Monday, November 8, 2021

منحوس نانءُ - غفار سومرو

منحوس نانءُ

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



دلاور کي پهريون پٽ ڄائو هو. اصل ڏاڍو خوش هو. ڪپڙن ۾ ئي نه پئي ماپيو. پهريٽي پٽ لاء کوڙ ساري خريداري ڪري گهر پهتو. گهر پڄندي ئي مٿس مبارڪن ۽ واڌاين جو وڏ ڦڙو وسي پيو. پاڻ خير مبارڪ چوندي باغ بهار ٿيندو رهيو. نُڪتي ڀڄا توشا ورهائي سڀني آيلن ويجهن مٽن مائٽن جو منهن مٺو ڪرايائين. زال کي ٿڌين اکين سان ڏسندي، اشارن ئي اشارن ۾ چمي اماڻي مبارڪون ڏيندي مرڪندو رهيو. هوءَ به ويم جا سور ساريندي مرڪندي رهي.


دلاور پٽ کي پنهنجي هٿن ۾ کڻي، سندس ننڍڙن هٿڙن ۽ نراڙ تي چميون ڏيندو رهيو. تڏھن زال سان گڏ ويٺل سندس ماسي کلندي پڇيس؛ ”دلاور ابا! پٽ جو نالو ڇا ٿو رکين!“

دلاور هڪ گهڙي زال جي نيڻن ۾ نهاريو، وري پٽ ڏانهن لاڏ ۽ پيار وچان ڏسندو رهيو. سندس سهڻي صورت ۽ محبوب مهانڊو پسي، جهٽ گهڙي سوچيندي چيائين؛ ”ماسي! آئون پنهنجي پٽ جو نالو سردار خان رکندس.“

ماسي امالڪ رڙ ڪئي؛ ”ڇو ابا خير ته اٿئي! پنهنجي کٽ ڄائو پٽ ٿئي يا ڀلا پنهنجو تخم هجڻ تي شڪ اٿئي ڇا.“

”ماسي!“ دلاور جي رڙ سان گڏ سندس زال ۽ گهر ڀاتين جون اکيون به حيرت وچان کليون رهجي ويون. سڀني کي ماسيءَ جو اوچتو اهڙو گندو گفتو ڪڍڻ تي ڏاڍي مٺيان لڳي. دلاور ته ڪاوڙ وچان ڪنبي ويو.

پر ماسي بدستور کلندي چوڻ لڳي؛ ”ابا دلاور ڪاوڙ نه ڪر! چوندا آھن ته ’لوڪ لڏڻ تي چري اڏڻ تي!‘ پٽ! سموري سنڌ سردارن ۽ خانن جي ڪڌن ڪارنامن جي ڪري کانئن نفرت ۽ حقارت جو اظهار پئي ڪري. سندن غلاميءَ جي زنجيرون ٽوڙي آزاديءَ جو نعرو پئي هڻي ۽ تون وري ساڳيو ئي سڪيلڌي پٽ جو اهو منحوس نالو پيو رکين. شابس ٿئي ابا شابس ٿئي!“

سڀئي گهر ڀاتي ۽ مهمان، سندس ماسيءَ ڏانهن حيرت وچان ڏسڻ لڳا ۽ دلاوار جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو.


(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment