Thursday, November 11, 2021

ووٽ - غفار سومرو

ووٽ

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



گهٽيءَ ۾ گندي پاڻيءَ کان بچاءُ ڪندي، مارڪر قلم جي پٺئين پاسي سان لوهي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪندي، ووٽر لسٽ تصديق ڪندڙ استاد ٿورو پاسيرو ٿي بيٺو. جھٽ گهڙي بعد دروازي جو هڪ طاق کليو. پنجاھ پنجونجاھ سال عمر واري هڪ عورت منهن ٻاهر ڪڍي پڇيو؛ ”ابا! ڪهڙو ڪم آ؟”

استاد کيس سلام ڪري، ٿورو دروازي ويجهو وڃي وراڻيو؛ ”امان! اوهان جي گهر جا ووٽ درج ڪرڻ لاءِ آيو آھيان. ڪو مرد ماڻهو آھي ته موڪليوس جيئن,,,,”


عورت سندس پوري ڳالھ ٻڌڻ کان اڳ ئي ڪاوڙ وچان چوڻ لڳي؛ ”ابا! ڪهڙا سُک ڏنا اٿو جو اوهان کي ووٽ ڏيون. حالت پاڻ ڏسو ٿا. ڪالوني ۾ نه رستو پڪو آھي، نه ئي نيڪال لاءِ ناليون. صفائيءَ جو ته نانءُ نشان به ڪونھي.”

استاد قلم هٿ ۾ ڦيريندي چيو؛ ”امان آئون استاد آھيان. اوهان کان ووٽ وٺڻ نه پر درج ڪرڻ لاءِ آيو آھيان. جيئن اوهان ڪنهن سٺي اميدوار کي ووٽ ڏيئي علائقي جا ڪم وٺي سگهو.”

“ابا! اسان ته سٺي ماڻھوءَ کي ئي ووٽ ڪندا رهندا آھيون پر خبر ناهي کٽڻ کان پوءِ انهن ماڻھن جو ڪيئن خانو خراب ٿيو وڃي، جو مئا شال وري هن علائقي ڏانهن منهن ئي نه ٿا ڪن.”

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۱ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment