Thursday, November 11, 2021

آخري گناھ - دريا خان شنباڻي

آخري گناھ

مختصر ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



وڏيري اڱڻ خان، رئيس راهب کي ٽوڪ هڻندي چيو؛ “ڇڏ رئيس هاڻ جڏھن گوڏن ۾ طاقت نه رهي ٿئي ته ڦري مسجدن جا پاسا کنيا ٿئي”

“وڏيرا هاڻ سچ پچ پاڻ کان اهي سڀ ڪم ويا، جيئن اڳ ۾ بي ڦلڪا ٿي ڪندا هياسين.”

“اسان کي ته ڏس! اڃان شوق ڪندا پيا اچون... سچ ٻڌايائين ته پاڻ کي شميءَ هڪ ڀيرو ٻيهر جوان ڪري ڇڏيو آھي.”


شميءَ جو نالو ٻڌي رئيس راهب کي ٿوري ڪاوڙ لڳي پر ڇا ٿي ڪري سگهيو... شمي جيڪا شھر جي ڳاڙھي بازار جي مشھور معروف اختري بيگم جي ڌيءُ آھي ۽ اختري بيگم رئيس راهب جي ته ڪيترائي سال ويهاريل هئي ۽ شمي به ته رئيس راهب خان جي ڪني ڦڙي مان ئي آھي... اختري بيگم رئيس کي ڪيترائي ڀيرا چيو به ته شميءَ جو سمورو خرچ پکو هو ڀري ته جيئن شمي ان گند مان جان ڇڏائي ويٺي هجي.

رئيس انهن ڏينهن ۾ ته شميءَ کي خرچ پکو ڏيندو رهيو جڏھن اختري بيگم سان يارڙي هلي رهي هئي پر جڏھن کان اختري بيگم کي ڇڏيائين ته شميءَ جو خرچ پکو به وساري ويٺو سو اختري بيگم به پيريء ۾ داخل ٿي چڪي هئي. ۽ شمي اهڙي ته جوان ٿي جو دنيا جي اکين ۾ اچي وئي، پهرين ڏينهن ۾ هيڏانهن هوڏانهن کوڙ گهتيون لڳيون، ڪيئي عاشق شميءَ جي جواني لُٽائي به ويٺا ۽ منزل به ماڻيائون پر جڏهن وڏيري اڱڻ جي مٿس نظر پئي ته شميءَ تي کڻي ٻئي هٿ رکي ويٺو... خرچ پکا، ناز نخرا سڀ ڪجھ وڏيري پنهنجي سر تي کڻي دنيا ۾ هوڪ مچرائي ڇڏيائين ته، “پوڙھو مڙس نئين وهٽ مان ٿو مزا ماڻي.”

وڏيرو اڱڻ وڏي فخر سان هر هڪ کي شميءَ جون ڳالهيون ٻڌائي پيو خوش ٿيندو هو.

“ها رئيس پوءِ ڇا خيال آ، ڪندين سواري ڪنهن الهڙ تي.....” وڏيري اڱڻ رئيس راهب کي چيو ته رئيس چيو “توبھ زاري وڏيرا....”

“ائين ڪيئن توبھ زاري...” وڏيري اڱڻ جيب ۾ هٿ هڻي ڪاغذ ۾ ويڙھيل ڪا شيء هٿ ۾ ڏيندي چيس “هي پنجاب مان مون ڦڪي گهرائي آھي، سون چانديء جي ورقن مان جوڙيل آھي، هي کائي ميدان تي لٿين ته مون کي ياد ڪندين”

“نه وڏيرا هاڻ هن کي مان ڪٿي استعمال ڪيان، زال ته قبر ڀيڙي ٿي چڪي آھي”

“يار تون ڪمال ٿو ڪرين... بازار ۾ هيڪر لهي ته ڏس، اصل هڪ کان هڪ شيء پئي آهي ۽ هي به جيب ۾ ڪر.... ڪم ڏيندئي.”

وڏيرو اڱڻ خان هليو ويو.... رئيس راهب ڦڪي خاني ۾ ان سوچ تحت رکي ته هن کي هٿ ئي نه لائبو، پر هن کي رات جو بيچيني ۽ بيقراري سان گڏ ڪاوڙ ته وڏيرو اڱڻ بار بار شميءَ جو نالو کڻي سندس جيرا بڪيون جلائي رهيو آھي.

شمي جيڪا سندس ئي تخم منجهان آھي.

عبادت ۾ بيهي رهي ته صرف هڪ ئي نالو ذهن تي هٿوڙي جيان وسندو رهي ته، “شمي شمي”

شمي نه ٿي ڪا مصيبت ٿي. جڳ جهان کي خبر آھي ته اڃان شمي پيدا ئي نه ٿي هئي جو رئيس جي اختري بيگم سان ياري هئي ۽ ڀلا دنيا ايتري ڀولي ڀالي آھي جو خبر به نه پئيس ته شمي ڪنهن جي ڌيءُ آھي.

ڪيترائي ڏينهن ان اڻ تڻ ۾ گذري ويا ۽ آخر هڪ ڏينهن رئيس جا هٿ ان ڦڪيء ڏانهن وڌي ويا. رات ٿي، بسترو سجائجي ويو.. پوڙھو مڙس جوان ٿيڻ لڳو...

آرس، بيچيني... هُٽڪٽو... بازي کٽڻ جي خوشي....

رئيس کڻي نئين نويلي ته نه گهرائي، پر جيئن چوندا آھن ته جڙ وهڙا هر پاڃاريون ڀڃي هاريء کي پيا تنگ ڪندا آھن سو جيترو مزو وهُو ڏاند ۾ هوندو آھي اهو مزو جڙ ۾ ڪٿي.... سو رئيس به اڄوڪي رات هڪ اهڙي بيٺل وهوء سان گذاري جو سندس ته لڱ ٺري پيا پر اڳلي جا به انگ انگ ٺاري ڇڏيائين. ڦڪي نه ٿي جادوءَ جي ڪا پُڙي ٿي.. بستري جي چادر تي گهنج پئجي ويا... پوڙھو اٺ ٻه ڪنواٽ لهي وارو ڪم ٿي ويو.... اڃا سج ئي نه اڀريو جو رئيس گاڏي ڪڍرائي رات گذاريل راڻيءَ کي موڪلي ڇڏيائين. موٽي اچي بستري جا گهنج ٺيڪ ڪيائين. تڙ غسل ڪري وڃي مسجد ڀيڙو ٿيو ۽ هٿ مٿي ڪندي هڪ دفعو ٻيهر معافيون ۽ آزيون نيزاريون ۽ توبھ تائب ٿيڻ لڳو ته مولا هن دفعي هي گناھ ٿي ويو وري نه ڪندس پر اندر اهڙو ته ٺريل هيس جو وڃي ٿيا ست خير....

توبھ تائب ٿيڻ کان پوءِ واپس پنهنجي ڪمري ۾ اچي وڏيري اڱڻ کي فون ڪندي چيائين هن جيڪا ڦڪي ڏني هئي ان پنهنجو ڪم ڏيکاريو ۽ هوڏانهن وڏيري به چيس ته، “اڄوڪي رات ته هن به شميءَ کي جُهولي ۾ جُهلايو....” ۽ وڏيري جلد اچي ملڻ ۽ وڌيڪ حال احوال وٺڻ جو واعدو ڪيو ته رئيس فون بند ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي منهن ڀُڻڪندي چيائين..... “تون ايڏانهن شميءَ کي جُھولي ۾ جُهلايو ته مون وري تنهنجي زال وڏيريء کي پينگھ تي لوڏا کارايا.... ڇا ياد ڪندين وڏيرا اڱڻ خان!!”

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment