Thursday, November 11, 2021

فارملٽي - زاهد منگي

فارملٽي

مختصر ڪهاڻي

زاهد منگي



جيئن ئي صاحب آفيس جي هال ۾ داخل ٿيو ته ڪچهرين ۾ مشغول اميدوارن ۾ هڪدم خاموشي ڇانئجي وئي. سڀ اميدوار ڊسيپلين سان ويهي رهيا. صاحب اسٽيج تي اچي، پنهنجي ٽاءِ کي ڍلو ڪري، ڳلو صاف ڪندي، ڳالهائڻ شروع ڪيو.


“سڀ کان پهرين ته مان اوهان سمورن پاس ٿيندڙ اميدوارن کي مبارڪباد ٿو ڏيان جيڪي هن پروگرام جي لاءِ چونڊجي آيا آهيو. گڏوگڏ توهان کي ٿورو پروگرام جي باري ۾ به بريف ڪندو هلان ته هن پروگرام جا ٻه مقصد آهن. هڪ ته توهان سڀ جيڪي تازو ئي مختلف تعليمي ادارن مان اعلي تعليم حاصل ڪري ڊگريون وٺي آيا آهيو. جيسيتائين توهان کي ڪا سرڪاري نوڪري ملي تيسيتائين توهان کي سکيا ڏجي ۽ پريڪٽيڪليءَ ڪم وٺجي ته جيئن توهان کي سڀاڻي پنهنجي پروفيشنل لائف کي سولائي سان شروع ڪري سگهو ان ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه اچي. ٻيو ته ان ڪم جي بدلي ۾ ڪجهه اسڪالرشپ پڻ توهان کي ڏني وڃي ته جيئن توهان ڪنهن تي بار بڻجڻ بجاءَ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهو. مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته توهان جي.” صاحب ڊائيس تي پيل گلاس مان پاڻي ڍڪ ڀريندي ڳالهه کي اڳتي وڌايو؛ “ها ته مون پئي چيو ته توهان کان اسان اينٽي ڊرگ سروي جو ڪم وٺنداسين. ڊرگ هڪ اهڙي لعنت آهي جيڪا اسانجي ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. ان ڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته ڊرگس کي ختم ڪرڻ لاءَ اپاءَ ورتا وڃن. اهو ڪم توهان کي ان اميد سان سونپي رهيا آهيون ته توهان ايمانداريءَ سان سرانجام ڏيندا. هن سروي هيٺ توهان کي پروفارما اشو ڪيا ويندا جنهن ۾ توهان پنهنجي محلي، ڳوٺ يا شهر ۾ نشو واپرائيندڙ نوجوانن جا تفصيل گڏ ڪري انهن مريضن کي راضي ڪري وٺي ايندا ته جيئن اسان سرڪاري خرچ تي سندن علاج ڪرائي سگهون. ائين هو به صحتمند ٿي ٻين شهرين وانگر ملڪي ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو پتي ڳنڍي سگهندا.”

ائين چئي هن ٽيبل تي پيل ڪاغذن ڏي اشارو ڪندي پنهنجي اسسٽنٽ کي سڏ ڪيو، جنهن سمورن پاس ٿيل اميدوارن ۾ پروفارما ورهايا.

جاويد به انهن اميدوارن ۾ شامل هو. هن به تازو ئي هڪ يونيورسٽيءَ مان سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ ۾ ماسٽرس ڪئي هئي. هاڻي هو هن اداري ۾ هڪ سال جي تربيتي پروگرام جي لاءَ چونڊيو ويو هو.

جاويد پروفارما تي نظر وڌي جنهن ۾ مريض جو نالو، پيءُ جو نالو، ڳوٺ جو پتو ۽ مريض متعلق ٻي بنيادي ڄاڻ جا خانا درج ٿيل هئا . جاويد پروفارما کڻي آفيس کان ٻاهر نڪري ڳوٺ واري بس ۾ چڙهيو. بس ۾ ويهي هو پنهنجي ڪم متعلق سوچڻ لڳو. هن جي ذهن ۾ استاد خدن جو نالو اچي ويو. جيڪو گذريل ڪيتري ئي وقت کان هيروئن جهڙي لعنت ۾ وٺجي ويو هو. استاد خدن سندس ڳوٺ جو ڀلوڙ درزي هو. ڏاڍو محنتي هو. سندس سلائي جي هاڪ ڳوٺ ۽ تر ۾ هئي. ڏاڍو سکيو ستابو وقت پيو گذرندو هوس. پر چوندا آهن ته ٽٽي کي ٽاڪو ئي نه لڳي. سو استاد خدن سان به ائين ئي ٿيو. دوڪان تي ڪن اوباش ماڻهن جو اٿڻ ويهڻ ٿيس، جن کيس پهريون سگريٽ ۽ پوءُ وڃي هيروئڻ تي پهچايو هو. بس پوءَ ته هن جي سکي زندگي سورن جو سامان ٿي پئي  . دڪان بند ٿي ويس، ڪينچي ڇڏي وڃي ڍيرن تان پاٺا ميڙڻ لڳو.

سندس ٻارن ڪتاب ڇڏي ڇولن جا ٿال کنيا. جاويد کي مٿس رحم ته ڏاڍو ايندو هو پر ڪري به ڇا پئي سگهيو . هاڻي جڏهن هن کي موقعو مليو هو ته ڏاڍي خوشي ٿيس دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيائين ته ڪيئن به ڪري استاد خدن کي راِضي ڪري علاج لاءَ وٺي ايندس. من ويچاري جو ڪو ڀلو ٿي پوي ۽ وري ڪا سکي زندگي گذاري سگهي. اهڙا خيال پچائيندي هو ڳوٺ پهچي ويو. رات گذاري صبح جو استاد خدن کي ڳولهڻ لاءِ نڪري پيو. سندس ڳوٺ جي حالت سنڌ جي ٻين ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه چڱي هئي. منيار، ڪرياني جا دڪان، حجم، درزي، ڪٻاڙي جا دڪان، هوٽل مطلب ته ضرورت جي هر شئي سندس ڳوٺ ۾ ملي ويندي هئي. هو خدن جي پڇا ڪندو ۽ ڳوليندو رهيو نيٺ وڃي ڪٻاڙيءَ جي دڪان تي ڳولهي هٿ ڪيائينس.

خدن کي وٺي ٿورو پرڀرو وڃي ويٺو. هيڏانهن هوڏانهن جا حوال ڪري پوءَ کيس پنهنجي مقصد جي ڳالهه بڌائڻ لڳو.

“استاد تو کي ته خبر هوندي ته مان يونيورسٽيءَ مان تعليم وٺي آيو آهيان.”

سندس ڳالهه ٻڌي خدن هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.

“استاد اها تعليم پوري ڪرڻ کانپوءَ مون کي هڪ نوڪري ملي آهي جنهن ۾ اهو ڪم آهي ته جيڪي ماڻهو نشي جا عادي آهن انهن کي راضي ڪري شهر وٺي وڃان ته جيئن سرڪار انهن جو پنهنجي خرچ تي علاج ٿئي ۽ هو به چاڪ ٿي پنهنجي زندگي سنواري سگهن. ان ڪري تون به مون سان گڏجي شهر هل ته جيئن تنهنجو به سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائجي.”

“نه ڀائو جاويد مون کي معافي ڏئي مان شهر ڪو نه هلندس، اها اٽڪل آهي. هو اتي زهر جي سئي هڻي ماري ڇڏيندا، نه بابلا اسان هتي ئي ڀلا هون”

خدن خفا ٿيندي چيو.

“نه استاد اهڙي ڳالهه ناهي. اسان جي اداري سڄي ملڪ ۾ اهو پروگرام شروع ڪيو آهي .

ان ڪري ڊڄڻ جي ڳالهه ناهي اڄڪلهه ڊاڪٽريءَ وڏي ترقي ڪئي آهي. ٿورن ڏينهن ۾ تون به نئون ٻنو ٿي وري ڪم شروع ڪري سگهندين ۽ تنهنجا ٻچا به ائين نه رلندا هونئن به ڀلا هن زندگيءَ ۾ رکيو ڇاهي؟ رڳي ذلت ۽ خواري هن هن جا دڙڪا ۽ بي عزتي سهڻي ٿي پئي، ڇا تون ان ۾ خوش آهين،؟”

“نه ڀائو هڙي ذلالت واري زندگي ڪنهن کي ٿي وڻي، پر ڦاسي جو وياسين ته ڇا ڪجي.؟

“استاد ان لاءَ ئي ته چوان ٿو ته مون سان گڏجي هل ڀلو موقعو اٿئي زندگي سنوارجي ويندئي.”

“ڇا ڀائو جائي به ائين آهي.؟

خدن تعجب ۽ حيرانيءَ مان پڇيس.

“ها استاد بلڪل آهي. تون مون تي اعتبار ڪر، علاج جو سڄو وقت مان توسان گڏ هوندس تون رڳو شهر هلڻ لاءَ دل ٻڌ. الله ڪندو ته چڱو ڀلو ٿي ويندين پنهنجي روزي شروع ڪندين، وري تنهنجا ٻچا پڙهڻ لڳندا ڏک ڏولاوا دور ٿي ويندئي. “

استاد خدن نه مان نه مان ڪندين نيٺ راضي ٿي ويو. ٻئي ڏينهن جاويد کيس ساڻ ڪري پروگرام آفيس پهتو. استاد خدن کي ٻاهر ويهاري جاويد پاڻ صاحب جي ڪمري ۾ اندر وڃي سلام ڪري چوڻ لڳو،

“سائين توهان جي مليل هدايتن  موجب مان ڊرگ پيشنٽ کي وٺي پروفارما ڀري آيو آهيان. “ هن هٿ ۾ جهليل پروفارما وڌائي صاحب جي ٽيبل تي رکيو.

“نائيس ويري نائيس .”

صاحب پروفارم کي پڙهندي تعريفي جملا چوندو رهيو.

“سائين مان مريض کي به وٺي آيو آهيان .؟”

“ڪهڙو مريض ؟

صاحب تعجب مان پڇيس

“سر اهو ئي خدا بخش عرف استاد خدن جنهن جو پرفارم آهي.”

“واٽ نانسينس!؟

“اها ڪهڙي چريائپ آهي. ان کي ڇو وٺي آيو آهين.”

“سائين توهان ئي ته چيو هو ته ڊرگ پيشينٽ کي راضي ڪري وٺي اچو ته جيئن انهن جو مفت ۾ علاج ڪرائجي . تنهن ڪري ئي مان ان کي وٺي آيو آهيان.”

“اڙي چريا ماڻهو تو ان ڳالهه کي ايترو سيريس ورتو آهي. اها ته رڳو فارملٽي هئي. ڪنهن کي مٿي ۾ سور پيو آهي جو اهي بيماريون پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي.”

“پر سائين پروفارما !؟

جاويد ڀڳل لفظن ۾ چيو.

“مون تو کي چيو نه ته اها صرف فارملٽي هئي. ٺيڪ آهي هاڻي تون وڃين سگهين ٿو.”

جاويد جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. هو ٿڪل وکون کڻي ٻاهر آيو ته استاد خدن چنبڙي پيس،

“ڇا ٿيو ڀائو جاويد؟

“استاد اچ ته هلون.”

“ڪاڏي؟

“ڳوٺ .”

جاويد ٻڏل لفظن ۾ چيو.

“پر ڀائو علاج !؟

“استاد تو کان پهرين هن سسٽم کي علاج جي ضرورت آهي.“

No comments:

Post a Comment