Tuesday, November 30, 2021

تعليم کي تالو - غفار سومرو

تعليم کي تالو

(ننڍڙي ڪهاڻي)

غفار سومرو



وڏيري عاقل خان کي جيئن ئي خبر لڳي ته سنڌ ۾ پنج هزار اسڪول بند ڪرڻ جي لسٽ پڌري ٿي چڪي آھي ۽ اُن ۾ سندس ڳوٺ جي پڪي بلڊنگ واري پرائمري اسڪول جو نالو به شامل آھي ته کيس لڳو سندس پراڻي تمنا هاڻ وڃي پوري ٿي آھي!

پنهنجي خوش قسمتيءَ تي سوچيندي هُن جون واڇون پاڻ مرادو ٽڙي پئي ٽڙيون ۽ مڇون لغڙ جي پڇ جيان ڦڙڪي پئي ڦڙڪيون! هُو مُڇن کي ڪي پل، ساڄي هٿ جي آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر سان وٽ ڏيندو، مٿي اڀيون بيهاريندو، خوشيءَ مان وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو رهيو.


ٿوري دير بعد، وڏيري عاقل خان مڇن مان هٿ ڪڍندي، ڪمدار کي هڪل ڪئي. ڪمدار، وڏيري لاءِ ڀنگ گهوٽي رهيو هو، سو ڏنڊو ڪونڊو نوڪر حوالي ڪري، ڀڄندو اچي وڏيري اڳيان ”جي سرڪار“ چوندي، ٻئي هٿ جوڙي، ڪنڌ جهڪائي بيٺو.

”ڪمدار موجڻ!“ وڏيرو عاقل خان تمام گهڻو خوش هو، سو بلند آواز ۾ چوڻ لڳو؛ ”سگهو وڃي ڏس! ماستر صاحب آيل هجي ته کيس چئه؛ اسڪول بند ڪري، مون وٽ حاضر ٿئي.“

وڏيري جو حڪم ٻڌندي ئي، ڪمدار ”حاضر سرڪار“ چئي، پنهنجي کڙين تي زور رکيو ۽ ساهي اچي اسڪول جي گيٽ تي پٽيائين. اسڪول به ڪو پري ته ڪو نه هو. پنجاهي کن گهرن واري ڳوٺ جي اولاهين پاسي، وڏيري عاقل خان جي مال واري واڙي سان گڏ، ڪچي رستي تي ئي هو.

ڪمدار موجڻ جيئن ئي اسڪول جو گيٽ ٽپي اندر داخل ٿيو ته ڏٺائين ماستر وڻ جي ڇانءَ ۾، ٽيبل تي پنهنجا پير رکيو، آرام سان سُتو پيو آھي ۽ هوڏانهن گهڻا شاگرد پنهنجي منهن، اسڪول جي اڱڻ تي کيڏي ڪڏي رهيا آھن ته ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ شاگرد، ڪلاس اندر گڏيل آواز سان، بيت ياد ڪرڻ جي مشق ڪري رهيا آھن؛

”اچو ڙي ٻارو، علم پرايون،

علم پرايون عزت پايون!“

ڪمدار موجڻ، ٻارڙن جي علم پرائڻ واري شوق تي توجه ڏيڻ ۽ راند ڪندڙ شاگردن تي ڌيان ڌرڻ بجاءِ، آرام سان ڪرسيءَ تي ليٽيل ماستر کي ڪي پل ڏسندو رهيو ۽ پوءِ اوچتو وڏيري عاقل خان جو حڪم ياد ايندي، وک وڌائي وڃي ماستر کي ڪلهي تي هٿ رکي، لوڏو ڏنائين ته هو اکيون مهٽيندي ڇرڪي پيو! ڪمدار موجڻ کي پنهنجي مٿان بيٺل ڏسي، ماستر ٽيبل تان لتون لاهي، هڪدم اٿي بيٺو، ڄڻ وائڙو ٿي پيو هجي.

ڪمدار موجڻ ائين اوچتو بدحواس ٿي پيل ماستر سان هٿ ملائي، ڀر واري ڪرسيءَ تي ويهندي ئي چوڻ لڳو؛ ”ڏاڍيون ٿو ننڊون ڪرين ماستر صاحب! ڇو ڀلا رات پاڻيءَ جي واري تي هنئين ڇا!؟“

ماستر هٿ وڌائي، ٽيبل تي رکيل عينڪ کڻي، اکين تي رکي ۽ هلڪو ڦڪو ٽهڪ ڏيندي، پاڻ به ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. ڪمدار موجڻ، بنا خوش خير جي کيس هڪدم وڏيري عاقل خان جو پيغام سربستو ڪري ٻڌايو ته؛ سِگهو هل ڀوتار سڏئي ٿو!

وڏيري جو نياپو ٻڌي، هيڪر ته ماستر کيس وائڙن جيان ڏسندو ئي رهيو. پر نيٺ پاڻ سنڀاري پوءِ اٿيو ۽ تڪڙو ڪلاس ۾ گهڙي ويو. بيت پڙھندڙ ڇوڪرا کيس ڏسي چپ ٿي ويا. ماستر  ٽيبل تان ڪاغذ پٽ ۽ شاگردن جو حاضري رجسٽر وغيره کڻي، ڪٻٽ ۾ رکي، تالو ڏيندي، شاگردن کي موڪل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اوچتي مليل موڪل جي خوشيءَ ۾، بنا سبق ٻڌي ڏني جي، شاگرد ڪتاب سليٽ کڻي، هوڪرا هڻندا، هڪ ٻئي کان اڳ وٺندا، اسڪول کان نڪري گهر روانا ٿي ويا ته ماستر به اسڪول جي ٻاهرين لوهي گيٽ کي تالو ڏيئي، ڪمدار سان گڏ، وڏيري عاقل خان جي اوطاق ڏانهن تکو تکو روانو ٿي پيو.

اوطاق تي پهچي ماستر جيئن ئي وڏيري عاقل خان سان جهڪي هٿ ملايو ته هن هڪ وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو؛ ”اچ اچ ماستر صاحب! اچ مبارڪون هجنين!“

”وڏيرا سائين خير مبارڪ!“ ماستر وڏيري پاران مبارڪون وٺي خوش ٿيندي پڇيو؛ ”پر سائين! سمجهيم ڪونه ته اڄ ائين اوچتو مبارڪن جون مهربانيون... الاء ڇو!؟“

”ڇو تو کي خبر ڪونهي ڇا؟“ وڏيري ھروڀرو حيران ٿيندي چيو.

”وڏيرا سائين يقين ڪريو مون کي ڪا خبر ڪونهي!“ ماستر موڙي تي ويهندي حيرانگي وچان چيو.

”ويھ ويھ ماستر صاحب! اڄ قسمت سان گرميءَ ۾ اسڪول آيو آھين ۽ وري هيڏانهن به پنڌ ڪري اچي پهتو آهين! گهڙي کن ويھ. پهرين ٿڌو ٻڌو پيءُ! پوءِ سربستو حال ڪريون ٿا.“

ماستر موڙي تي پٺي لاڙي سڌو ٿي ويٺو. وڏيري عاقل خان ڪمدار موجڻ کي هڪل ڪئي. جنهن ڀنگ جو ڀريل جڳ ۽ شيشي جا ٻه گلاس آڻي ٽيبل تي رکيا. وڏيري جو اشارو سمجهي، ڪمدار موٽي وڃي ڪونڊي جو پاسو ورتو ۽ ماستر ويجهو ٿي ڀنگ جو جڳ کڻي ٿاڌل گلاسن ۾ اوتڻ لڳو. ٻنهي ڄڻن هڪ ساهيءَ ڀنگ ڀٽاريءَ جي تازي ٺهيل ٿاڌل جا ٽي ٽي گلاس پي ورتا ته ماستر وڏيري عاقل خان ڏانهن جهومندڙ اکين سان ڏسندي چيو؛ ”جي وڏيرا سائين! ھاڻ حڪم ڪريو!“

وڏيري عاقل خان هڪ وڏي اوڳارائي ڏئي ڳاڙها ٿيندڙ تارا پٽي، ماستر ڏانهن ڏسندي چيو؛ ”ماستر صاحب! ڳالھ هيءَ آھي ته سنڌ سرڪار پاڻ وارو اسڪول ته ڪري ڇڏيو بند! هاڻ ٻڌاءِ ته اسڪول جي پڪي بلڊنگ جو ڇا ٿيندو؟“

”اسڪول بند ٿي ويو!؟؟“ ماستر ذري گهٽ موڙي تان اڇل کائيندي، ڳڻتيءَ وچان ڇرڪي چيو؛ ”وڏيرا سائين! اسڪول جي بلڊنگ جو ته خير آھي ڪاڏي ڪو نه ٿي وڃي! پر اهو ته ٻڌايو مان ڪاڏي ويندس؟ منهنجو ڇا ٿيندو!؟“

وڏيري عاقل خان ماستر جي سٿر تي هٿ هڻندي چيو؛ ”ماستر! ساھ نه وڃئي...! اڳي تنهنجو ڪجھ ٿيو آھي جو هاڻ ٿيندو؟ اسين جو ويٺا آھيون. تون پيو گهم ڦِر ۽ موج ڪر. تنهنجي ماستريءَ کي لهر نه ڪو لوڏو! پر اسڪول جي عمارت جو ٻڌاءِ؟“

وڏيري جي دلداريءَ تي ماستر سُک جو ساھ کنيو ۽ پنهنجا پيلا ڏند ٽيڙي چوڻ لڳو؛ ”جي جي وڏيرا سائين! اهي اوهان جا احسان آھن جو اسڪول وڃون نه وڃون ڪو پڇڻ وارو ئي ڪونهي!“

”ته پوءِ ٻڌاءِ نه اسڪول جي بلڊنگ جو ڇا ٿيندو؟“ وڏيرو عاقل خان جنهن اڳ ۾ ئي پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو هو؛ ”اسڪول بند ٿئي ته بلڊنگ تي پنهنجو قبضو ڄمائجي.“

ماستر خماريل اکيون کڻي کيس ڏسندي چيو؛ ”وڏيرا سائين! بند ٿيل اسڪولن جون عمارتون ته اڳي پوءِ اوهان وڏيرن سردارن جون ئي آھن! جيئن ۽ جهڙي ڪم آڻيو، اوهان جي ملڪيت آهي! بس رڳو ايترو ٿيندو جو وڏي صاحب کي درخواستڙي ڏيئي نالي ماتر اجازت وٺڻي پوندي.“

وڏيري عاقل خان اڌ ٻوٽيل اکيون زور ڏيئي کوليندي، هڪ ڀيرو ٻيهر ڪمدار موجڻ کي سڏ ڪيو، جيڪو ڀنگ پيئڻ کان پوءِ گوڏ جي پاند سان واڇون اُگهندو ساڳي ”جي سرڪار“ ڪندو اچي اڳيان بيٺو.

وڏيري عاقل خان پنهجو ڍرڪيل ڪنڌ مٿي کڻي ڪمدار موجڻ کي چيو؛ ”ڪمدار! ڏس اوطاق اندران ڪو ڪاغذ پٽ لهي اچ ته ماستر کان درخواست لکرايون.“

ڪمدار موجڻ ٽٽيهر جهڙيون ٽنگون لوڏيندو، تڪڙو تڪڙو اوطاق جي ڪمري مان، کاتي بڪ مان هڪ پنو ڇڪي، اچي ماستر کي هٿ ۾ ڏنو. ماستر اڳئين جيب مان، بال پين ڪڍي، اکين تي عينڪ چاڙھي، پنو ٽيبل تي رکي، صاحب وڏي ڏانهن درخواست رهڙي ورتي. لکيل درخوست، وڏيري اڳيان رکندي چيائين؛ ”وڏيرا سائين! وٺو صحيح پايو!“

وڏيري عاقل خان هلڪو ٽهڪ ڏئي، ماستر ڏانهن نهاريندي چيو؛ ”ماستر صاحب صحيح ٻهي آئون ڪو نه ڄاڻان. پاڻ ته آھيون  آڱوٺي ڇاپ!“

ماستر پنهنجون ننڊاکيون اکيون زور ڏيئي کوليندي چيو؛ ”وڏيرا سائين! ڀلا ٻڌايو ته سهي، اسڪول جي بلڊنگ ڪهڙي ڪم آڻيندئو؟“

وڏيرو عاقل خان ڪي پل، ماستر جي منهن ۾ نهاريندو رهيو. نيٺ ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيئي، ٻوٽجندڙ اکين کي زوريءَ پٽي، ماستر کي اک هڻندي چيائين؛ ”ماستر! تو ته ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو! هاڻ ڏس ته اسان ڪيئن ٿا اسڪول آباد ڪريون! اجهو اسان اسڪول کي مال جو واڙو، ڪڻڪ جو گدام ۽ بُھ جو شاندار پلو بنائينداسين!“

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۳۰ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment