Tuesday, November 9, 2021

تون ڪميڻو ڇو ناھين؟ - مٺل جسڪاڻي

تون ڪميڻو ڇو ناھين؟

(نذير سومرو جي لکيل ناول تي تبصرو)

مٺل جسڪاڻي



ھوءَ رھي نه سگهي اوچتو رڙ ڪيائين جنھن سڀني کي وري حيران ڪري ڇڏيو. ھن آدم جي لاش کي ڀاڪر پائي رڙ ڪندي چيو، بابا تون ڪميڻو ڇو ناھين. تون ڪميڻو ڇو ناھين اھو ئي تنھنجي پوسٽ مارٽم رپورٽ آھي اھو ئي تنھنجو ڪاز آف ڊيٿ.

جنھن منھنجو اندر وڍي ڇڏيو آھي.


مٿيون سٽون، توڙي جيڪو به ھتي ورجايل آھي، اھو جيئن جو تيئن، صورتخطي، ٿورو دم، اڌ دم، سڄو دم يا ٻين نشانين سميت، سڀ ڪجهه جيئن ڪتاب ۾ آھي، تيئن ھتي ۽ اڳتي اتاريل آھي. مٿيون سٽون، ناول جون آخري سٽون آھن، جنھن جون شروعاتي سٽون ته نه، پھريون سڄو باب (حصو، ڀاڱو) انتھائي پرڪشش، خاص طور نون پراڻن ليکڪن جي ڪارج ۽ پڙھندڙن جي پسند جھڙو آھي.

ناول جي شروعاتي صفحي ۰۳ کان ۱۶ تائين وارن ۱۴ صفحن تي “ھي ناول ڇو؟” عنوان سان ناول نويس پاڻ مختلف حوالن سان تفصيل ۾ لکيو آھي. جنھن ۾ ھن اھو به لکيو آھي ته “۱۹۹۲ ۾ ھڪ ڳالھه ذھن ۾ ويٺي ته ھن سماج ۾ رھڻ لاءِ انسان جو ڪميڻو ھجڻ ضروري آھي”. اڳتي لکي ٿو “اسڪرپٽ به سوچي ڇڏيو ھوم پر نوڪريءَ ايترو ٽائيم ڪونه ڏنو جو ان تي لکي سگهان. سماج ۾ اھي ڪھاڻيون جيئري اکين سان ڏٺيون جنھن ڪري انھن ۾ رد و بدل ڪندو رھيس. اڄ ستاويھه سالن کان پوءِ اھو سوچيل ناول ٻن چئن مھينن ۾ لکي پورو ڪيو اٿم. جيڪو ھاڻي پڙھندڙن جي ھٿن ۾ آھي.”

شروعات ۾ “ھي ناول ڇو؟” لکڻ باوجود، ناول شروع ٿيڻ کان پھرين، ھڪ صفحي تي ڪي ۱۰ سوال ۽ ڪجهه لفظ لکيل آھن. جيڪي پڻ جيئن جو تيئن ھيٺ لکجن ٿا:

جانور نما انسانن پاران جوڙيل سماج جا سوال:

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

تون ڪمينو ڇو ناھين؟

تون جانور ڇو ناھين؟

تون انڌو گونگو ٻوڙو ڇو ناھي؟

تون گند ڇو ناھين؟

تون انڌيرو ڇو ناھي؟

تون سج ڏسڻ جي تمنا ڇو ٿو رکين؟

تون غلام ڇو ناھين؟

تون مون وانگر ڇو ناھين؟

تنھنڪري

ڇو نه توکي موت لاءِ سڪائجي؟

پر کين ڪھڙي خبر ته

تاريخ مون سان گڏ آھي

 صفحي ۱۸ کان ۲۰۸ تائين ناول کي ۱۰ حصن ۽ آخر ۾ “پڄاڻي” جي عنوان سان مڪمل ڪيو ويو آھي. ھي ناول سمبارا پبليڪيشن جو ڊسمبر ۲۰۱۹ع ۾ ڇپيل ڪتاب نمبر ۲۰۶، ڊيمي سائيز جي ۲۰۸ صفحن تي مشتمل آھي. ڪتاب جو مُلھه ۴۰۰ روپيا آھي.

ھي ناول “تون ڪميڻو ڇو ناھين؟” نذير سومري جو لکيل آھي. جنھن ۾ مٿي اتاريل سوالن سميت، ٻين به ڪيترن ئي سوالن جا جواب آھن.

ناول جي فني گهرجن سان نڀاءُ ۽ ٻين پھلوئن تي بھتر رايو ته ناول لکندڙ ۽ ناول کي سمجهندڙ ئي ڏئي سگهن ٿا، پر آئون سمجهان ٿو، ته ليکڪ جيئن ۽ جيترو ڏٺو، ٻڌو، سمجهيو، ضروري محسوس ڪيو، اھو سڀ ھن ناول ۾ آھي. ناول پڙھڻ سان ذھن ۾ ايندڙ سوالن جا جواب، شايد ليکڪ وٽ به نه ھوندا، يا اھي سوال مون جھڙي پڙھندڙ جي نظر ۾ ته اھم ھوندا، پر شايد ليکڪ لاءِ ٻاراڻا سوال به ٿي سگهن ٿا.

منھنجي خيال ۾ ھي ناول لکڻ توڙي ڇپجڻ ۽ پڙھجڻ، ڪنھن به ريت اجايو نه آھي. ٻھراڙي ۽ شھري ماحول سان گڏوگڏ ٻنھي ماحولن ۾ رھندڙن جو احوال پڻ، ھن ناول ۾، دلچسپ انداز ۾ ڏنل آھي. خانداني وڏيرپ ۽ سرداري کان ڪامورائپ تائين، ڪمداري جون ڳالھيون به ته ڳوٺاڻين کان شھر وارين تائين، عام عورتن کان سماجي ڪم ڪندڙ عورتن تائين، ميڊيڪل ۾ پڙھندي، ھاسٽل ۾ رھندڙ ڇوڪرين جون ڪچھريون ۽ ٻيون انيڪ ڳالھيون، ناول ۾ ننڍڙيون ڪھاڻيون، بحث مباحثا به آھن. سڀ ڪجهه پڙھڻ ۽ پرائڻ لاءِ آھي، پڙھڻ گهرجي.

 

(اظھار اوھان جو، روزاني ھلال پاڪستان ڪراچي، خميس ۲۱ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع)

No comments:

Post a Comment