Tuesday, November 9, 2021

مترا - امرتا پريتم - ننگر چنا

مترا

(ڪھاڻي)

ليکڪه: امرتا پريتم

سنڌيڪار؛ ننگر چنا



سامهون هڪ در آهي. رڳو اها سُڌَ نه ٿي پوي ته مان در جي ٻاهران آهيان يا اندران ....

نه، اندر آهيان ڇو ته چئن هزارن سالن کان انڊس ويلي جي گُڦا به انهيءَ جي اندر آهي، جنھن ۾ ويھي مون پنھنجي ڌيءَ جو نالو مترا رکيو هو. ٺيڪ اهڙيءَ ريت، جھڙيءَ ريت چار هزار سال اڳ منھنجي دراوڙ پيءُ ڌرت امبر جي ٻن رکوال ديوتائن جا نالا متر ۽ ورڻ رکيا هيا. ورڻ جو لاڳاپو امبر سان هيو ۽ متر جو ڌرتيءَ سان. منھنجي ڌيءَ جو لاڳاپو ڌرتيءَ سان هيو، ان ڪري مون سندس نالو مترا رکيو.



مترا هاڻي هتي هئي ۽ هاڻي هاڻي سُڌَ ناهي ته ڪاڏي وئي .... انهيءَ سامهون واري در ۾.

“او مترا! تون ڪٿان اچي وئينءَ؟ تون ڪٿي لڪل هئينءَ؟” مان حيران ٿيان ٿو ته مترا کلي چوي ٿي، “ بابا! مان هتي ئي هيس، در جي پويان ....” هُوءَ جڏهن گهڻي ننڍي هئي تڏهن به کيس انهيءَ در جي پويان لڪي وڃڻ جي هيرَ هئي.

هُوءَ منھنجي جهوليءَ ۾ ويھي پُڇي ٿي، “بابا! منھنجي امان ڪير هئي ؟”

“اڙي! تنھنجي ماءُ!؟” مان هن کي تِڪشلا جي کنڊرن مان لڌل اهو ٺپو ڏيکاريان ٿو، جنھن تي اها ديوي چِٽيل آهي، جنھن جي ڪُک مان ڪيترائي گل ۽ پَن ڦُٽَل ڏيکارجن ٿا.

هُوءَ پڇي ٿي، “بابا! مان به امڙ جي جسم مان هڪ گل جيان ئي ڦُٽي هيس؟”

“هائو، ٻيو نه ته.” مان چوانس ٿو ته هُوءَ ڏاڍيان ٽھڪ ڏئي کلي ٿي ۽ وري پڇي ٿي، “ڏس، بابا! مون مان به گل جيان سڳنڌ اچي ٿي يا نه ؟”

مان سندس نرڙَ ويجهو پنھنجو ڪنڌ جهڪائي، هن جي گهنڊڙُو وارن کي سِنگهان ٿو. “هِنَ گهنڊڙي چڳ مان گلاب جي سرهاڻ اچي ٿي، هِنَ ڇَلي مان موتئي جي ۽ هِنَ ڇَلي مان ....”

هُوءَ تڪڙو تڪڙو پڇي ٿي، “۽ منھنجي هٿن ۾ سُڳنڌ آهي؟”

مان سندس ننڍڙين ترين کي سِنگهي چوان ٿو، “هنن مان پپر جي پنن جي ....”

هُوءُ سدائين وانگر پنھنجيون تريون منھنجن هٿن مان ڇڏائي پاڻ سِنگهي ٿي ۽ پڇي ٿي، “بابا! منھنجن هٿن جي ترين مان پنن جي تکي سڳنڌ ڇو نه ٿي اچي؟ مون کي پنن  جي تکي سُڳنڌ سٺي لڳندي آهي.”

مان سدائين وانگر چوانس ٿو، “ان ڪري جو انسان هن ڌرتيءَ تي جيڪو پھريون وڻ پوکيو هو سو پپر هو. پپر جي ڇانوَ ٿڌي ٿيندي آهي نه، ان ڪري.”

منھنجو ۽ مترا جون ڳالهيون ڪڏهن پوريون ناهن ٿينديون. اسان هر ڏينھن ائين ئي ڳالهيون ڪندا رهندا آهيون، پر اهي ڏهاڙي نيون لڳنديون آهن. مترا پنھنجيون ٻئي تريون منھنجي مٿي تي رکي پڇي ٿي؛ “بابا! منھنجن هٿن ۾ ٿڌي ڇانءَ آهي؟”

“ها، ڏاڍي ....“ مان ڇانءَ جي سُک جي ڪري اکيون ٻُوٽي ڇڏيان ٿو.

هُوءَ وري چوي ٿي؛ “پر منھنجا هٿ ڪيڏا نه ننڍڙا آهن! انهن جي ڇانءَ به ننڍڙي ٿي وئي آهي.”

“اهي وڏا ٿي ويندا ...ڏس، ڏهاڙي وڏا ٿي رهيا آهن.” ۽ سندس هٿ پڪڙي مان جڏهن کيس ڏيکارڻ لڳان ٿو .... اهي هٿ منھنجن هٿن مان نڪري وڃن ٿا... منھنجي مٿي تان پپر جي پنن جي ڇانءَ کسڪي وڃي ٿي. 

هيءَ اگهاڙپ، هيءُ تياڳ شايد ٻُڌَ جي سماڌيءَ جي نائين حالت آهي، جنھن ۾ شعور پاڻهئي ڄاڻهئي سچائيءَ جي آڏو اچي بيھي ٿو.

مترا به ويھن سالن جي ڀرپور جوان آهي. هُوءَ منھنجي هن سماڌيءَ مان منھنجي سامهون اچي بيھي ٿي، چوي ٿي، “ بابا! مون کي هاڻي ائين در جي پويان نه ڳولجانءِ. مان هلان ٿي.”

“ڪاڏي ؟ ڪنھن ڏي ؟؟ ڪنھن سان؟؟؟” منھنجن هٿن جا گهنج ڏڪن ٿا.

مترا هورڙيان کلي ٿي، چوي ٿي، “هُنَ سان گڏ. هُن ڏي، جنھن جي هٿن مان پنن جي تکي سُڳنڌ اچي ٿي .”

منھنجيون اکيون ڀرجي اچن ٿيون. مان سوچيان ٿو .... مون کي ويھ سال اهو ياد ئي نه رهيو ته ڌيءَ جڏهن سامائبي آهي تڏهن انهيءَ سان گڏ پپر جا پن ناهن رهندا . هُنَ مان پنن  جي تکي سُڳنڌ اٿندي آ ۽ هُوءَ ڪنھن مرد جي انهن هٿن کي ڳولهيندي آهي جن مان پنن  جي تکي سرهاڻ ايندي آهي. مان هن کي پيار ڏيڻ لاءِ پنھنجا هٿ کڻان ٿو ته منھنجن هٿن جا گهنج وري ڏڪڻ لڳن ٿا.

مترا جي نڪ ۾ پيل موتي هن جي ٽين اک جيئن مون ڏي ڏسي ٿو ۽ سندس پيرن جي جهانجهر منھنجن ڪنن ۾ ڇمڪو ڪري چوي ٿي؛ “هِنَ جي ماءُ جيان هاڻي هِنَ جي بدن مان به گلن جي پتين ڇڻڻ جو ٽاڻو اچي ويو آهي.”

مان مترا جي مٿي تي پيار وچان هٿ گهمائڻ لڳان ٿو ته منھنجيون آڱريون هن جي ڇَليدار وران ۾ ڦاسي پون ٿيون. ڪو در کي ڏاڍيان کڙڪائي ٿو، ڇت ڌُڏَڻ لڳي ٿي ۽ پيرن هيٺان ڌرتي به. مترا در ڏي وڌي ٿي. مان هن جي وارن ۾ ڦاٿل پنھنجيون آڱريون ڇڏايان ٿو پر سندس گهنڊڙين ۾ منھنجيون آڱريون ڦاسي پون ٿيون.

“مون هنن آڱرين سان گڏ توکي ذرو ذرو ڪري پاليو ۽ تاتيو هو..” مان چوان ٿو پر مترا جا ڪن مون ڏي ناهن، در ڏي آهن ....

در بند ٿي وڃي ٿو. مان پنھنجي ڄِڀَ ڏندن وچ ۾ ڏيئي ڪپي وجهان ٿو ۽ رت اگهندو پوئتي ان گُڦا ڏي ڊوڙان ٿو .... جيڪا چار هزار ورهيه پراڻي آهي. هاڻي به مون کي انهيءَ کان سوا ٻيو ڪير پناھ نه ٿو ڏئي سگهي .... *

 

(ننگر چنا جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment