Wednesday, November 10, 2021

لالچي ڪنڀر ۽ ڪاڻو گڏهه - سڪندر گلاب

لالچي ڪنڀر ۽ ڪاڻو گڏھ

ٻاراڻي ڪهاڻي

سڪندر گلاب



چون ٿا ته هڪڙي ڳوٺ ۾ آندل نالي هڪڙو هاري رهندو هو، هن جي گذر سفر جو ذريعو ڏاندن جو هڪ جوڙو، جنهن کي هو پنهنجي ٻني ۾ هر ڪاهڻ لاءِ ڪتب آڻيندو هو ۽ هڪ گڏهه، جيڪو وري کاٻي اک کان ڪاڻو هو. ڪاڻي گڏهه کي آندل پنهنجي اپايل ان کي منڊي ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪتب آڻيندو رهندو هو. ڪاڻو گڏهه آندل وٽ ڪيئن پهتو اهو قصو به هڪ عجيب قصو آهي.


آندل جي ڳوٺ جي ڀر واري ڳوٺ ۾ هڪ ڪنڀر رهندو هو. ڪنڀر ان ماڻهو کي چوندا آهن جيڪو چيڪي مٽي ڳوهي، ان جا چاڻا ٺاهي، انهن کي چَڪَ تي رکي ٿانوَ ٺاهي. ڪنڀر پنهنجي ٺاهيل ٿانون کي منڊي ۾ آڻڻ جي لاءِ جيڪا سواري ڪتب آڻيندو هو اها سواري اهو گڏهه هوندو هو جنهن کي ڪجهه ئي ڏينهن مس ٿيا هئا جو اهو آندل وٽ پهتو هو. سڄي ڳوٺ ۾ هي ڳالهه مشهور هئي ته، ڪنڀر ٿانون ٺاهڻ جو ته ڀلوڙ ڪاريگر آهي پر، هن جي طبيعت تمام گهڻي بخيلي ۽ لالچي آهي. گڏهه جيئن ته جانور آهي سو رستي تي هلندي هلندي جڏهن گوهي ڪندو هو ته، ڪنڀر گڏهه کي لڪڻ سان ڪُٽي کڻي ناس ڪندو هو.

هڪ ڏينهن رستي ۾ گڏهه جئين ئي گوهي ڪئي ته، ڪنڀر کي ڏاڍي خار اچي وئي. هن گڏهه کي لڪڻ سان سٽڻ شروع ڪيو ۽ بس ڪرڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. ڀرسان بيٺل ڪجهه ماڻهن ڪنڀر کي گهڻو ئي سمجهايو، پر هو نه مڙي نه مڙيو ۽ گڏهه کي ڪٽيندو رهيو. اوچتو هن جو لڪڻ گڏهه جي کاٻي اک ۾ وڃي لڳو. گڏهه جي اک مان رت وهڻ شروع ٿي ويو. ڪنڀر به گڏهه کي ماري ماري ٿڪجي پيو هو سو جڏهن هن گڏهه جي اک مان رت وهندي ڏٺو ته پاڻ به ششدر ٿي ويو، پشيمان ٿيو ۽ گڏهه کي جانورن جي طبي خاني ڏانهن وٺي ويو. ڪنڀر ان وقت ڏاڍو پريشان ٿيو جڏهن جانورن جي طبيب گڏهه جو علاج ڪرڻ کانپوءِ هن کي ٻڌايو ته، “لڪڻ سٽ جي ڪري گڏهه جي اک ضايع ٿي چڪي آهي.”

گڏهه ڪنڀر جي مجبوري ته هو پر، هاڻي هو ان مان تنگ اچي چڪو هو ان جو سبب هاڻي گڏهه جي گوهي نه پر، ڳوٺ جي ٻارن جي وات ۾ اها وائي هئي جيڪا هن کي گڏهه تان هٿ کڻڻ جي لاءِ مجبور ڪري رهي هئي. ڪنڀر جنهن به گهٽي، گهيڙ يا رستي تان گذرندو هو ته ڳوٺ جا ٻار هن ڏانهن ڏسي چوندا هئا ته، “هو ڏسو اوهيو ٿو وڃئه ڪاڻي گڏهه وارو ڪنڀر،” جيئن جيئن ڪنڀر اڳتي وکون ڀريندو ويندو هو ٻار ان جي پويان لڳي وڏي واڪي ٿي چوندا هئا، “ڪنڀر ڪاڻي گڏهه وارو، ڪنڀر ڪاڻي گڏهه وارو.” اهڙي طرح آخرڪار هڪ ڏينهن ڪنڀر پنهنجي گڏهه کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ڀر واري ڳوٺ وڃي ڇڏي آيو. گڏهه جيئن ته هاڻي آزاد ٿي چڪو هو سو وتندو هو گور گھمندو. ائين هڪ ڏينهن آندل جي ٻني ۾ ڪَهي آيو ۽ ڪافي فصل لتاڙي آندل جو نقصان ڪري ڇڏيائين. آندل به دير ئي نه ڪئي ۽ گڏهه کي پڪڙي سڌو وڃي ڍَڪَ ڀيڙو ڪري گهر موٽي آيو. ڍڪ ان کي چوندا آهن جتي آوارا جانورن کي واڙيو ويندو آهي ۽ مالڪن پاران ڪجهه چٽي ڀرڻ جي بدلي انهن کي مالڪن جي حوالي ڪيو ويندو آهي.

اڃان ڪجهه ڏينهن ئي مس گذريا هئا ته گڏهه وري آندل جي ٻني ۾ اچي نقصان ڪيو ۽ آندل ٻيهر جڏهن گڏهه کي ڍڪ تي ڇڏڻ آيو ته ڍڪدار وراڻي ڏنس ته، “ادا آندل هن گڏهه جو ڪو به مالڪ پيدا ڪو نه ٿو ٿئي سو اسان هن کي ڍڪ ۾ رکي ڇا ڪنداسين، الٽو ڏنڊ ملڻ جي بجاءِ اسان جو خرچ ٿو وڌي. منهنجي جي نه صلاح مڃي ته بهتر هي اٿئه ته هن گڏهه کي تون پاڻ وٽ رکي ڇڏ. هن کان ڪم وٺ. فصل کي منڊي تائين پهچائڻ جي لاءِ هي سواري جو ڪم خوب ڏئي سگهي ٿو.” آندل کي ڍڪدار جي ڳالهه دل سان لڳي ۽ هو گڏهه کي واپس گهر وٺي آيو. گڏهه جي سٺي خدمت چاڪري ڪرڻ لڳو ۽ خوب کارائڻ لڳو. ڪجهه ئي ڏينهن مس گذريا ته آندل جي ٻني پنهنجو جوڀن ڏيکارڻ لڳي. آندل فصل جي ڪٽائي ڪري ان کي منڊي تائين پهچائڻ جي لاءِ گڏهه گاڏو تيار ڪرايو ۽ اهڙي طرح پنهنجي فصل کي منڊي تائين آڻيندو رهيو.

آندل محسوس ڪيو ته هي گڏهه ته هن جي لاءِ وڏو ڀاڳ وارو ثابت ٿي رهيو آهي ڇوته هن وٽ هاڻي ڳچ ڏوڪڙ اچڻ شروع ٿي ويا آهن. سو گڏهه جي وڌيڪ پرگهور لهڻ لڳو. آندل جڏهن گڏهه کي ڀاڳ وارو گڏهه چوڻ لڳو ته هن جي ڳوٺ وارا آندل جو حال احوال وٺڻ سان گڏ گڏهه جي باري ۾ به اچي پڇا ڳاڇا ڪندا هئا. اهڙي طرح هن ڀاڳ واري گڏهه جي واکاڻ ان ڳوٺ تائين به وڃي پهتي جنهن ڳوٺ ۾ ڪنڀر رهندو هو. ڪنڀر جيئن ته لالچي طبيعت وارو هو سو جڏهن هن ڀاڳ واري گڏهه جي باري ۾ خبر چار ورتي ته هن کي معلوم ٿيو ته اهو ڀاڳ وارو گڏهه ڀر واري ڳوٺ ۾ آندل نالي هڪ هاري وٽ آهي. اهڙي طرح ڪنڀر هڪ ڏينهن سهي سنبري ڪري آندل وٽ وڃي اُسهيو ۽ گڏهه جي باري ۾ پڇا ڪئي. آندل هن کي ٻڌايو ته ڪيئن هي گڏهه هن وٽ پهتو ۽ ڪيئن اهو هن جي لاءِ ڀاڳ وارو ثابت ٿيو آهي. ڪنڀر آندل کي عرض ڪيو ته، “اهو گڏهه کيس کي ڏيکاريو وڃي ته سندس جو ٿورو ٿيندو.” آندل جيئن ئي ڪنڀر کي گڏهه ڏيکاريو ته ڪنڀر وائڙو ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته ٻيلي هي گڏهه ته منهنجو آهي.

ڪنڀر آندل کي سڄي ڳالهه سربستي ڪري ٻڌائي ته هي ڀاڳ وارو گڏهه دراصل هن جو گڏهه آهي ۽ اهو گڏهه هن کي واپس ڪيو وڃي ته هو هن جو ٿورائتو رهندو. آندل کي ڪنڀر تي ڪهل اچي وئي. هو ڪنڀر کي گڏهه واپس ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو. هن کي گڏهه جي ويجهو وٺي ويو. ڪنڀر جئين ئي گڏهه جي پٺي ٺپي ته گڏهه هن کي اهڙي ته زوردار اِٽَ هنئي جو گڏهه جو کُرُ ڪنڀر جي کاٻي اک ۾ وڃي لڳو. اک ڳاڙهي ٿي وئي. ڪنڀر رڙين ۾ پئجي ويو. آندل به دير ئي نه ڪئي. هن کي گڏهه کان پري پنهنجي ڪلهي تان انگوشو لاهي هن جي اک کي زور سان ٻڌو. پر ڪنڀر جون رڙيون هيون جو چپ ڪرڻ جو نالو نه پيون وٺن. آندل هن کي ڳوٺ واري طبي خاني ڏانهن وٺي ويو. طبيب علاج ڪرڻ کانپوءِ آندل کي ٻڌايو ته، “گهڻو ممڪن آهي ته، ڪنڀر جي جنهن اک ۾ ڌڪ لڳو آهي اها ضايع ٿي وڃي.” ڪنڀر جڏهن طبيب جي هيءَ ڳالهه ٻڌي ته هن کي پنهنجا اهي سڀ ڪرتوت ياد اچڻ لڳا، خاص طور تي گڏهه کي سٽڻ وارو اهو ڏينهن جنهن ڏينهن گڏهه جي اک ۾ ڌڪ لڳو هو.

ڪنڀر مايوس ٿي پنهنجي ڳوٺ واپس موٽي آيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن هو گهر کان ٻاهر نڪتو ته گهٽي ۾ بيٺل ٻارن هن ڏانهن ڏٺو ۽ وڏي واڪي چيو؛ “اڙي اڙي هو ڏسو ڪاڻي گڏهه وارو ڪاڻو ڪنڀر....” ٻار ٽهڪن ۾ پئجي ويا. ڪنڀر ڪنڌ نوايو چپ چاپ ۾ گهر واپس موٽي ويو.

 

(آصف ڪلھوڙو جي فيسبڪ پيج ريڊنگس تان ۲۰ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment