Wednesday, November 10, 2021

ڪهاڻيڪار- ممتاز بخاري

ڪهاڻيڪار

ممتاز بخاري



ڪهاڻيڪار زندگيءَ جي ڪنڊن پاسن کان ويندي ان جي وشالتا مان ميڙ چونڊ ڪري ان کي ٿورن لفظن ۽ ڪجهه ئي پنن تي آڻي هڪ نئين شڪل ڏيندڙ فنڪار آهي. ڪهاڻيون ته هر هنڌ پيل هونديون آهن پر انهن کي اڻي هڪ سهڻي شڪل ڏئي پيش ڪرڻ سولو فن ناهي. جيئن کٽ کي واڻ سان اڻي ان ۾ سهڻا ٻارا ٺاهڻا هوندا آهن تيئن ڪهاڻيڪار ڪهاڻي جي اڻت ڪندو آهي. هو پنهنجي ذهن کي ڦلهوڙيندو رهندو آهي، ڪيترن ئي واقعن کي ذهن جي خانن ۾ پُوريندو رهندو آهي. هُو ڪردار ڪردار تي آرو به ڪندو آهي. هن کي ڪهاڻي شروع ڪرڻ لاءِ ڪو پاند پڪڙڻ جي ڪوشس ڪرڻي پوندي آهي. هن کي ڪهاڻي بيان ڪرڻ لاءِ رپورٽ ڪرڻ واري انداز کان بچڻو پوندو آهي ۽ هوڪي ڏيڻ واري طرز کان پاسو ڪرڻو پوندو آهي. ڇو ته اهي به لڳ ڀڳ ساڳيا ذريعا آهن جن وسيلي ڪنهن جي نه ڪنهن جي ڳالهه پهچائڻي هوندي آهي، ڪنهن نه ڪنهن واقعي کي سامهون آڻڻو هوندو آهي، ان ڪري هُو جهڙوڪر تلوار جي تيز ڌار هلي رهيو هوندو آهي.


ڪهاڻي لکڻ لاءِ ڪهاڻيڪار سان سندس شعوري وهڪرو به گڏ هلندو آهي ته واقعن ۽ ڪردارن جي ڪٿائن جا منظر ۽ انهن کي بيان ڪرڻ جا پيچرا به ساڻ هوندا آهن. هن کي ڪنهن هڪ پيچري جي ئي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي نه ته هو ڪنهن اهڙي پيچري تي به هليو وڃي سگهي ٿو، جنهن جي ڪنهن حصي تي ڍڪيل ڪو انڌو کوهه به هوندو آهي. هن وٽ ڪهاڻي لاءِ تجربن جو به وڏو گس هوندو آهي. جيتري ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار کي تجربن جي آزادي ملي ٿي ٻي نثري صنف ۾ گهٽ آهي. تجربي جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جي خبر ٿورڙي وقت ۾ ئي پئجي وڃي ٿي. سچ ته اهو آهي ته ڪهاڻيڪار وٽ هي وڏو سگهارو ذريعو هوندو آهي ته هُو افسانوي دنيا ۾ پنهنجي هجڻ کي نروار ڪري، پڙهڻ واري مختصر وقت ۾ پڙهندڙ تي اثر انداز ٿئي. ڪهاڻيڪار کي اهو موقعو ميسر هوندو آهي ته هُو مڪمل تصوراتي دنيا قائم ڪري، مڪمل علامتي جهان جوڙي، تصوراتي ۽ علامتي دنيا ۾ حقيقي واقعن کي داخل ڪري سونهن ڀري اسلوبيت ڏئي. تڪڙو دلين جي اندر رکيل راز کي کولي بيان ڪري وٺي يا ان راز بابت اڻپورو بيان ڏئي پڙهندڙ کي به پڄاڻي واري عمل ۾ حصيدار بڻائي. اصل ۾ ڪهاڻيڪار پنهنجي سماج ۽ معاشري جو سونهون هوندو آهي ۽ انساني ۽ پسگردائي جي نفسيات کي ظاهر ڪندڙ هوندو آهي، جنهن سان ڪنهن به معاشري يا پوري زمان جو تجزيو ڪري سگهبو آهي. ڪهاڻيڪار ۾ ئي اها صلاحيت هوندي آهي جو هو ڪهاڻي وسيلي ٿوري وقت اندر ڇرڪائي به وجهي ٿو ۽ سوچ جي بند پيل دروازن کي به کولي ٿو. ڪهاڻيڪار لاءِ پڙهندڙ کي قابو ڪرڻ جهڙي ڪهاڻي لکڻ ان ڪري به اهميت واري آهي جو هن کي اندازو ٿي ويندو آهي ته هُو ناول واري ڊگهي پنڌ تي وڃي به سگهندو يا نه. ڪهاڻي جي مختصر پنڌ هجڻ جي ڪري ڪهاڻيڪار کي ان ڳالهه کان به بچڻو پئي ٿو ته هُو ڪٿي هڪ جهڙائي جو شڪار ته ڪون پيو ٿئي، ان لاءِ هڪ سٺي ڪهاڻيڪار کي ڪهاڻي جي دڳ ۾ شعوري طور هوشيار رهڻو پئي ٿو. نه رڳو الڳ الڳ ڪهاڻين ۾ پر ساڳي ڪهاڻي ۾ به خيالن، لفظن، واقعن، استعارن، اصطلاحن وغيرهه جي ورجاءُ کان به پاڻ بچائڻو پئي ٿو. گڏوگڏ ناولنگار جيان ننڍڙن واقعن جي وڏن اثرن ۽ ڪردارن جي ڪيفيتن کي به سَهڻو پئي ٿو. هن لاءِ ٿوري وقت ۾ ڏکئي ۾ ڏکيا مرحلا کلندي کلندي روئڻ، روئندي روئندي کلڻ، يا رڳو روئڻ ۽ کلڻ يا وري حيرت ۾ پئجي وڃڻ وارا هوندا آهن.

 

(ممتاز بخاريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment