Friday, November 19, 2021

رات جو رنگ - شوڪت حسين شورو

رات جو رنگ

(مختصر ڪھاڻي)

شوڪت حسين شورو



هو پاسا بدلائي بدلائي بيزار ٿي پيو، پوءِ به هن اٿڻ نٿي چاهيو. واچ ۾ ٽائيم ڏٺائين، جيتوڻيڪ ٿوري دير اڳ ۾ ٽائيم ڏسي چڪو هو. اڃا تائين ڏھ به ڪو نه ٿيا هئا. هونءَ اٿڻ جو ٽائيم اٺ هو. ڏهين ڌاري آفيس جي گاڏي کڻڻ ايندي هئي. پر اڄ رڃ جهڙو ڏينهن هو. موڪل جو ڏينهن وڏي مصيبت ٿي پوندو هو. ايڏو ڊگهو ڏينهن، جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ سج به ان ڏينهن تي موڪل  ڪندو هو ۽ سستيءَ وچان رڙهندو ساهيون پٽيندو ويندو هو. هن کي ڊپ هو ته اک کولڻ سان اهي ئي ڏٺل وائٺل مهانڊا نظر ايندا، اهي ئي هميشه واريون ساڳيون ساڳيون ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. سندس پارٽنر وقت ڪاٽڻ لاءِ تاس ويهي کيڏندا ۽ پاڻ هنن کي راند ڪندي ويهي ڏسندو. کيس راند ڪا نه اچي. وڌ ۾ وڌ ڪو ڪتاب کڻي پڙهندو. پر ھاڻي ته ڪتابن مان ڪڪ ٿي پيو هو. ڌيان سان ڪتاب پڙهي نٿي سگهيو. صفحن جا صفحا پڙهي وڃڻ کان پوءِ، کيس احساس ٿيندو هو ته الاجي ڇا پڙهي ويو. وري پنا اُٿلائي ٻيهر پڙهندو هو. گذريل هڪ سال کان اها حالت لڳاتار هئي- روٽين لائيف، بيزاري، مردگي؛ زندگيءَ جو، تبديليءَ جو، رنگينيءَ جو احساس مري ويل.


’لڳي ائين ٿو ڄڻ ڪيترن سالن کان فريزر ۾ بند پيو آهيان ۽ ڄمي برف بنجي ويو آهيان. پر برف ته ٻاهر نڪرڻ سان رجي ويندي آهي ۽ پاڻي وهڻ لڳندو آهي. وهندڙ پاڻي مون کي وڻندو آهي. بيٺل پاڻي ڏسي من منجهندو آهي. وهندڙ پاڻيءَ وانگر ماڻهو به هلندو رهي. هڪ هنڌ ڄمي نه وڃي.‘

هن اکيون کولي ڏٺو. هن جا سمورا پارٽنر اڃا ستا پيا هئا، ڏاڍي مزي ۾. اهي حالتن مان مطمئن نه هوندي به ٺيڪ ٺاڪ هئا. هنن کي ڪچهرين ڪرڻ، اجاين ڳالهين ڪرڻ، يٽن شٽن هڻڻ مان مزو ٿي آيو. اهي سڀ نارمل قسم جا ماڻهو هئا. ’ماڻهو هجي ته نارمل هجي، نه ته ائبنارمل ماڻهوءَ جي لاءِ وري جيڪو حساس به هجي ته ان لاءِ زندگي عذاب آهي. مون ۾ بيزاري پهرين کان هئي. پنهنجي پاڻ کان بيزاري، حالتن کان بيزاري. پر هاڻي اهو احساس وڌندو وڃي وير وانگر منهنجي مٿان چڙهندو اچي. حالتن جو اڻ کٽ وهڪرو آهي. وس ۾ ڪجھ ڪونهي. رڳي بيوسي، لاچاري ۽ نتيجي ۾ خار ۽ نفرت پاڻ کان، جو لڳي ته ڏوھ پنهنجو آهي. دنيا سان، حالتن سان ’ائڊجسٽ‘ نٿو ڪري سگهان. ماڻهو ٻين لاءِ ته آزار آهي ئي آهي، پاڻ لاءِ به آزار آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو پاڻ جهنم بنجي وڃي ته ان لاءِ زندگي گذارڻ ڪيڏي نه ڏکي آهي. مون کي لڳي ٿو ته آءٌ ائين ٿي ويو آهيان. مون ائين چاهيو ڪو نه هو. پر چاهڻ نه چاهڻ سان فرق ڪهڙو ٿو پئي. حقيقت اها آهي ته ھي سڀڪجھ جيڪي ٿيو آهي سو الائي ڪيئن آهستي آهستي يا اوچتو ٿي ويو... مون کي خبر به ڪا نه پئي ته آءٌ روڳي بنجي ويو آهيان.‘

پارٽنر هڪٻئي پٺيان اُٿڻ لڳا. هن وري اکيون ٻوٽي سمهڻ جو ڍونگ ڪيو. هن جي بيزاري وئي وڌندي. ڳچ دير کان پوءِ هن جي دل چاهيو ته اٿي رڙيون ڪري. هو ڪاوڙ وچان لت سان چادر هٽائي اٿي ويٺو ۽ پوءِ دستور موجب تيار ٿيڻ لڳو.

”پارٽنرن اڄ ڪاڏي تياري آ؟“ هڪڙي پڇيو.

”دوست کي ٽائيم ڏنل آهي.“ هن مختصر جواب ڏنو.

”يار، ڪڏهن اسان کي به ٽائيم ڏي. آخر اسان جو به ته حق آهي.“

”اوهان سان گڏ رهان ٿو. هيڪاندا آهيون- ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڳالھ آهي.“

”ڇڏ يار، رات جو الاجي ڪيڏي مهل اچين ۽ تون اڃا صبح جو ستو ئي پيو هجين ته اسين هليا وڃون. ماڻهو ويهي ڪچهري ڪري، مزو تڏهن آهي.“

”اسين ته سائينءَ سان ڪچهريءَ ڪاڻ سڪون پيا.“ ٻئي پارٽنر چيو.

”اهي ته اوهان جا قرب آهن، ڇا ڪجي- نوڪري اهڙي آهي. بهرحال، اڄ آءٌ سويل موٽي ايندس، پوءِ ڪچهري ڪبي.“

’۽ ان ڪچهريءَ ۾ آءٌ رڳو ٻڌندڙ هوندس. هن من ۾ چيو. وڌيڪ اينگھ کان بچڻ لاءِ هو جلدي تيار ٿي ٻاهر نڪري ويو.

موڪل هئڻ ڪري، بس ۾ رش گهٽ هئي. ماڻهو آرام سان بيهي پئي سگهيو. ٻئي ڪنهن ڏينهن بس ۾ بيهڻ جي جاءِ به نه ملي ها. ماڻهو ائين ڀريل هوندا آهن ڄڻ ٽرڪ ۾ واڙيل رڍون ٻڪريون. گهٽ ٻوساٽ، پگهر جي ڌپ، لتون، ڪنڊيڪٽر جي ٿيلھ ٿيلان.

صدر. ايلفي- جتي ماڻهن کان وڌيڪ موٽرون ڪارون هونديون آهن، اتي اڄ ويراني ۽ اُجاڙ هئي. رڳو هوٽلون کليل هيون، پر انهن ۾ اهو گوڙ ڪو نه هو. فوٽ پاٿن تي پراڻا ڪتاب رکيل هئا. ڍير مان ڪڏهن ڪڏهن سٺو ڪتاب نڪري ايندو آهي ۽ هونءَ ڪتاب ڳوليندي وقت به ڪٽجيو وڃي. هو ڳچ دير تائين ڪتاب ڏسندو ۽ ڳوليندو رهيو. هن ڀيري ڪو به چڱو ڪتاب نظر نه آيو. ”انگريزيءَ ۾ ايترو سارو ٽرئش لٽريچر ٿو لکجي! اهو ڪهڙي قسم جا ماڻهو پڙهندا هوندا؟“ هو نيٺ ٿڪجي اٿيو.

هو بوري بازار جي ويران گهٽين ۾ ايلفي، وڪٽوريا روڊ، ريگل جي آسپاس رلندو رهيو. ’هڪڙا ماڻهو آهن جن کي وقت نٿو ملي ۽ مون لاءِ وقت گذارڻ وڏو مسئلو آهي. ھي رڃ جهڙو ڏينهن آخر ڪڏهن کٽندو؟ (جيستائين رڃ جهڙي حياتي آهي.) هيڏي ساري اجهاڳ شهر ۾ منهنجو وقت نٿو ڪٽجي، جتي وقت گذارڻ لاءِ ھر ڪا شيءِ ميسر آهي. پر اهي شيون رستن تي هاريون ته ڪو نه پيون آهن....‘

هلي هلي هن جون ٽنگون ساڻيون ٿي پيون هيون. هو پئراڊائيز سئنيما وٽ ريلنگ تي ٻانهون رکي بيهي رهيو. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارون لنگهنديون رهيون. هڪ ٻن ڪارن ۾ هن کي ڄاتل سڃاتل مهانڊا نظر آيا ۽ هن منهن ڦيرائي ڇڏيو. هن کي خيال آيو ته اهي هن بابت ڇا سوچيندا ته وائڙن ۽ رول ماڻهن وانگر نوس نوس بيٺو ڪري. ’لعنت آهي. جنهن کي جيڪي وڻي سو وڃي سوچي. آءٌ پنهنجو پاڻ کان به ڊڄان ۽ ٻين کان به ڊڄان..... وڏو نيچ آهيان، خسيس آهيان. احساس ڪمتريءَ جو مريض آهيان. مون کي پاڻ کان نفرت آهي... نفرت آهي.....‘ هن ريلنگ تي زور سان مڪون وهائي ڪڍيون، سندس هٿ ڏڪڻ لڳا. هن کي سندس آفيس ۾ ٿيل ڪالهوڪو واقعو ياد اچي ويو.

”جي؟“ ڇوڪريءَ هن کان ٽيون ڀيرو پڇيو؛ ”معاف ڪجو، مون کي اوهان جي ڳالھ سمجھ ۾ ڪا نه آئي!“

”چوي ٿو ته تنهنجا ڪاغذ اڃا پڙهي نه سگهيو آهيان. هاڻي جلدي پڙهي، خط وسيلي ٻڌائيندس. ٻي ڇوڪريءَ ساهيڙيءَ کي سمجهائيندي چيو.

هو هروڀرو ڪاغذن کي اٿلائي پٿلائي رهيو هو. نگاهون ڪاغذن ۾ هيون، پر سڄو ڌيان ڇوڪرين جي سس پس طرف هو.

”ايترو آهستي ٿو ڳالهائي جو مون کي ته ڪجھ سمجھ ۾ نٿو اچي. تون الاجي ڪيئن ٿي سمجهينس؟“

”پهريون ڀيرو ته مان به ڪا نه ٿي سمجهان.“ ٻئي وات تي هٿ رکي کلڻ لڳيون. هن جي جسم مان پگهر ڦٽي نڪتو. هن کي خيال آيو ته وڌيڪ وقت چپ رهيو ته چوتيو لڳندو.

هن ڪوشش ڪري ڏاڍيان چيو: اوهان ويجها ٿا رهو يا پري؟“ هن کي پنهنجو آواز وڌيڪ وڏو ۽ غير فطري لڳو.

”نه، منهنجو گهر ڪافي پري آهي. ڪراچيءَ ۾ سواريءَ جو وڏو مسئلو آهي. رڪشائن وارا ته اصل نواب آهن. جنهن طرف پاڻ وڃڻ چاهين ته مسافر به ان طرف وڃن....“

”اوهان جي ڪم ۾ ٿوري دير لڳندي.“ هو وچان ٻي ڳالھ ڪري ويٺو. پر ڇوڪريءَ هن جي ڳالھ سمجهي ڪا نه.

”ها، اها روز جي مصيبت آهي. رڪشا وارن کي چوڻ وارو ڪوئي ڪونهي. پوليس سان ته هنن جو حساب ڪتاب هوندو آهي، ان ڪري شڪايت جو ڪو اثر نٿو ٿئي.“

”اصل ۾ سڄو نظام ئي اهڙو آهي. اسان وٽ به اوهان کي هروڀرو دير ٿي وئي آهي.“ هن مذاق پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

”جي!“

ٻي ڇوڪري کلڻ لڳي: ”ٻئي هڪٻئي جي ڳالھ نٿا سمجهو.“

هو ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لڳو هو.

”سائين، اوهان هتي بيٺا آهيو؟“ هن ڇرڪي ڏٺو. سامهون آفيس جو ڪو ماڻهو بيٺو هو.

”اوهه! آءٌ هتي ٽئڪسيءَ جي لاءِ بيٺو آهيان.“ هن جند ڇڏائڻ چاهي.

”سائين، هتي ته ٽئڪسي ملڻ مشڪل آهي. مان اوهان کي هٿ ڪري ڏيان؟“

”نه نه، تون ڀلي هل. آءٌ پاڻهي هٿ ڪندس.“

هو کيس عجيب نظرن سان ڏسندو هليو ويو.

”ماڻهو ڪٿي به نٿا ڇڏين. منهنجي مرضي، آءٌ ڪٿي بيهان.“ هو اتان هلڻ لڳو. سامهون هوٽل تي نظر پيس. اندر هليو ويو ۽ خالي ٽيبل تي وڃي ويٺو. بيرو پاڻيءَ جو گلاس کڻي آيو. چانھ آڻڻ لاءِ چئي، هن آسپاس ڏٺو. سڄي هوٽل ۾ هن کان سواءِ ٻيو ڪو به اڪيلو نه هو.

”تون ايترو آهستي ڇو ٿو هلين؟ ائين سنڀالي سنڀالي قدم کڻندو آهين، ڄڻ ڊڄندو هجين ته ڌرتيءَ کي تڪليف نه ٿئي.“ هڪ دوست چيو هئس. پر پوءِ هن پاڻ جڏهن ان ڳالھ تي غور ڪيو ته کيس دوست جي ڳالھ صحيح لڳي هئي.

’زندگي جيئڻ جي قابل ناهي يا مون ۾ جيئڻ جي صلاحيت ڪانهي. جيئڻ به هڪڙو فن آهي، جيڪو مون کي ڪڏهن نه آيو. اهڙي اڻ پوري، غلط ۽ مضحڪ خيز طريقي سان جيئڻ مان ڪهڙو فائدو. موت ته ڪڏهن به اچي سگهي ٿو، پوءِ ماڻهو ويٺو انتظار ڪري ۽ عذاب سهي!“

اڳ ڪئين ڀيرا سوچيل ڳالھ هن جي ذهن ۾ وري آئي. الاجي ڪيتري وقت کان آءٌ ان تي سوچيندو رهيو آهيان ۽ همٿ نه ساري سگهيو آهيان. پر هاڻي، هن گهڙيءَ مون کي پڪو ارادو ڪرڻ کپي. منهنجي لاءِ اهو ئي هڪڙو با عزت طريقو آهي، نه ته آءٌ پنهنجو پاڻ کان نفرت جي جهنم ۾ جلندو رهندس. مون کي اڄ ئي پنهنجو انت آڻڻ کپي، اڄ ئي.....‘  هن پڪو پھ ڪيو. هن جي اڳيان ٽيبل تي پليٽ ۾ بل رکيو هو. هن کي حيرت لڳي ته چانھ ڪيڏي مهل پي ڇڏيائين. ڪوپ خالي هو ۽ ان جي تري ۾ ٿوري بچيل چانھ هئي.

کيسي مان پئسا ڪڍندي هن سوچيو ته؛ ڪهڙي جاءِ موزون ٿيندي. کيس سمنڊ جو خيال آيو. ’ها، سمنڊ وڌيڪ ٺيڪ آهي. سمنڊ هميشه منهنجي من کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي. سمنڊ ڏسي مون کي ڇڪ سان گڏ هيبت محسوس ٿيندي آهي. آءٌ پاڻ کي سمنڊ جي بي انت ڪاراڻ ۾ گم ڪري ڇڏيندس ۽ ڪنهن کي خبر نه پوندي. آءٌ اهو نٿو چاهيان ته ماڻهو منهنجي موت تي ڳالهائين. جيئري ته مون تي ڳالهائيندا رهن ٿا. پر آءٌ انهن کي پنهنجي موت تي ڳالهائڻ نه ڏيندس. منهنجي ڪنهن کي خبر به نه پوندي.‘

هو اٿي بيٺو ۽ ڪلفٽن ڏانهن ويندڙ بسن جي اڏي طرف هلڻ لڳو. هڪڙي بس اڏي تان رواني ٿي رهي هئي. موڪل هئڻ سبب ڪلفٽن ڏانهن ويندڙ بسن ۾ گهڻي رش هئي. هن ٻي بس جو انتظار ڪرڻ نٿي چاهيو. هلندڙ بس ۾ چڙهڻ لاءِ ڊوڙيو. هن جو هٿ ڏنڊي ۾ پئجي ويو ۽ پير مٿي کڄي ويا. ٻيا به ماڻهو ٻاهر لٽڪي رهيا هئا. هن جي فقط هڪڙي پير کي فوٽ بورڊ تي جاءِ ملي سگهي ۽ ٻيو پير لٽڪندو رهيو. هٿ مضبوطيءَ سان جهليل هئا.

’جيڪڏهن آءٌ رڳو اهو هٿ کولي ڇڏيان ته دير ئي ڪا نه لڳندي. اتي ئي ڪم پورو ٿي ويندو، پر اهو ٺيڪ ناهي. آءٌ پنهنجي موت کي تماشو بنائڻ نٿو چاهيان. موت جي پبلسٽي مون کي نٿي وڻي. ظاهر آهي ته بس روڪائي ويندي. ماڻهو ان کي اتفاقي حادثو سڏيندا پر ان سان گڏ مون کي لاپرواھ ۽ بس جي دروازي تي لٽڪندڙ شوباز سمجهندا. مائٽن، دوستن ۽ واقفڪارن کي منهنجي بيوقوفيءَ تي حيرت لڳندي. بس ۾ سفر ڪندڙ سڀ مون کي گاريون ڏيندا ته منهنجي ڪري هنن کي دير ٿي وئي. بس جو غريب ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر ڦاسندا. اهي سڀ ڳالهيون آهن، پر وڏي ڳالھ اها آهي ته ٿي سگهي ٿو ته آءٌ مران نه، بس کان ته پري وڃي ڪرندس، رڳو ٽنگون ٻانهون ڀڄن ۽ معذور ٿي پوان. هن وقت پاڻ تي بار آهيان، پوءِ ٻين تي بار ٿي پوندس.‘ خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. اڳيان بيٺل همراھ جو سڄو وزن هن تي پئجي رهيو هو ۽ سندس هٿ جي پڪڙ ڍلي ٿي رهي هئي. هن همراھ کي پنهنجي ڇاتيءَ سان ڌڪيندي چڙ وچان چيو؛ ”ڀائي صاحب، پاڻ سنڀال، ڪيرائين ٿو.“

همراھ هن ڏانهن ڪاوڙ مان ڏٺو. ”مون کي به ٻيا ڌڪي رهيا آهن.“ پر پوءِ به هن پاڻ سنڀاليو.

ڪجھ وقت تائين ذهن کي ويساند ملي وئي. هو سڄي واٽ پاڻ کي مضبوطيءَ سان سنڀالڻ جي جاکوڙ ڪندو رهيو. بس ڪلفٽن تي اچي بيٺي ته هن کي رڳو هٿ کولڻو پيو ۽ آسانيءَ سان لهي آيو. هٿ ۾ سور ٿي پيو هو ۽ تري لال ٿي وئي هئي. هو هلندو سمنڊ ڏانهن آيو. ٻار، عورتون ۽ مرد ڊوڙي ڊڪي رهيا هئا. ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا، سڀ خوش هئا يا خوش هجڻ جو ڍونگ ڪري رهيا هئا. هو پاڻ به ته ائين ڪندو رهيو هو، دوستن ۽ واقفڪارن جي اڳيان- منهن تي مطمئن هجڻ جو، خوش هجڻ جو ڪوڙو نقاب چاڙهي. جڏهن اڪيلائيءَ ۾ هو اهو نقاب لاهيندو هو ته من ڀرجي ايندو هوس. چاهيندو هو ته ان وقت ڪو هجي، جيڪو هن کي سمجهي سگهي.

- تنهنجو چهرو ايترو  Expressionlessڇو آهي؟

- تون هميشه  Confuse۽ مايوس ڇو هوندو آهين؟

- تون چپ چاپ ۽ ڪهڙين سوچن ۾ هوندو آهين؟

- تنهنجا چپ چرندا رهندا آهن. چپن ۾ ڇا ڳالهائيندو آهين؟

- تو ۾ ڦڙتي ناهي! لڳندو آهي ڄڻ جيءَ کان بيزار آهين....

۽ هن پاڻ کان پڇڻ چاهيو؛ ’تون ايترو وقت جيئرو ڇو رهيو آهين؟

اوچتو هن زور سان رڙ ڪئي: واهيات.....

هڪدم ڇرڪي آسپاس ڏٺائين. چرين وانگر رڙ ڪرڻ تي کيس شرم آيو. پر هن کي حيرت لڳي ته ڪنهن جو به ڏانهنس ڌيان ڪو نه هو. ماڻهن ڄاڻي واڻي هن ڏانهن ڌيان ڪو نه ڏنو يا.... يا ڪا ٻي ڳالھ هئي. هن جو ساھ ٻوساٽجڻ لڳو. تڏهن هن کي احساس ٿيو ته اها رڙ هن جي نڙيءَ ۾ گهٽجي وئي هئي. هن کي پاڻ تي باھ وٺي وئي. ’بزدل، ڀاڙي، ڊڄڻو... جيڪي ڪجھ چاهيان ٿو سو ڪري نٿو سگهان، رڳو رڙ به نه!‘ هن کي روئڻ اچي ويو، اهو به اندر ئي اندر ۾. ٻاهر ڪجھ به نه هو. بيٺل پاڻي، ڄميل، برف بنجي ويل- اندر گهڻي گهرائيءَ ۾ پاڻي ٽهڪي رهيو هو ۽ پيڙا هئي سڙڻ جي.

هو ڪناري تي ٺهيل پٿر جي ديوار تي چڙهي ويٺو ۽ سمنڊ ڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪجھ گهڙين کان پوءِ هو پاڻ کي انهن لهرن ۽ ويرن جي حوالي ڪرڻ وارو هو.

وقت، واريءَ وانگر، هن جي مٺ جي وٿين مان کسڪندو پئي ويو. هن کي خيال آيو ته هو ايترن سارن ماڻهن جي اڳيان نه مرندو. هو اُٿيو ۽ ڪنارو ڪنارو وٺي هلندو ويو ڪنهن ويران ۽ مناسب جاءِ جي ڳولا ۾. هو ماڻهن، ماڻهن جي ٽهڪن ۽ ٻارن جي گوڙ کان گهڻو پري نڪري آيو. اتي رڳو سمنڊ جي گجگاھ هئي ۽ ان جي مٿان اڇا پکي اڏامي رڙيون ڪري رهيا هئا. ڇوليون سندس پير پسائڻ لڳيون. هن پٺيان ڏٺو، ساڄي کاٻي ڏٺو ۽ پوءِ سمنڊ ڏانهن ڏٺائين. سندس اڳيان نيڻ نهار تائين بي انت سمنڊ هو. سمنڊ جون ڇوليون هيون- ننڍيون وڏيون ۽ سمنڊ جو جبل هو. هن پاڻ کي بيحد اڪيلو، ويچارو ۽ بيوس ڀانيو. هن سڄي حياتي ائين محسوس ڪيو هو. ’آخري گهڙين ۾ جڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان ڪجھ ڪري رهيو آهيان، پوءِ به پاڻ کي ويچارو پيو سمجهان!‘

کاٻي طرف ٽڪريون هيون. هن کي خيال آيو ته انهن ٽڪرين تي چڙهي آسپاس آخري نظر وجهي. هو جيئن هڪ ٽڪريءَ تي چڙهي رهيو هو ته ٻن ماڻهن جي ڳالهائڻ جا آواز ٻڌائين: عورت ۽ مرد. هو هٻڪي بيهي رهيو.

”مان هڪ معمولي حيثيت وارو ماڻهو آهيان. مان تو کي ايترو سک نه ڏئي سگهندس، جيترو تو کي مائٽن وٽ مليل آهي. مون تو کان ڪجھ نه لڪايو آهي، وينا، فيصلو تو تي ڇڏيل آهي. ائين نه ٿئي جو سک ۽ آرام واري زندگي ڇڏي، سڄي عمر پڇتائيندي رهين!“

پوءِ هن عورت جو آواز ٻڌو. ”اسين ٻئي پڙهيل لکيل آهيون. روايتي پيار ۾ اسان جو يقين ڪونهي. اسين هڪٻئي جي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسي سگهون ٿا. سمجهي سگهون ٿا. سهي سگهون ٿا. گڏجي زندگي گذارڻ جي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي. بک اسين ڪو نه مرنداسين. باقي عيش آرام نه هوندو ته ڇا ٿيو، اسين هڪٻئي لاءِ عيش آرام آهيون.“

”او وينا..... وينا....... منهنجي وينا....... تو مون کي تباھ ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. تو منهنجي بي رنگ زندگيءَ ۾ رنگ ڀري ڇڏيا آهن- سمنڊ جو رنگ، ڌرتيءَ جو رنگ، ٽڪرين جو رنگ، آسمان جو رنگ ۽ شام جو رنگ..... الائي ڪيترا رنگ ڀرجي ويا آهن، منهنجي بي رنگ زندگيءَ ۾!“

”عشق تو کي شاعري سيکاري ڇڏي آهي.“ ٽهڪ ڇولين جي سنگيت سان ملي ويندڙ. ”پر سٺي شاعر بنجڻ لاءِ عشق ۾ ناڪامي ضروري آهي.“

”نه نه، مان ناڪام شاعر بنجڻ وڌيڪ پسند ڪندس.“ سمنڊ جي ڇولين تي ترندڙ ٽهڪ.

هن جو سڄو جسم ڏڪي رهيو هو. وڌيڪ وقت بيهي نه سگهيو ۽ هلڻ لڳو. هو ٿڙندڙ قدمن سان واپس موٽڻ لڳو، پر کيس اها سڌ ئي ڪا نه هئي.

’ڇا ڪو ماڻهو ان آس تي پاڻ کي جيئڻ لاءِ مجبور ڪري سگهي ٿو ته ڪڏهن سندس بي رنگ زندگيءَ ۾ رنگ ڀرجي ويندا. سمنڊ جو رنگ، ڌرتيءَ جو رنگ، آسمان جو رنگ، شام جو رنگ..... شايد ڪڏهن ڪڏهن اهڙو معجزو ٿي پوندو آهي زندگيءَ ۾.‘ هن کي ياد آيو ته هو خودڪشي ڪرڻ جي لاءِ آيو هو. ’اها نجات ۽ ڇوٽڪارو جنهن کي آءٌ محسوس ڪري سگهان، ماڻي سگهان، سو ته موت ۾ به نه ملندو. اهو ته مرڳو لاحاصل آهي، زندگيءَ ۾ ڏک سور آهن، وک وک تي پيڙا آهي، پر اهي احساس آهن ته سهي، موت کان پوءِ اهي احساس به نه رهندا. آءٌ چاهيان ٿو ڇوٽڪارو، جنهن ۾ ڇوٽڪاري جو ڪو احساس نه هوندو.‘ هن پاڻ کي هلڪو هلڪو، بي وزن محسوس ڪيو. طبيعت جي ڳورائي لهي وئي هئي. ڊپريشن جي وير اڀري لهي وئي هئي. هو ائين سمجهڻ لڳو، ڄڻ هڪ وڏي هنگامي کان پوءِ ٺاپر اچي وئي هجي.

’ڪٿي مون ڊڄي خودڪشي ڪرڻ جو خيال لاهي ته نه ڇڏيو. نه، مون اهو لاهي نه ڇڏيو آهي. رڳو ڪجھ وقت لاءِ ٽاري ڇڏيو آهي. آءٌ انتظار ڪرڻ ٿو چاهيان. ڏسڻ ٿو چاهيان. شايد ڪڏهن حالتن ۾ ڦيرو اچي وڃي. اڃا ته گهڻو وقت پيو آهي. ڏسجي.....‘ هو وري ماڻهن جي ميڙ ۾ اچي پهتو. هن پاڻ کي عام ماڻهن جهڙو ڀانيو. هن جي دل ٿي ته ڪنهن سان ڳالهيون ڪري، ٽهڪ ڏئي.

گهڻا ماڻهو واپس موٽڻ جو سانباهو ڪري رهيا هئا. هن سوچيو ته کيس به واپس وڃڻ کپي. ٻه بسون بدلائڻيون هيون ۽ گهر ڪراچيءَ جي آخري ڇيڙي تي هو. هو بس اسٽاپ ڏانهن وڃڻ لڳو.

ماڻهو ميڙو ڪريو بس جي انتظار ۾ بيٺا هئا. سيٽ ملڻ جو آسرو گهٽ هو. هن پھ ڪيو ته ڪيئن به ڪري بس ۾ اڳواٽ چڙهڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ سيٽ تي ضرور ويهندو. هن بس ۾ بيٺل ماڻهن جي پيھ ۾ پيسجڻ نٿي چاهيو. هو اڃا ڪجھ پري هو ته بس اچي بيٺي. ماڻهو بس کي وڪوڙي ويا ۽ لهندڙ وڏي مشڪل سان لهڻ لڳا. هو ڊوڙندو بس ڏانهن وڌيو. روڊ اُڪرڻ وقت سندس نظرون بس جي دروازي ۾ هيون. روڊ تي تيزي سان ايندڙ ڪار جي ٽائرن جو زوردار چيڪٽ ٿيو. هن جي اکين ۾ مختلف رنگ نچڻ لڳا. ڌرتيءَ جو رنگ، آسمان جو رنگ، شفق جو رنگ ۽ اکٽ اونداهي رات جو رنگ.......

No comments:

Post a Comment