مارئي سندس ڀر سان اچي ويٺي ۽ تمام جهيڻي آواز ۾ چوڻ لڳي؛ ”فرحان علي خان! مون ڳوٺاڻي ڇوڪري ۽ هڪ هاريءَ جي ڌيءُ کي مائٽن طرفان ڪاليج پڙھڻ جي اجازت ان شرط تي ملي هئي ته پهرين آئون پنهنجي سئوٽ سان مڱڻو ۽ تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ساڻس شادي ڪريان. مون مائٽن ۽ پنهنجي بابا سان واعدو ڪيو هو، سو ته نيٺ پارينديس!”

فرحان علي خان سندس اکين ۾ نهاريندي پڇيو؛ ”مارئي! جي اها ڳالھ هئي ته پوءِ هي مون سان هيترو سارو پيار!“

مارئي ڪي پل خاموش ويٺي رهي. آخر کيس اڇاتري نظر وچان ڏسندي چوڻ لڳي؛ ”فرحان علي خان! تو سان پيار ته ڪالھ به هو، اڄ به آھي ۽ سڀاڻ به رهندو!”

جهٽ ترسي، مارئي کيس ترڇي نگاهن سان نهاريندي چوڻ لڳي؛ ”من عارف علي خان! محبت ۾ ڇا شادي ضروري به آھي ڇا! وڇوڙي کان پوءِ هڪ ٻئي کي ياد ڪندي به زندگي گذاري سگهجي ٿي.“

فرحان علي خان عجيب ۽ حسرت ڀرين نگاھن سان کيس ڏسندو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اڄ مارئي هن لاءِ ڄڻ ڪا ڳجهارت ٿي پئي هئي. ڪاليج وارا سال گڏ  گهمڻ ڦرڻ، مٿس خرچ ڪرڻ ساري، هو ڪيترا ئي پل پنهنجي وسندڙ اکڙين سان  سندس چهري جا طواف پورا ڪندو رهيو ۽ اکڙين جي عبارت پڙھڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.

مارئي ڀت بڻجي، بي پرواھ ويٺي رهي ۽ جهٽ گهڙيءَ بعد، پريان موٽر سائيڪل تي کيس کڻڻ ايندڙ سندس مڱيندي سئوٽ کي ايندو ڏسي، فريبي انداز سان ڄڻ اکين ۾ تري ايندڙ ڳوڙهن کي ڳلن تي ڪرڻ کان بچائڻ جو ناٽڪ ڪندي، وک وڌائي، اڳتي هلي وئي!

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ نومبر ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment