Monday, November 8, 2021

سوچ هميشه سٺي رکڻ گهرجي

سوچ هميشه سٺي رکڻ گهرجي

ننڍڙي ڪھاڻي

مترجم: عابد جھٽيال



هڪ اسڪول جي شاگرد پنهنجي مس کي درخواست ڪئي ته مس ڪلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ مون کي توهان سان ٿورڙو ڪنهن مسئلي تي ڳالهائڻو آهي. مس هن جي درخواست ٻڌندي ئي چيو؛ ”حاضر پٽ! پاڻ موڪل کانپوءِ ڪچهري ڪنداسين.“ پوءِ مس ملڻ جو ٽائيم مقرر ڪندي کيس چيو؛ ”پاڻ ٻئي اسڪول کي موڪل ٿيڻ وقت ملنداسين ۽ اوھان جي ڳالھ ٻڌنديس.“

اسڪول جي موڪل کانپوءِ، ڇوڪرو مس سان اچي گڏ ويٺو. ٻنهي جي وچ ۾ هن طريقي سان سوال جواب ٿيا..!!!


مس: ”جي پٽ! تو کي ڇا چوڻو آ..؟؟؟؟“

ڇوڪرو: ”مس مون کي لڳي ٿو مان ڪافي ذهين ۽ هوشيار آهيان. ان ڪري مون کي ڪنهن وڏي اسڪول ۾ هجڻ گهرجي. ڇا توهان مون کي ڪنهن وڏي اسڪول ۾ موڪلي سگهو ٿا...؟؟“

مس، سندس اها درخواست ٻڌي. ٻئي ڏينھن کيس اسڪول جي ڊائريڪٽر ڏي وٺي وئي. ڊائريڪٽر، ڇوڪري جي درخواست ٻڌندي، سندس ذهن ۽ صلاحيت چيڪ ڪرڻ لاءِ، انٽرويو وٺڻ شروع ڪيس.

ڊائريڪٽر: ”ٽي ضربيان چار، گهڻا ٿيا؟“

ڇوڪرو: ”سائين! ٻارنھن ٿيا.“

ڊائريڪٽر: ”صحيح آ! ڀلا! ڇھ ضربيان ڇھ، گهڻا ٿيا؟“

ڇوڪرو: ”ڇٽيھ، منھنجا سائين.“

ڊائريڪٽر: ”جاپان جي گاديءَ جو ھنڌ ڪھڙو آهي؟“

ڇوڪرو: ”ٽوڪيو!“

ڊائريڪٽر تقريبن اڌ ڪلاڪ تائين سوال پڇيا ۽ ان اڌ ڪلاڪ جي اندر پڇيل مڙني سوالن ۾ ڇوڪري هڪ جواب به غلط نه ڏنو. آخر ڊائريڪٽر مس کي چيو؛ ”جيڪڏهن توھان هن کان ڪو سوال پڇڻ چاهيو ته ڀلي پڇوس.“

مس: ”ٺيڪ آ سر!“ پوءِ ڇوڪري ڏانھن متوجہ ٿيندي پڇيائينس؛ ”مون کي ٻڌاءِ ته اها ڪهڙي شيءِ آ، جيڪي مينهن وٽ چار ۽ مون وٽ ٻه آهن؟”

(ڊائريڪٽر سوال ٻڌي تعجب ۾ مس ڏي ڏسڻ لڳو)

ڇوڪرو: ”مس! ٽنگون!“

مس: ”بلڪل صحيح آ! هاڻي اهو ٻڌاءِ ته اها ڪهڙي شيءِ آ جيڪا تنهنجي سلوار جي اندر آھي پر منھنجي سلوار ۾ ڪونهي..؟؟“

(ڊائريڪٽر حيران ٿي ويو ۽  شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪيائين.)

ڇوڪرو: ”مس! کيسو.“

مس: ”چڱو ڀلا ٻڌاءِ! عورتن جا گھنڊي وار ڪاٿي هوندا آهن؟“

(ڊائريڪٽر حيران و پريشان ٿي ويو.)

ڇوڪرو: ”مس! افريقا ۾!“

مس: ”اها ڪهڙي نرم شيءِ آهي جيڪا عورتن جي هٿ ۾ اچي سخت ٿي ويندي آ؟“

(اهو ٻڌي ڊائريڪٽر جي دل جو ڌڙڪڻ ئي بيھجي ويو)

ڇوڪرو: ”مس! نيل پالش.“

مس: ”عورتن ۽ مڙدن جي ٽنگن جي وچ ۾ ڇا هوندو آ ..؟“

(هاڻي ڊائريڪٽر جو آواز ئي بند ٿي ويو)

ڇوڪرو: ”گوڏا!“

مس: ”تمام بهترين! هاڻي ٻڌاءِ اها ڪهڙي شيءِ آ جيڪا شادي شده عورت جي، ڪنواري عورت کان وڏي هوندي آ؟“

(ڊائريڪٽر جو جسم پگهر ۾ ڇل ٿي ويو)

ڇوڪرو: ”کٽ ۽ بسترو.“

مس: ”منهنجي جسم ۾ اها ڪهڙي شيءِ آ، جتي رت سڀ کان گهڻو هوندو آ؟“

(ڊائريڪٽر آسمان جي طرف ڏسڻ لڳو ۽ الله پاڪ کان مدد گهرڻ لڳو)۔

ڇوڪرو: ”زبان! استاد محترمہ!”

اهو سڀ ڪجھ ٻڌڻ کانپوءِ ڊائريڪٽر چوڻ لڳو: “مان پنهنجي سوچ تي لعنت ٿو ڪيان. ڇوڪرا تون يونيورسٽيءَ وڃ! مان پرائمري ٿو وڃان....“

 

(عابد جھٽيال جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment