Saturday, November 20, 2021

گهراڻو نمبر - غفار سومرو

گهراڻو نمبر

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



پراڻي بوسيده جهريل گهر جي دروازي جو هڪڙو ڀڳل طاق کولي، محنت مشقت ڪندي ڪاراٽجي ويل ڏڪندڙ هٿ وڌائي، سڃاڻپ ڪارڊ ڏيندي چيائين؛ ”پٽ! ووٽ درج ڪرڻ کان پوءِ ڇا ملندو؟“

سندس گهنج گهنج ٿيل جهور پوڙھي چهري ڏانهن نهاريندي چيم؛ ”امڙ! جٿي ووٽ ڏيڻ سان به ڪجھ نه ملندو هجي، اتي ووٽ درج ڪرڻ سان ڇا ملندو!“


سفيد وارن واري مٿي تي پراڻو رئو سنڀاريندي، ماٺ ڪري نماڻا نيڻ کڻي ڏسندي رهي.

سندس ڪارڊ تي مڙس جو نانءُ پڙھي چيم؛ ”امان تنهنجي مڙس جو ڪارڊ به آڻ ته ان جو به نالو درج ڪجي!“

هڪ حسرت ڀري نگاھ کڻي چيائين؛ ”هو هتي ڪو نه رهندو آھي.“

”ڇو ڪٿي ٻاهر نوڪريءَ تي ويل آھي ڇا؟“

”نه پٽ! هو ٻي زال سان ٻئي گهر ۾ رهي ٿو!“

”پوءِ توهان اڪيلا رهو ٿا؟“

”هائو!“

”اوهان جي اولاد.“

”پٽ اٿم هڪڙو، هن ڪالوني جي ٽين گهٽيءَ ۾ رهي ٿو.“ هن هٿ جو اشارو ڪندي چيو.

تعجب وچان پڇيم؛ ”اوهان ان سان گڏ نه ٿا رهو؟“

هوءَ خاموش بيٺي رهي. ڪجھ چوڻ لاءِ، سندس چپن چرپر ڪئي. پر ڪو آواز ڪو نه آيو.

ٻيهر پڇيم؛ ”امان اوهان جي پٽ جو نالو...!“

”ديدار حسين!“ پٽ جو نانءُ وٺندي، سندس پوڙھين اکين جون ڏياٽيون ٻري پيون.

 مون کي ياد آيو ڪالھ ئي ته ديدار حسين سان سندس خوبصورت بنگلي جي گيٽ اڳيان ملاقات ٿي هئي. جنهن اهو به ٻڌايو هو ته؛ ”اڳين ٽي نمبر گهٽيءَ ۾ سندس امڙ رهي ٿي. اتي وڃو ته سندس ووٽ به درج ڪري وٺجو.“

مون خاموش بيٺل امڙ جي نماڻن نيڻن ۾ تري ايندڙ ڳوڙھن جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ، کيس عليحده گهراڻو نمبر ڏيڻ ۽ فارم ڀرڻ بجاءِ سندس پٽ ديدار حسين جو اڳ ئي ڀريل فارم ڳولهي، سندس نانءُ پتو لکي ورتو ۽ کيس ڪارڊ واپس ڪندي چيو؛ ”امڙ! مون اوهان جو نالو ديدار حسين سان گڏ لکي ڇڏيو آھي!“

هن رئي جي پاند سان پوڙھيون اکيون اگهندي، هلڪو مسڪرايو ۽ مون ڏانهن دعائن ڀريل نيڻن سان نهارڻ لڳي.

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment