Wednesday, November 10, 2021

ڀڙوت - دريا خان شنباڻي

ڀڙوت

(ننڍڙي ڪهاڻي)

دريا خان شنباڻي



“شازيه جا پيءُ! ڳالھ ٻڌ!”

“ها ٻڌاءِ!”

“شازيه جوان ٿي چڪي آھي! ڪو بلو ڪر ته ڀلو.”

“شازيه منهنجي لک لهي، سو في الحال اهڙو ارادو ناهي.”

“آخر ڇو؟”

“هن سياري عرب جا شيخ اچڻا آھن شڪار تي.”


“اهي ته مُئا هر سال ايندا آھن.”

“ها پر هيل ڪجھ ٻيو ٿيڻ وارو آھي.”

“ڇا ٿيڻ وارو آھي؟”

“هي جيڪو شيخن جو خاص ماڻھو پانڌن آھي ان جو چوڻ آھي ته عربن کي هيل تتر مان کارايان سو تتر کارايم ته اصل ٽيڪرائي ڇڏيندا.”

“هاڻي تتر تي ڇا ٽيڪرائيندا, تو وٽ ته ڪو تتر ته آھي به ڪونه ۽ تون ڇا ڄاڻين تترن منجهان!”

“پاڻ وٽ تتر آھي نه!”

“ڪٿي آ؟”

“پاڻ واري شازيه ڀلا ڪنهن تتر کان گهٽ آھي ڇا؟!”

“شازيه, تنهنجو دماغ ته ٺيڪ آھي!”

“چري پوئين سال هڪ ڇوڪريء کي هڪ رات جا ٻه لک ڏنا هيائون”

“ته پوءِ تون به شازيه کي هڪ رات لاءِ انهن عربن حوالي ڪندين؟!”

“ها.... ڪنهن کي خبر ئي نه پوندي!”

“لک جي لعنت هجي توتي, هي ته وٺ پنج!” زال گهروڙي ڀونڊو ڏنس ته هو شڪي ٿيو پر وري به رعب ڪندي چيائين “رن توکي خبر آھي ته سنڌ ۾ زالون گهروارن کي بُجو ڪو نه ڏينديون آھن, وڏو عيب آھي زال جو مڙس کي بُجو ڏيڻ!”

“اها خبر ڪو نه اٿئي ته سنڌ ۾ ڀڙوت ڪرڻ به عيب آھي پر تو جهڙن ڀڙون سنڌ جو نالو ئي بدنام ڪري ڇڏيو آھي.”

 

(درياخان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۰ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment