Saturday, November 20, 2021

ڌنو اليڪشن ۾ - ھمير گاد

ڌنو اليڪشن ۾

(فلئش فڪشن)

ھمير گاد



رجو: ”ڌنو ڏي ته احوال! ڏاڍو خوش ٿو لڳين! آخر ڳالھ ڇا آھي؟“

ڌنو: ”شاديءَ کان پوءِ به ماڻھو خوش ھوندو آھي ڇا؟ اصل ۾ مان ان جي ڪري خوش آھيان جو مان لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل جي اليڪشن ۾ بيٺو آھيان.“

رجو: ”مان سمجهيو هو؛ اڄ زال جي مار نه کاڌي اٿئي تڏهن خوش آھين... پر ڳالھ ته ٻڌ! تون ته گهر ۾ زال جي سامهون ناهين بيهي سگهندو، اليڪشن ۾ ڪيئن بيٺو آھين؟“


ڌنو: ”زال جي سامهون بيهڻ ۽ اليڪشن ۾ بيهڻ ۾ وڏو فرق آھي.“

رجو: ”گهڻو فرق ناهي! بس ايترو فرق آ جو گهر ۾ زال تو سان وڙھندي آھي ۽ ٻاهر وري تون اليڪشن وڙھندو آھين. پر ٻڌ ته تو کي ووٽ ڏيندو ڪير؟ ماڻھن کي پنهنجو ووٽ ۽ وقت ضايع ڪرڻو آھي ڇا؟“

ڌنو: ”يار ڪمال ٿو ڪرين! ڇو نه ووٽ ملندا! سڀني کان وڌيڪ ووٽ مان کڻندس! ڏسجان!

هي شھزادو پڪوڙائي، خميسو حجم، آخري جلاب پان وارو وغيره وغيره جن جي مان فيس به جمع ڪرائي ڇڏي آھي، ظاهر آ اُهي سڀئي مون کي ئي ووٽ ڏيندا.“

رجو: ”پر انهن جو ته آرٽ سان ڪو واسطو ئي ناهي.“

ڌنو: ”تون به صفا چريو آھين! تو کي اها به خبر ناهي ته اليڪشن ۾ ڪم جا ماڻھو هوندا ئي اُهي آھن، جن جو فنون لطيفه سان ڪو واسطو ئي ناهي هوندو.“

 

(ھمير گاد جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment