Wednesday, November 10, 2021

ڪوئلي جي ڪاراڻ - غفار سومرو

ڪوئلي جي ڪاراڻ

(مختصر ڪهاڻي)

غفار سومرو



ننڍڙي شھر جي هر پاڙي هر گهر جي، هر جوان ڌيءُ جي پيءُ جو مٿو اگهاڙو، ڪنڌ جهڪيل، هٿن ۾ رڦڻي ۽ ٽنگن ۾ ڏڪڻي هئي. اکيون ڏرا ڏيئي ويل ۽ زبان تي خاموشيءَ جو تالو لڳل هو ۽ ڪنن ۾ ڄڻ ھزارين لکين سڄ ڄاول معصوم ٻارڙن جون هٿ پير هڻندي، ريهون، ڪيڪون ۽ دانهون گونجي رهيون هيون. پيئرن مان هر ڪو ڄڻو ٿڪل ٿڪل وياڪل وياڪل تيز ڌڙڪندڙ دل سان، مڻ مڻ وزني ٿي ويل  پير گهليندو پنهنجي پنهنجي گهر جو دروازو ٽپي اڱڻ اورانگهي پنهنجي جوان ڌيئرن کي جهڪيل ڪنڌ کڻي ٽيڏي نظرن سان ڳولهي رهيو هو.


جڏھن ڪنهن پيءُ پنهنجي جوان ڌيء کي گهر ۾ موجود، ڪم ڪار ڪندي، گهمندي ڦرندي ۽ خوش چڱو ڀلو ڏسي ٿي ورتو ته ڄڻ رڳن ۾ رت وري ٿي آيس ۽ جسم ۾  ساه پئجي ٿي ويس. تنهن مهل هن مٿي آسمان ۾ ڏسندي دل ئي دل ۾ پنهنجي مٿي تي پڳ سهي سلامت سمجهي ڌڻي تعالي جا شڪرانا ٿي مڃيا.

۽ جنهن پيءُ کي اٿندي ئي گهر ۾ پنهنجي جوان ڌي نظر تي ڪونه ٿي چڙھي تنهن مسڪين جو ڄڻ ساھ سڪي ٿي ويو ۽ هو هيڏانهن ھوڏانهن ڏسندي ڌيء کي ڳوليندو دٻيل رڙ ڪري پنهنجي زال کي پاڻ وٽ سڏي اٽڪل سان ڊڄندي ڊجندي  ڳڻتيء وچان نياڻيء بابت پڇي رهيو هو.جڏھن اندران ڪمري مان نڪري ڌيڻس پاڻيء جو گلاس هٿ ۾ ٿي ڏنس تڏھن گلاس وٺڻ کان پهرين ڳوڙھن ڀريل اکيون کڻيو ڏڪندڙ هٿ سندن مٿي تي رکي ڪنڌ جهڪائي ڍُڪ ڍُڪ ڪري پاڻي ٿي پيتائين.

ڪاڪو جمن به ڊگهي سوڙھي گهٽيء وارو پلصراط جهڙو پنڌ پٽي پنهنجي گهر جي پراڻي ڪاٺائين دروازي جو ڪنڊو کڙڪايو ته ڳپل وقت کان پوء جوڻس اندران ڪڙو کولڻ کان پهرين ڌيمي آواز ۾ پڇيو” ڪير!؟”

ڪاڪي جمن ٿڪل ٽٽل ڀڳل ڀريل آواز ۾ وراڻيون “ ڀاڳل!  مان آهيان دروازو کول”

جوڻس ڀاڳل هلڪي آواز سان اندران ڪڙو کوليو ۽ دروازي جو هڪڙو طاق هٽائيندي کيس رستو ڏنو، هو چيلھ تي هٿ رکي دروازو اڪريو ته ڀاڳل جهٽ ۾ دروازي جو طاق ورائي ڪڙو چاڙھي ڇڏيو ۽ ڇهي ڇهي  مڙس کان اڳ ۾ ئي ورانڊي جي پاڇي ۾ رکيل کٽ جي سيرانديء کان وهاڻو ٺاهي رکيو. ڪاڪو جمن هلندي اچي ڄڻ پاڻ کي کٽ تي اڇلي ڇڏيو. گول گول وڏيون پوڙھيون اکيون ڦيرائي گهر ۾ ڌيڻس کي ڳولڻ لڳو. ايتري ۾ جوڻس جست جي گلاس ۾ پاڻي آڻي هٿ ۾ ڏنس.  ڪاڪو جمن پاڻي جو گلاس هٿ ۾ وٺي سڪي ٺوٺ تي ويل چپن تائين آڻڻ کان پهرين پڇڻ لڳو” ڇوڪري ڪٿي آھي، نظر ڪونه ٿي اچي!؟”

ڀاڳل ٻڏندڙ آواز ۾ وراڻيو” اندر ڪمري ۾ آھي، صبح لاڪون مٿي ۾ ڏاڍو درد اٿس، ٽڪي کائي هاڻ وڃي آرام آيو اٿس.”

ڪاڪي جمن هڪ هلڪو ٿڌو ساھ ڀريو ڄڻ دل تان ڪو بار لهي پيو هجيس. پاڻيء جا ٻه ڍڪ ڀري، هٿ آلا ڪري منهن تي ڦيري، ڪلهي واري رومال سان منهن اگهي ڄڻ پاڙي واري گهٽيء جو غم فڪر ۽ ڌوڙ اگهي صاف ٿي وئي هجيس.

ڪاڪي جمن ڀاڳل جي منهن تي ٿوٿر ۽ اکين ۾ اوجاڳن جون چغليون ڏسي ورتائين ته پڇيائينس” تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟”

“مان ٺيڪ آھيان بس ٿورو اوجاڳو آھي رات ٺيڪ طرح ننڊ ڪونه آئي اٿم” ڀاڳل پنهنجي منهن تي بوڇڻ جو پلئه گهمائي مصنوئي مرڪ مرڪندي چيو.

“ڇو؟” ڪاڪي جمن مختصر پڇيو

“بس ائين ئي ڪا خاص وجه ڪونه هئي، تون ٻڌائي اڄ ڪيئن ايترو سوير آيو آھين؟” ڀاڳل نظرون بچائيندي مٿان مڙس کان سوال ڪري ويٺي. جمن هٿ اگهندي انتهائي ڏکاري لهجي ۾ چوڻ لڳو” بس ڀاڳل ڇا ٻڌايان، هاڻ ته ڪارخاني ۾ رات واري ڊيوٽي ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو آھيان، گهر جو الڪو به لڳو رهي ٿو، توهان ماءُ ڌيئر جي اڪيلائي به ڏنگيندي رهي ٿي، گهر ۾ جوان نياڻي پريشاني ته ٿئي ٿي زمانو به ڏاڍو خراب اچي ٿيو آھي، بس هاڻ مالڪ سائين به شايد ويڙھ سيڙھ شروع ڪري ڇڏي آھي.”

“الله سائين خير ڪندو، ڇو اچي مايوس ٿيا آھيو.ٻيو وري اسان هتي ڪهڙا اڪيلا رهندا آھيون، ادا وارن جو گهر به ويجهو آھي ۽ رات جو منهنجو ڀائيٽيو جاويد به ته هت اچي رهندو آھي. پوء الڪو ڇو ٿو ڪرين!” ڀاڳل به هڪ ڊگهي سمجهاڻي ڏيندي سندس هانءُ هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

“چري آن ڇا!؟ جوان ڌي آھي گهر ۾ الڪو ڪيئن نه ڪريان.” ڪاڪي جمن ٿورڙي ڪاوڙ ڏيکاريندي چيو “ سوچيان ٿو، سيٺ کي چئي رات واري ڊيوٽيء ڏينهن جو وٺڻ لاء منٿ ڪريانس.”

“ها ها ائين ڀلي ڪر، هاڻ ته منهنجي ھڏن ۾ به ساڳيو ست ڪونهي رهيو ۽ هوڏانهن جاويد به ٻٽن ڏينهن ۾ ڪمائڻ لاء ڪراچي سنڀريل آھي گهر اڪيلو ٿي پوندو.” ڀاڳل سندس ڳالھ جي تائيد ڪندي وراڻيو

“ها هاڻ جاويد به اچي مچي مڙس ٿيو آھي، کيس به ڪمائڻ گهرجي، ڀلا ٻڌ! ڀاڻين سان ڳالھ ته چوري ڏس، ڪڏھن ٿو جاويد کي موڙ ٻڌي منهنجو بار به ٿو لاهي.”

ڀاڳل هيڪر ته ڍڪرن ۾ اچي وئي، اکين جون پنبڻيون آليون ٿي ويس پر پاڻ سنڀاري مڙس کي دلجاء ڏيندي چيائين” ادي جن وارا ته ڪڏھن جا سنڀريل آھن، پر جاويد ئي هاڻ نٿو مڃي چئي ٿو اڃان ترسو!”

“اڃان ترسو؟ ڇو ڀلا؟ جمن حيرت مان چيو، جاويد اڃان وڏو ٿيندو ڇا!”

“ڇوڪر جي من ۾ الائي ڇا آهي خبر ئي نٿي پوي.” ڀاڳل نٽائيندڙ چيو “هوندس ڪنهن پڪي روزگار جو اُلڪو! “

“ها پر ڀاڳل اسان تي به شرع شريعت جو بار آھي، جيترو جلد ٿئي ته لاهجي، ڳالھ ته پڪي ٿيل آھي پر وري به ڀاڻين کي چوندي رھ ۽ تون به ڪجھ هٿ هلائي سنبت ڪندي وڃ!” ڪاڪي جمن کٽ تان لهندي جتيء ۾ پير وجهندي چيو.

“وري ڪاڏي پيو وڃين؟” ڀاڳل مڙس کي کٽ تا لهندي ڏٺو ته چيائين، هيئنر ته آيو آهين!

“ڇوڪريء کي ڏسان طبيعت ڪيئن اٿس، نه ته ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃانس.”

“نه نه!” ڀاڳل ڇرڪي پئي ته تڪڙو چيائين” هوء هاڻ ننڊ ۾ آهي، خوامخواھ وڃي ٿو ننڊ ڦٽائينس. شام تائين ٺيڪ ٿي ويندي،تون به وڃي ڪوٺيء ۾ آرام ڪر،ڪم ڪار جي ٿڪاوٽ ۽ سڄي رات جو اوجاڳو هوندئي” ڀاڳل اٿندي کيس ٽارڻ لڳي.

“پوء ڀلا مان ٿورو ٻاهران چڪر ڏيئي ٿو اچان.” ڪاڪي جمن زال جو کُٽڪو پروڙي نه سگهيو ته ايترو چوندي اٿي ٻاهر گهٽيء ۾ هليو آيو.  پٺيان ڀاڳل دروازي کي ڪڙو چاڙهي اندر موٽي وئي.

ڪاڪو جمن ڪنڌ هيٺ لڙڪايو سوڙھي گهٽيء مٽي ٻاهر ويڪري سڙڪ تي نڪري آيو، پريان ويگن اڏو ۽ ڪي دڪان ۽ ڇپرا هوٽل هيو. ماڻھن کي ننڍن ننڍن ٽولين جي صورت ۾ هتي هتي پاڻ ۾ سس پس ڪندي ۽ ڪنن ۾ ڳالهيون ڪندي ڏسندو پاڻ سري پري اچي پنهنجي ننڍپڻ جي سنگتي خالقوء جي دڪان ٻاهران بينچ تي ويٺو. بينچ تي ويٺي ويٺي اتي بيٺل ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻھن جي چهرن تي هڪ اڻڄاتل خوف کي لامارا ڏيندي ڏٺائين ۽ هر ڪنهن مرد، جوان جو ڪنڌ ڍرڪيل ڏسي هو به ڪنڌ سٽي سوچن جي سمونڊ ۾ گم ٿي ويو.

خالقوءَ هڪ ٻارڙي کي شيء ڏيئي سگريٽ جا وڏا وڏا ڪش هڻندو اچي ساڻس گڏ بينچ تي ويٺو. ڳچ وقت ماٺ رهڻ کان پوء ڪاڪي جمن ٻڏل آواز ۾  ڳالهايو”ڀلا ٻي ڪا خبر چار؟”

خالقوء جهيڻي آواز ۾ وراڻيو “ ڪونه ادا، خبر نٿي لڳي ته ڪنهن جو ڪارنامو آھي.”

“بس ادا. آخري وقت آھي، بڇڙائي، بدڪاري،وڌي وئي آھي. حيا شرم ويو آ موڪلائي، لوسي لپاٽي ڇورا به غيرت وڪڻي ڪنڌ کڻيو پيا گهمن.” ڪاڪي جمن ڀڻڪو ڪيو ته ان مهل جاويد به ڪالر ٺاهيندو، ڪلهي ۾ ٿيلهو لڙڪايو، هنن جي اڳيان هٿ لوڏيندو تکو تکو گذري ويو.  ڪاڪي جمن هيڪر ته کيس هڪل ڪري سڏڻ جي ڪئي پر هو واءُ مينهن وانگر ويگن اڏي ڏانهن نڪري ويو. پورو پنو قد، ڀورو رنگ، سفيد وڏيون اکيون، ڊگهو چهنبائتو نڪ، گول منهن، ڪڪا وار خوبصورت جوان.  سندس گهر واريء جو ڀائٽيو ۽ سندس اڪيلي ڌيء جو مڱيندو. ڪاڪو جمن جاويد بابت سوچينديو رهيو” ڪيڏو خوبصورت، جانٺو جوان ۽ حيا شرم وارو نينگر آھي!'

تنهن وقت خالقوء جو ننڍو پٽ به اچي ساڻن گڏ ويٺو ۽ جيب مان موبائل ڪڍي ڊيٽا آن ڪري آڱوٺو اسڪرين تي هڻندي تصويرون ڏسڻ لڳو. ڪاڪي جمن کيس موبائل هلائيندي ڏٺو ته چوڻ لڳس” ڪر خبر ڀلا انهيء تو واري موبائل ۾ به ڪا نئي خبر چار آهي ڇا!”

“هائو ڪاڪا جمن! موبائل ۾ ته هردم تازيون خبرون اينديون رهنديون آھن.” ڇوڪري موبائل مان نظرون هٽائڻ کان سواء وراڻيو

“پوء ڀلا اڄ صبح واري واقعي بابت ڪجھ آيو آھي !؟” ڪاو جمن پڇڻ لڳو

“هائو ڪاڪا! اڄ ته آھن ئي رڳو صبح واري واقعي جون خبرون.” ڇوڪرو بادستور موبائيل ھلائيندو رهيو

“ڀلا پوء ڪجھ ٻڌائي ته سهين، ڇا ٿيو ڪا خبر لڳي ته ڪنهن جو منهن ڪارو ٿيو آھي!” ڪاڪو جمن سري سندس ويجهو ٿيندي چيو

“ڪاڪا اڄ صبح سان هڪڙي ماڻھو شهر ٻاهران گندي پاڻيء جي تلاءُ جي ڪنڌيء تي ڪنهن  شيء تي رولو ڪتن کي وڙھندي ڏٺو ته هو اوڏانهن هليو ويو، ڪتن کي پري کان ڀتر ٺڪر هڻي ڀڄائڻ کان پوء جيئن ئي هو ويجهو ويو ته ڏٺائين وڏي شاپر ۾ پراڻين سراڻين اڳڙين ۾ هڪ معصوم سڄ ڄائو ٻار پيو آھي، ٻار زنده سلامت هو رڳو جسم تي ڪتن جا ڪي چڪ لڳل هيس جن مان ڳاڙھو ڳاڙھو رت ٿي وهيس، هو پاڙي وارن کي سڏي، پوليس ٿاڻي تي اطلاع ڪري ٻارڙي کي اسپتال کڻي ويو ۽ ٻڌائن ٿا ته هاڻ ٻارڙو ٺيڪ آھي ۽ هن ماڻھو اولاد نه هجڻ سبب پاڻ ٻارڙو پنهنجي جهول وٺي ڇڏيو آھي!”

ڪاڪو جمن ۽ سندس  دوست خالقوء جو جسم ڏڪي ويو، هٿ پير ٺري وين ۽ ڳوڙھن ڀريل اکين سان نڪ تي آڱر رکي توبه توبه ڪرڻ ڪرڻ لڳا.

ڇوڪري موبائل تي آڱوٺو گهمائيندي هڪ تصوير ڪاڪي جمن اڳيان ڪندي چيو” ڪاڪا! هي آھي ٻارڙي جي تصوير!”

ڪاڪو جمن موبائل وٺندي ڪلهي تي رکيل رومال سان نرڙ تي اُڀري آيل پگهر ۽ اکين ۾ تري آيل ڳوڙھا اگهندي،  ڏڪندڙ هٿن سان موبائل  وٺي اکين جي ويجهو ڪيو ۽ ٻارڙي جي تصوير ڏسندي سندس دماغ مان ڄڻ ٺڪاءُ نڪري ويا. ڀورڙو رنگ، سفيد وڏڙيون اکيون، ڊگهو چهنبائتو نڪ، گول منهن، ڪڪا وار خوبصورت نقش!.

هڪدم سندس ذهن جي کڙڪيء تي سندس گهر واريء جي ڀائٽي ۽ سندس اڪيلي ڌيء جي مڱيندي جاويد جي هو بهو شڪل جهمڪا ڏيڻ لڳي.

ٻار جي تصوير غور سان ڏسندي جمن جون متيون منجهي ويون، پريشاني مان وائڙن وانگر هڪدم بئنچ تان اٿيو ته مٿي ڇپري ۾ ٻڌل ڪوئلي جي پُراڻي ڀور واري هڙ سان جمن جو مٿو ٽڪرائجي پيو ۽ جهريل هڙ جي ڇڄي پيل هڪ ڪُنڊ مان ڪوئلي جي ڪارٺ سندس چهري تي ڪري پکڙجي وئي!

جُمن دل ئي دل ۾ سُڏڪي چيو، “يا الله! “

جمن جي جسم ۾ هلڪي ڪنبڻي سان گڏ سموري وجود تي  پگهر ڦڙا نڪري آيا ۽ ٿڪل ٽٽل وجود گهليندو گهر رواني ٿيڻ کان اڳ هُو خالقوءَ سان پنهنجيون اکيون ملائي نه سگهيو.

پنهنجي محلي جي ڊگهي سوڙھي گهٽيء وارو رڻ پٽ جهڙو پنڌ رڙھي گهر جي پراڻي ڪاٺائين دروازي جو ڪنڊو کڙڪائڻ تي هو  ته اندران ڪڙو کلڻ ۽ پوء هڪ طاق هٽائي پاڙي ۾ رهندڙ مائي دائيء کي منهن تي ڪپڙو ڏيئي نڪرندي ڏٺائين. دروازو بند ٿيڻ کان اڳ هو وک وڌائي اندر ٿيو ۽ پاڻ کي اچي کٽ تي اڇليائين، ڪلهي تان رومال لاهي پيرانديء کان سٽيائين ۽ مٿي تان ٽوپي لاهي هٿ ۾ ڪيائين. جوڻس ڏڪندي ڦڙڪندي سندس ڪوئلي جي ڪاراڻ سان ڀريل چهري ڏانهن ڏٺو ۽ چاهيائين ته هُن جو مُنهن ڌوئي وٺي! پر هوء سامهون هيٺ فرش وٽ منجيء تي ويهي ڪنڌ هيٺ سٽي ڌرتي کوٽڻ لڳي.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۶ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment