Tuesday, November 9, 2021

دليل بازي

دليل بازي

(فلئش فڪشن)

ڪاپي



ڪتي جو گوشت، کلي عام کپائڻ واري ڪاسائيءَ وٽ به پنھنجي بچاءَ ۾، ڪو نه ڪو دليل گھڙيل ھوندو آھي.

اھڙو ھڪ قصو، ھڪڙي ڪاسائيءَ وٽان جڏھن ڪتي جو گوشت پڪڙيو ويو ته. پڌرو ٿيو.


ھڪ ڪاسائيءَ کي ڪتي جو گوشت وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. جڏھن ان کي جج صاحب جي سامھون پيش ڪيو ويو ته جج صاحب، کانئس پڇيو؛

”ڇا اھو سچ آھي ته تو وٽان ڪتي جو گوشت پڪڙيو ويو آھي؟“

ڪاسائي: ”جي ھا جناب! اھو سچ آھي.“

جج : ”تو کي شرم نٿو اچي جو ڪتن جو گوشت انسانن کي ٿو کارائين؟“

ڪاسائي: ”نه جناب! مان اِنسانن کي ڪتن جو گوشت نٿو کارايان.“

جج : ”ڇا مطلب! ھينئر تو خود اقرار ڪيو آھي؟ ته تو وٽان ڪتي جو گوشت پڪڙيو ويو آھي.“

ڪاسائي: ”جي ھا جناب مون اِقرار ڪيو آھي ته مون وٽان ڪتي جو گوشت پڪڙيو ويو آھي. پر اھو گوشت مون ڪنھن اِنسان کي نه کارايو آھي..“

جج : ”ته پوء گوشت ڪنھن کي کارايو اٿئي؟“

ڪاسائي: ”جج صاحب مون ڪتن جو گوشت، ڪتن کي ئي کارايو آھي!“

جج: ”ڇا مطلب؟“

ڪاسائي: ”جج صاحب مون وٽ ضلع جي ڊي سي، ڊي ايس پي، ايس ايڇ او، وٽرنري ڊاڪٽر جا چمچا، نوڪر، گارڊ ايندا آھن ۽ چوندا آھن؛ صاحب جا خاص مھمان ٿا اچن. انھن جي لاءِ ٽي چار ڪلو ٻاڪري جو رانن وارو گوشت ڏي. جڏھن انھن کان گوشت جا پيسا گھرندو آھيان ته اھي گرفتار ڪرائڻ ۽ ڪوڙن الزامن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي بغير پيسا ڏيڻ جي زبردستي گوشت کڻي ھليا ويندا آھن. توھان انصاف ڪريو ٻڪري جو گوشت اٺ ڏھ ڪلو مان ٽي چار ڪلو، صاحب جو چمچو کڻي وڃي ته مون کي فائدي جي بجاءِ نقصان ٿيو پوي، انھي لاء آئون ڪتي کي ذبح ڪري رکندو آھيان جڏھن اھي چمچا مون کان مُفت جو گوشت وٺڻ ايندا آھن ته مان انھن حرام خورن کي ڪتي جو گوشت ٻاڪرو گوشت ڪري ڏيندو آھيان. سائين ھاڻي جيڪا سزا مقرر ڪريو. اھا سزا مون کي قبول آھي.....“

جج صاحب، هڪدم پنهنجي گن مين کي سڏ ڪري چيو؛ ”اڙي نڀاڳا تون ته ڪاسائيءَ کي گوشت جا پئسا ڏيندو آھين؟“

 گن مين کان پهرين ڪاسائيءَ جواب ڏنو؛ ”سائين! ڪڏھن ڪڏهن!“

 

(فيسبڪ تان ڪاپي ڪري کنيل)

No comments:

Post a Comment