Thursday, November 25, 2021

مرڪندڙ اکيون - غفار سومرو

مرڪندڙ اکيون

(مختصر ڪهاڻي)

غفار سومرو



فيلڊ ورڪ جهڙي سخت ڏکي ڪم دوران يڪو پڪي منجهند تائين ٽنگون گهليندي ووٽ ويريفاءِ ۽ نيو اندراج ڪندي جڏھن گهٽيءَ جو آخري در کڙڪايم ته دروازي جو اڌ طاق کليو ۽ هوءَ منهن ٻاهر ڪڍي، مون کي ڏسندي ئي هڪدم اندر اوٽ ۾ ٿي بيٺي. سهڻو گول چهرو، مرڪندڙ اکيون جن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ سان ٿڪل پکين جا به ٿڪ لهي وڃن. منهنجي به اڃايل چپن تي مرڪ وري آئي. کيس پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌائيندي پڇيم؛ ”بابا! اوهان جو ابو گهر ۾ آھي ته موڪليوس!“

تمام ٿڌي مٺي جهيڻي آواز ۾ چيائين؛ ”ابو ته هن وقت نوڪريءَ تي ويل آھن!“


چيم؛ ”ڀلا پنهنجي ابو ۽ اميءَ جو سڃاڻپ ڪارڊ آڻيو ته سندن ووٽ ويريفاءِ ڪجي!“

رڳو هڪڙو لفظ ”جي!“ منهنجي ڪنن سان ٽڪرايو ۽ سمجهيم ته هوءَ واپس هلي وئي آھي.

پوري پاڙي جي گهٽين ۾ گهمندي ڦرندي، بک به اچي پاسو ورتو هو ته اڃ وچان نڙي به خشڪ ٻنيءَ جيان ڦاڪون ڦاڪون ٿي وئي هئي.

توڙي جو ٻن چئن ماڻھن چانھ پاڻيءَ جي صلاح ته ڪئي هئي پر پنهنجي عادت انوسار مون سندن ٿورا مڃيندي انڪار ڪيو هو پر هاڻ بک وگهي پيٽ پٺيءَ سان وڃي لڳو هو ته اڃ سبب چپ به سڪي ٺوٺ ٿي چڪا هئا.

جهٽ گهڙي بعد دروازي کي اندران ٿپ ٿپ ٿي. مون نظر کڻي ڏٺو. هن سڃاڻپ ڪارڊ جون نقل ڪاپيون ڏيڻ لاءِ پنهنجو هڪ هٿ ٻاهر ڪڍيو. مان ڪارڊ ڪاپيون، سندس هٿ مان وٺي جلدي جلدي ووٽر لسٽ ۾ سندس ابو ۽ امي جو ووٽ ڳولڻ لڳس. ووٽر لسٽ ۾ نالو نه ملڻ سبب فارم ڀري کيس صحيح ڪري لاءِ ڏنم. هوءَ فارم وٺي، صحيح ڪرائڻ لاءِ پنهنجي اميءَ ڏانهن کڻي وئي ۽ ڪجھ دير بعد واپس اچي ڏنائين. کيس رسيد ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ڪاپيون واپس ڏيندي چيم. ”تڪليف نه سمجهو ته هڪ گلاس پاڻيءَ جو پياريو!“

هڪ ڀيرو ٻيهر رڳو هڪڙو ئي لفظ ”جي!“ منهنجي ڪنن سان ٽڪرايو ۽ سمجهيم ته هوءَ وري واپس هلي وئي آھي.

مون پٺ ورائي گهٽيءَ ۾ نظر گهمائي ڏٺو. گهٽيءَ جي شروعات کان آخري ڇيڙي تائين، ڪو بني بشر ڪو نه هو. تڏھن هن وري اندران دروازي تي ٿپ ٿپ ڪئي ۽ هٿ وڌائي شيشي جو گلاس ٻاهر ڪيو. سندس هٿ مان گلاس وٺي، هڪ ساهي پاڻي پي ڇڏيم. گلاس واپس ڪندي ۽ واپس ٿيندي چيم؛ ”وڏي مهرباني!“

 گلاس وٺندي هن هڪ ڀيرو ٻيهر دروازي مان پنهنجو سهڻو گول چهرو ڪڍي، مرڪندڙ اکين سان ڏسندي، تمام ٿڌي مٺي ۽ جهيڻي آواز چيو؛ ”چاچو! هي به وٺو!“

مون بي اختيار سندس هٿ مان هڪ شاپر کڻي ورتي. اکين ئي اکين سان سندس ٿورا مڃيا ۽ رستي ويندي شاپر کولي ڏٺم ته اخباري ڪاغذ ۾ هڪ عدد رول ٿيل آلو پراٺو ۽ انڊو فرائي منهنجي پيٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مرڪي رهيو هو!

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائئم وال تان ۲۵ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment