Wednesday, November 24, 2021

نالي بنا کنڌو

نالي بنا کنڌو

(ننڍڙي ڪھاڻي)

چونڊيل



ھڪڙو سادو ھمراھ، ھڪڙي پاڙي ۾ ڀاڄي کپائيندو ھو. اتان جون عورتون کانئس اوڌر تي ڀاڄي وٺنديون ھيون. ھيءُ کين اوڌر تي ڀاڄي ڏيندو ھو، پر ڪنھن کان نالو نه پڇندو ھو. ليڪن، اوڌر کنڌي جي ڪاپيءَ ۾ لکندو ھو.

جڏهن ڪا عورت پڇندي ھئس ته؛ ”مون ڏي ڪيترا پئسا آھن؟“ ته پنھنجي منھن ڪاپي ڏسي، کيس ٻڌائيندو ھو ته؛ ”تو ڏي ھيترا پئسا آھن.“


عورتن کي وڏي حيرت ٿيندي ھئي ته بغير نالي ڄاڻڻ جي، ھيءُ اٻوجھ، حساب ڪتاب ڀل چڪ بنا، ڪيئن ٿو صحيح ٿو ٻڌائي؟

ھڪ ڏينھن کين ان راز جي خبر پئجي وئي. ٿيو ھيئن جو ڀاڄي وٺڻ دوران ڪنھن ھڪڙٽيءَ کي سندس اھا ڪاپي ھٿ اچي وئي. کولي، کنڌا پڙھيائين ته لکيل ھو؛

جنڙي ۵۰

ٻلي ۴۰

نڪ چپٽي ۲۰

ڊگهي ۴۵

موٽي ۴۰

ڪاري ۵۵

وڏن ڏندن واري ۲۰

بندري ۱۰۰

گٽڪڙي ۱۲۰

ڪاڻي ۷۰

سنھڙي ۴۵

مينھن ۷۰

ڀولڙي ۴۵

ڏندري ۵۰

ماسترياڻي ۷۰

ناسري ۶۰

۽ آخر ۾

ڏائڻ ۲۰۰ --

ٻين کي سڏي ٻڌايائين. نتجي ۾ اوڌر، اوڌر جي ماڳ، مار موچڙو مڙس کي ٺاھوڪو ٿي ويو.

 

(ڪامريڊ ڇوڪري جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۴ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment