Wednesday, November 10, 2021

سُوئَرِ - افضل احسن رنڌاوا - ننگر چنا

سُوئَرِ

(پنجابي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: افضل احسن رنڌاوا

سنڌيڪار: ننگر چنا


چوٿين همراهَه پڇيو؛ ”هاڻي ڳالهه کڻڻ جو وارو ڪنھن جو آهي؟”

“منھنجو!” پنجينءَ وراڻيو؛ “هاڻ سُر وٺائڻ جو وارو منھنجو آهي.”

چوٿين همراهَه تنھنڪري ڄڻ ته نڙي صاف ڪئي.

پھريون همراهُه جيڪو ٻئين ۽ ٽئين وانگر پنھنجي ڪهاڻي ٻڌائي، پنھنجي امتحانَ مان پارِ پئجي چڪو هو، سو چوٿين جي سوالَ ۽ هُنَ جي کَنھنڪَرَ ڪري نڙي صاف ڪرڻ تي ٿورو کلي ويٺو. چوٿين جو سوال ئي اڌورو هو. ڇو ته ڪهاڻي هلندي “جيءُ” چوڻ جي ڪا گهرج ئي نه هئي. ‘جيءُ’ چوڻ جي گهرج ته ڪھاڻي ٻڌڻ وارن کي سجاڳ رکڻ جي لاءِ هوندي آهي. هي سڀئي ته دوڏا ڦاڙي جاڳي رهيا هئا ته جيئن پھرئين جو ٻئي، ٻئي جو ٽئين، ٽئين جو چوٿين کي ‘جيءُ’ چوڻ بنان ئي ڪم هلي ويو، ائين ئي چوٿين کي ‘جيءُ’ چوڻُ پنجين جو ڪم هو. طئي ٿيل ڳالهه بابت وري پڇڻ جي ڪھڙي گهرج؟ڇا جو جيءُ؟ ڇا جي کَنھنڪَرَ؟




کَنھنڪَرَ جا به ڪيترائي قسم ۽ ڪيئي معنائون هونديون آهن. کَنھنڪَرَ پنھنجي هجڻ جو اعلان ڪرڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. ڪڏهن ڪنھن ويلَ ڪو ڌيئن، ڀيڻن جي ويڙهي لنگهي وڃڻ وارو کَنھنڪَرَ ڪري پنھنجي اچڻ جو ڪڙو کڙڪائيندو آهي. ڪڏهن وري چَھٻَر ڇورا، ويندڙ ڪامڻين جو ڌيانُ پاڻ ڏي ڇڪائڻ لاءِ کَنھنڪَرَ ڪري آواز ڏيندا آهن. ڪڏهن ڪو شريڪُ مِٽُ ٻئي مِٽَ کي ڳالهائڻ بنان ئي چُھنڊي هڻڻ جي بدران کَنھنڪَرَ کان ڪم وٺندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن راڳي ڳائيندي ڳائيندي کَنھنڪَرَ جي گَزِيءَ سان ڳائڻ واري نالِيءَ کي صاف ڪري وٺندا آهن. پر چوٿين همراهَه جي کَنهَنڪَرَ ماڻهوءَ جي پنھنجي اندر ۾ لڪيل ڪھاڻين جي چِڪَڻِ مان پنھنجا جُتيءَ سُوڌا پيرَ صاف بچائي نڪرڻ جي لاءِ هڪڙو وڏو ٽپو هو يا اها کَنھنڪَرَ سندس اندر جي ڳجهي صندوق جي ڪَڙي ڀڄڻ جو آواز هو يا وري شايد ڳالهه ڪرڻ وارو کَنھنڪَرَ وسيلي پنھنجي همت گڏ ڪري رهيو هو ته جيئن دليريءَ سان پنھنجي ڳالهه شروع ڪري سگهي. اهو فيصلو ڪرڻ ته انهيءَ کَنھنڪَرَ جو اصل مطلب ڇا هو؟ ڏاڍو اوکو ڪم آهي. پر اها ڳالهه سورهن آنا سچ آهي ته ڳالهه ٻڌائڻ واري کي اها گهڙي ڏکي پئي هئي ۽ کيس انهيءَ اوکائپ ۾ ڏسي پھريون همراهُه کِليو هو. ماڻهو ٻين کي اوجهڙ ۾ ڏسي الائي ڇو خوش ٿيندو آهي!؟

اهي پنج شڪاري دوست ان رات انهيءَ ٻيلي ۾ ويهي پنھنجي پنھنجي آتم ڪٿا جو هڪ هڪ نئون ٽڪرو ٻڌائي رهيا هئا. اهڙو ٽڪرو جيڪو اڳ ڪڏهن به هنن جي واتان ٻاهر نه نڪتو هو. هر هڪ جي اندر جو هڪ هڪ نئون نڪور سچ! تنھنڪري ئي انهن پنجن شڪارين ۽ انهن جي ڪھاڻين جي ڪنھن به ڪردار جو نالو لکڻ مناسب ۽ واجب ناهي. اسان انهن پنجن ڄڻن کي پھريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون ۽ پنجون نمبر ڏيون ٿا ۽ انهن جي ڪھاڻين جي ڪردارن لاءِ الف، ب، ج  جھڙا فرضي نالا ڪتب آڻينداسين.

اها پوهَه جي اهڙي رات هئي، جنھن ۾ چنڊ نه اُڀرندو آهي.  رات نکريل ۽ ڏاڍي ٿڌي هئي. ٻَٻُرُ ته ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه ٿي آيو، پر مٿان ڪرندو پئي محسوس ٿيو. آسمان ٽِمِ ٽِمِ، ٽِمِ ٽِمِ ڪندڙ ننڍن وڏن تارن سان ايڏو ته تارِ هو جو هُو انهن جي بارَ جي ڪري ڄڻ ته هيٺ جهڪي آيل پئي لڳو. اهي سڀئي ڪچي جي ڀَرِ واري ٻيلي ۾ هڪڙي صاف سٿري جاءِ تي، باهه جو مَچُ ٻاريون، ان جي چوڌاري ويٺا هئا. هنن رات جي پھرئين پھر انهيءَ باھ تي پنھنجو ڪيل شڪار ڀُڃي لاٿو، کاڌو ۽ هاڻ انهيءَ باھ جي چوڌاري ويھي ٻيلي منجهه شڪار واري اها ڳڱ ٿڌي رات جاڳي گذارڻ لاءِ هڪ ٻئي کي ڪھاڻيون ٻڌائي رهيا هئا. اهڙيون راتيون ڪھاڻين ٻڌائڻ لاءِ ڏاڍيون سٺيون هونديون آهن . . . . .  ۽ شڪاري ڀل ته کڻي ڪھڙي به مُلڪ، ڄمار، قسم جا هجن پر پنھنجيون ڪھاڻيون وڌائي چڙهائي ٻڌائڻ جا شوقين هوندا آهن ۽ جي اهي پنھنجن شڪارن جون ڪھاڻيون ٻڌائڻ تي اچن ته پوءِ اهي صحيح معنيٰ ۾ ڳالهين جي جاءِ تي زِٽَ هڻڻ شروع ڪندا آهن. اهي شڪاري به پنھنجي انهيءَ گُڻَ کان ڄاڻو هئا،  تنھنڪري انهن پنھنجي پاڻ تي گذريل ۽ نئين نڪور سَچَ جو شرط رکي ڇڏيو ۽ هي به ته ڪھاڻي شڪاريءَ جي شڪار وارن ڦاڙهن مارڻ وارن واقعن واري نه هجي.

اڌڙوٽ عمر وارن گهومُو شڪارين ۽ ڪچھريءَ جي مورَ ماڻهن وٽ ڀلا سچ رهجي وري ڪيترو ويندو آهي، جيڪو اهي ڪٿتي نه ڪٿي ٻڌائي نه چڪا هجن، ڏيکاري نه چڪا هجن!پر پوءِ به هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ لڪل هڪڙي اهڙي پيتي ضرور هوندي آهي، جنھن ۾ ڪي سچايون اهڙيون هونديون جيڪي ڪڏهن به ٻاهر جو مُنھن ڏسي نه سگهنديون آهن. اڃا به اهو ماڻهو انهن سچائين کي پاڻ کان به لڪائي لڪائي رکندو آهي . . . . .  ڪڏهن به ٻاهر نه ڪڍندو آهي يا وري ڪڍي نه سگهندو آهي. ان رات اهڙائي سَچَ زهر ڀريل واتن مان نڪري نڪري باھ ۾ پئي ڪريا، سو انهيءَ ڪري ئي ڪھاڻي کڻڻ وارو هر ماڻهو سوچي سمجهي، ڊڄي ڊڄي،  تمام ٿورن ٿورن اکرن ۾ هڪ هڪ ڪھاڻي ٻڌائي رهيو هو.

ائين ته ماڻهو پنھنجي پاڻ جو به چڱيءَ ريت ڄاڻُو نه هوندو آهي، سو اُهي سڀئي به هڪٻئي کان ايترا واقف نه هئا. هُونءَ ته اهي پنجئي ڄڻا هڪٻئي جا وڏا گهاٽا سنگتي هئا. نمبر هڪ، ٻه ۽ ٽي پري پري جي ٽن ڌار ڌار ضلعن جا رهاڪو هئا ۽ نمبر چوٿون ۽ پنجون هڪڙي ئي تعلقي جي ٻن ويجهن ڳوٺن جا رهواسي هئا. هڪ نمبر جي ٻي گهر واريءَ جا پيڪا پنجين نمبر واري جي ڳوٺ ۾ هئا. تنھنڪري ئي چوٿون ۽ پنجون نمبر هڪٻئي جي ڏاڍي عزت ڪري رهيا هئا. اهي سڀئي هر سال سياري جي مند ۾ ڏهن پندرهن ڏينھن جي لاءِ پنجين نمبر جا مھمان ٿيندا هئا ۽ گڏجي شڪار ڪندا هئا. هُو شڪار جي انهن ڏينھن ۾ ڊاڙُون ٺَڪاءَ هڻڻ سان گڏوگڏ پنھنجا ڏک سُکَ به هڪٻئي سان ونڊيندا هئا.

اڳ اهي ڇهه ڄڻا هئا، پر پندرهن سال اڳ ڇھين نمبر جي مرڻ کان پوءِ پنج رهجي ويا. مرڻ وارو ڇھون نمبر، چوٿين ۽ پنجين نمبر جي ڳوٺن جي وچ واري هڪڙي ڳوٺ جو رهاڪو هو ۽ چوٿين نمبر جو پَڳَ مَٽُ يار هو. پنجئي شڪاري هُنَ کي سِرَ جُون سَٽُون ڏيندڙ سُورمو، ڀلوڙُ شڪاري ۽ مڇي ماني واري گهراڻي جو هجڻ جي ڪري پنھنجو جگري دوست سمجهندا هئا. اهي هر سال جڏهن سياري جي انهن ڏينھن ۾ گڏ ٿيندا هئا ته مرڻ وارو ڇھون نمبر ڪنھن نه ڪنھن ريت، ڪنھن نه ڪنھن بھاني، ڪنھن نه ڪنھن ڳالهه ۾ سندن وچ ۾ ڪاهي پوندو هو.

چوٿون نمبر شڪاري پُوري پني قَدَ، هلڪي بُتَ، تکن مھانڊن وارو اڌڙوٽ عمر جو مرد هو. سندس سانوري مُنھن تي ماتا جا سينوِرا، باھ جي سوجهري ۾ تارن وانگر چمڪندا هئا. هُنَ وري هڪ ڀيرو ٻيھر کَنھنڪَرَ ڪئي ۽ پنھنجي ٻارهين بورَ واري دُناليءَ کي کوليو، بندوق مان ايس_ جِي جا ٻه ڪارتوس ڪڍي، بندوق بند ڪري، پنھنجي ڪمبل جي ڀرسان ڪري رکي.  ڪارتوس وري ڀرسان پيل ٿيلهي ۾ وجهي، ان جو ٻُوٿ بند ڪري دوناليءَ جي پريان ڪري رکيائين. باقي چار ڄڻا هُنَ ۾ ئي جُوهَه وجهيو ويٺا هئا. جهنگن جهرن ۾ شڪار ڪرڻ وارا ڏينھن جو عام طور ۽ رات جو خاص ڪري هر گهڙي بندوقون ڀريل ئي رکندا آهن. ڪھڙي خبر ته ڪٿان ڪو شڪار نڪري پوي، ڪاڏي وڃڻو پئجي وڃي، ڪٿان ڪو شڪار مٿان اچي پوي!پوءِ به آباديءَ کان ڪوهين ڏُور،  جهنگلي جانورن سان ڀريل ٻيلي ۾، ڪاري ٻاٽ رات ۾ خبر ناهي ته تنھن گهڙيءَ ڇا ٿيو جو چار نمبر پنھنجي دُناليءَ مان ڪارتوس ڪڍي ڇڏيا، نه ته اهي شڪار جي مند ۾ رات ڏينھن،  سدائين تيار ۽ ڀريل بندوقون هٿن ۾ رکندا هئا.

رات چُپِ هئي. هنن جي چوڌاري وڻ ٽڻ، وليون، ٻُوٽا ۽ گاهه ۽ انهن ۾ لڪل هر شئي گَھريءَ ننڊ ۾ سُتل لڳي رهي هئي.   جهنگ ۾ رات جو هڪڙي گهڙي اهڙي به ايندي آهي جو جهنگ ۾ ڦُٽندڙ ۽ اُتي رهندڙ هر شئي ماٺ ٿي ويندي آهي ۽ هيءَ اُهائي گهڙي هئي. ڪٿان ڪو چُوچَٽُ به ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو، بس باهه ۾ سڙندڙ ڪاٺين جي هلڪي هلڪي سُون سُون ۽ مَچَ جي هيٺ مٿي ٿيندڙ لاٽُنِ جي اڻ ڄاتل ۽ بي آواز راڳَ سان گڏ پنجن ڄڻن جي ساهه کڻڻ جو آواز اچي رهيو هو.  آس پاس ماٺ ڇانيل هئي. چوٿين نمبر ٽيون ڀيرو کَنھنڪَرَ ڪئي. هُنَ جي باهه ۾ جَرڪندڙ، چمڪندڙ مُکَ مان ائين لڳي رهيو هو ته هُو ڄڻ ته ڳالهه ڪرڻ لاءِ حوصلو ۽ مناسب لفظ ڳولڻ جي پِيڙا جو شڪار هجي.

نيٺ هڪ ڊگهو ساهُه _ جيڪو ‘هَئي’ سان ملندڙ جلندڙ هو _ کنيائين ۽ هوري هوري چوڻ لڳو، ”هُو منھنجو يارن کان وڌيڪ ڀاءُ هو. اسان ٻنهين جي وچ ۾ ڪڏهن به ڪا شئي نه آئي هئي ۽ نه اچي سگهي پئي. اسان ڏينھن رات گڏ رهندا ۽ موجون ڪندا هئاسين. اسان جي وچان ته هوا کي وٿي نه ٿي ملي جو لنگهي سگهي. هُنَ کي دنيا جون نظرون کائي ويون. منھنجي عقل تي پڙدا پئجي ويا . . . . .  هاڻي پنھنجي پاڻ کي چَڪَ هڻڻ مان ڪھڙو فائدو؟”

هُو اها ڳالهه ڪندي اوچتو چپ ٿي ويو. ڄڻ ته ڳالهه سندس نڙِيءَ ۾ اٽڪي پئي هجي. چارئي ٻُڌڻ وارا اک ڇنڀڻ بنان هُنَ جي مُنھن ڏي تڪي رهيا هئا ۽ هُو وري باھ جي ڀَڀَڙَ ۾ جُوهَه وجهيون ويٺو هو، ڄڻ ته ڪھاڻي کي باهه ۾ ڳولي رهيو هجي. ‘جيءُ’ چوڻ وارو ته ڄڻ اُتي هيوئي ڪو نه. ڪا گھڙي ماٺ رهڻ کان پوءِ ڪھاڻي ٻڌائڻ وارو چوڻ لڳو، ”هڪ ڏينهن اسان ٻئي آڙيون ماري ڇمڀ کان اولھ،  ڳوٺ وڃي رهيا هئاسين. عام دڳ ڊگهو هجڻ جي ڪري ڇڏي ڏنوسين ۽ ٻنين جي وچان کڻي سِڌَ ڪئيسين.

سياري جا ڏينھن هئا، اُڀرندڙ سج جي هلڪي هلڪي اُسَ هوندي به ٻنن تي ۽ ٻنن جي آس پاس ڦُٽَل گاهُه ماڪَ سان ڀنو پيو هو. مان اڳيان هئم ۽ هُو منھنجي پويان ٻن هٿن جي وٿيءَ تي اچي رهيو هو. منھنجي ڀريل بندوق منھنجي ڪلهي تي رکيل هئي. منهنجو هٿ بندوق جي ڪُنداڪَ ۾ هو ۽ بندوق جي نالي پوئتي هئي. ان مھل اسان جنھن پيچري تي هلي رهيا هئاسين، تنھن جي ٻنهين پاسن کان ڪمند جي پوک هئي. ٻنين ۾ پري پري تائين سواءِ اُڀَ جي ٻيو ڪجهه به نظر ني پئي آيو. منھنجو جيئن ئي ٻني تان پيرُ ترڪيو تيئن ئي تڙ تڪڙ ۾ پاڻ سنڀاليندي سنڀاليندي منھنجو هٿ وڃي بندوق جي گهوڙي کي لڳو. بندوق ڇُٽي وئي. بندوق جي ڪارتوسَ پويان هڪ هٿ جي وٿيءَ تي ايندڙ منھنجي يار جي ڇاتي ڇاڻي ڪري ڇڏي . . . . .  رسيءَ ۾ ٻڌل آڙيون ۽ بندوق هُن جي هٿن مان نڪري پريان وڃي ڪريون ۽ هُو ڦھڪو ڪري وڃي هيٺ ڪريو . . . . .  هُو منھنجي سامهون پيو هو ۽ ڇُري سان گهايل تِتِرَ وانگر ڦٿڪڻ لڳو.

“اِها ته ڇھين نمبر جي ڪھاڻي آهي!”ٻئي نمبر ڀڙڪو کاڌو. . . . . ، ”۽ اسان اها ڪھاڻِي ايترا ڀيرا ٻڌي آهي جو هاڻي اِنَ جو هڪ هڪ اکر ڄاڻون ٿا. پوءِ تون ڪيئن نه ڊوڙي ڳوٺ پھتو هئين، ڪيئن ڇهه ڪوھ ڊگهي واٽ تي هُنَ جو رت وهندو رهيو هو؟ ڪيئن پوليس اسپتال ۾ پھتي هئي ۽ ڪيئن هُو پوليس سان ٻه ڳالهيون ڪري مري ويو هو!ڀريل بندوق کي بي احتياطيءَ سان کڻڻ ۽ پڪڙڻ جي ڪري ڪيئن نه هيري جھڙو يارُ، يارَ جي هٿان مري ويو. ”

“ننڍڙيءَ غلطيءَ جي ڪري ڪيڏو وڏو حادثو ٿي ويو!”هڪ نمبر چيو، ”اسان ويسارا ٿورئي آهيون؟منھنجا ڀاءُ!تون اسان کي نئين نڪور آتم ڪٿا جي نالي ۾ريجهائي رهيو آهين،  ڇو؟”

“اها غلطي نه هئي، چريئُو!۽ نه ئي مان توهان کي ريجهائي رهيو آهيان!”چوٿين نمبر کان دانھن نڪري وئي. چوٿين نمبر جي دانھن ڪرڻ تي خبر ناهي ڇو سواءِ پنجين نمبر جي،  جيڪو وڏي ڌيان سان چوٿين نمبر کي تڪي رهيو هو، باقي سڀ کلي ويٺا.

ٽئين نمبر پھريون ڀيرو ڳالهايو، ”پوليس به انهيءَ موت کي حادثو ڄاڻايو ۽ دنيا به اهوئي سمجهي ٿي ۽ ان ۾ ڪوڙ به ڀلا ڪھڙو آهي؟ چٽي ڏينھن، هوش ۽ حواس ۾ هوندي،  سوين ماڻهن ۽ پوليس جي روبرو ڇھين نمبر پاڻ چيو هو ته جي منھنجو يار ترڪي نه پوي ها ته بندوق نه ڇُٽي ها. ان ۾ ڪنھن جو به ڏوھ ناهي، نه هن جو ۽ نه بندوق جو. ”

“ڇھين نمبر مرندِي گهڙيءَ ڄاڻي ٻُجهي ڪُوڙ هنيو هو . . . .  اهو حادثاتي موت نه هو. مان به اهائي بڪواس ته ڪري رهيو آهيان،  اهو قتل هو، سڌو سنئون قتل!”چوٿين نمبر روئڻھارڪي آواز ۾ رَڙِ ڪندي چيو.

“ڇھين نمبر ڪو به ڪُوڙ نه ڳالهايو هو؟”هڪ نمبر اُٻھرائپ ۽ ڪروڌ وچان چيو، ”تون ڪُوڙ پيو ڳالهائين، ڳالهه ۾ چَسُ پيدا ڪرڻ لاءِ ٺڪاءَ ڇو ٿو هڻين؟”

“وڃي کڏ ۾ پَئو . . . .  توهان سڀئي بي ايمان ۽ ڪُوڙا آهيو. ” چوٿون نمبر اُمالڪ ٻُوڪَٽَ ڪري روئڻ لڳو. هُنَ پنھنجو مُنهُن کڻي گوڏن ۾ هنيو. هُو جيئن ٿي رُنو تيئن سندس بدن جو ٿڙڪڻ وڌندو ٿي ويو.

باهه جي آس پاس ويٺل سڀئي ڄڻا حيران ۽ پريشان ٿي، چپ ٿي ويا . . . . اهي سڀئي ڏڪي ويا. چوٿين نمبر جي ڳالهه جي ڪري نه!پر هن جي اکين مان ٽمندڙ سچ کان!. . . .  چئن مان ٽي ڄڻا ته هن جي ڳالهين کي بڪواس سمجهي رهيا هئا. پر هُنَ جو روئڻ ٻيو ڪجهه ٻڌائي رهيو هو. هُنن جنھن ماڻهوءَ جو گذريل ويھن ورهين کان ڳوڙهو ڳڙندي نه ڏٺو هو، اهو اڄ ٻارن وانگر ڍُنڍُڪُرُون ڪري روئي رهيو هو.  هنن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هُو ڇا ڪن؟

“تون ڳالهه ڪر، اسين ٻُڌُون ٿا، پر رَبَ جو نالو اٿئي، اهو رَنُن وانگر ورئڻ بند ڪر. ”هڪ نمبر چيس. ڪي پَلَ گذريا هوندا جو هُنَ جي بدن ڏڪڻ بند ڪيو، هُنَ جو روئڻ بند ٿي ويو. هُنَ ڳوڙهن ڀريو مُنھن مونن مان ڪڍيو ۽ هڪ هڪ ڪري سڀني کي پنھنجين ٻرندڙ ٽانڊي جهڙين اکين سان ڏٺائين، پوءِ هڪڙو ڊگھو ساهُه کڻي چوڻ لڳو، ”مان خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي چوان ٿو ته هُو غلطيءَ وچان نه مُئو هو . . . .  مان مسيت هلڻ لاءِ تيار آهيان ته ڪرڻ مھل بندوق جو گهوڙو پاڻهئي دٻجي نه ويو هو، مون ڄاڻي واڻي دٻايو هو . . . .  مون هُنَ کي مارڻ ٿي گهريو . . . .  مون هُنَ کي ماري ڇڏيو، بس!”

چارئي ڄڻا ڏڪي ويا. . . .  ڳچ مھل تائين ڪنھن کان به اکر اُڪلي نه سگهيو. شايد سچ جي هيبت هُنن کان ڳالهائڻ جي سگهه کسي ورتي هئي.

“پر ڇو؟”گهڻي دير گذرڻ کان پوءِ هڪ نمبر ڳالهائڻ لائق ٿي سگهيو. هُنَ پنھنجي چادر سان ڳوڙها اُگهيا ۽ هورڙيان چوڻ لڳو، ”هُنَ جي ۽ منھنجي وچ ۾ هڪڙي رَنَ اچي وئي هئي. ”

“ڪھڙي رَنَ؟” ٻئي ۽ ٽئين نمبر گڏجي پڇيس.

پوين پندرهن ورهين ۾ پھريون ڀيرو ڇھين نمبر جي ڪھاڻيءَ ۾ ڪا رَنَ گهڙي آئي هئي . . . .  ڪڏهن ڪڏهن ته ڳوٺن ۾ ڪنھن مرد ۽ عورت جو مامرو ائين ڍَڪيل ڇُپيل رهجي ويندو آهي، جيئن گهاٽي پوک جي هيٺان ڌرتي.

“اهو نه ٻڌائيندم، ڀلي کڻي توهان مون کي گولي هڻي ڇڏيو!” هُنَ ائين چيو ۽ پوءِ اُٿي بيھي رهيو ۽ وڏي همت ۽ حوصلي سان چوڻ لڳو، ”مون پنھنجي بندوق مان ڪارتوس ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ هٿين خالي توهان جي آڏو بيٺو آهيان . . . .  توهان مان ڪو به پنھنجي يارَ جو پلاند ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن مون کي گولي هڻڻ چاهي ته مان حاضر آهيان . . . .  هڻو گولي مون کي!”

سڀني کي ڄڻ ته نانگ سُنگهي ويو هو. هُو چپ چاپ ساهُه گهٽيون، پنھنجي سامهون سِيٽجي بيٺل چوٿين نمبر جي ڀُوت کي ڏسندا رهيا ۽ ڄڻ ته ان هڪڙي پَلَ ۾ ئي پندرهن ورهيه گذري ويا. اندر ۾ ٻڙڪندڙ سچ جي هٿان بي عزتي،  شرمندگي، ڪاوڙ ۽ پنھنجي پاڻ کان ڌڪارَ رکندڙ زبان سان به هُنَ چوٿين نمبر انهيءَ عورت جو نالو نه کنيو.

(هڪ مرد بي عزتيءَ کان ۽ هڪ وسندڙ گهر تباهيءَ کان بچي ويو. ) شايد انهيءَ ڪري پنجين نمبر کي پنھنجي حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو هُنَ مٿان پيار آيو ۽ هُنَ کيس ٻانهن کان پڪڙي هيٺ ويھاريو ۽ پنھنجي توريل تڪيل ۽ ڳوري آواز ۾ چوڻ لڳس، ”جڏهن هُنَ پاڻ توکي بخشي ڇڏيو هو ته ڌڻي به توکي معاف ڪري. اسان توکي ڇو چونداسين؟”

پنجين نمبر جي انهيءَ ڳالهه تي سڀئي ڄڻ ته جاڳي پيا.

“هُنَ کي ڇا معاف ڪرڻو هو؟ڪنھن کي معاف ڪرڻو هو؟هُنَ ويچاري کي ته مرڻ گهڙيءَ تائين اهو پتو ئي نه پوڻو هو ته سندس يارُ ڄاڻي واڻي سندس رت سان وهنتو  آهي. ”هڪ نمبر پري ڪٿي اُوندهه ۾ ڏسندي چوڻ لڳو.

“هُنَ کي سڀ خبر هئي، سڀ خبر هئس!” چوٿون نمبر وري اچي روئڻ ۾ ڇُٽڪيو ۽ چوڻ لڳو، ”اهو پھريون ڀيرو هو جو مان هُنَ جي اڳيان هلڻ لڳو هئم. مان پھريون ڀيرو هُنَ کي ڀُلائي غلط دڳ تي وٺي ويم. پھريون ڀيرو مون ڀريل بندوق ڪُنڍي جيئن کنئي هئي. هُنَ جُون بازَ جھڙيون اکيون سڀ ڪجهه ڏسي ۽ پرکي رهيون هيون، پر هن جي چپن تي مُرڪ هئي. توهان جو ڇا خيال آ؟هُو ڪو ٻارُ هو،  جنھن مون کي هاسيڪار تِرڪندي ۽ بندوق جي ناليءَ کي سندس دل ڏي سِڌو ڪري گهوڙو دٻائيندي نه ڏٺو هجي؟ هُنَ ڪِرندي ڪِرندي مون کي چيو هو، ‘اڙي! ٽَڪي جِي رَنَ جي ڪري ماري ڇڏيئي!هُوءَ توکي ٻه چار ڏينھن چوڙيندي ماڻيندي ۽ پوءِ ڪنھن يار هٿان مارائي ڇڏيندءِ. اڙي مورک!بچ انهيءَ رَنَ کان. ’پوءِ منھنجو بندوق وارو هٿ چمي مون کي معاف ڪري ڇڏيائين. ”

هُو سڀئي ڪي گهڙيون ڇَپُ هنيون، پٿر بڻيا ويٺارهيا. رات ۽ ٻيلي منجهه قبرستان وارو سوڳ ۽ ماٺ هئي. چوٿين جي ڪھاڻي پوري ٿي چڪي هئي، هاڻ پنجين جو وارو هو.

اوچتو رات جي سانت سُوئرن جي گِرڻ ۽ هلڻ جي آواز سان ٽٽي پئي. هنن جي ڀرسان سُوئرن جو هڪڙو ڌڻ گرگر ڪندو،  هڪ ٻئي پٺيان ڪنڌ جهڪايون، لنگهيو ۽ اڳتي هليو ويو.  پنجن ئي شڪارين مان ڪنهن به سُوئرن ڏي ڌيان نه ڏنو.  ائين ٿي لڳو ته اهي سڀ هن ٻيلي ۾ سُوئرن مارڻ لاءِ ترسيا ئي نه هئا . . . . .

پنجين شڪاريءَ چيو، ”منھنجي ڪھاڻي صفا ننڍڙي آهي، ٻن جملن جي ۽ اڳين ڪھاڻيءَ سان جُڙيل آهي، سو مان اها هاڻي ئي ٻُڌائي قصو پورو ٿو ڪريان ۽ پنھنجو وارو وٺي، واندو ٿي سمهڻ ٿو چاهيان. ”

پھريون ته کيس ڪنھن به ‘جيءُ’ نه چيو، پوءِ سڀئي گڏجي ‘ها، ها’ ڪرڻ لڳا.

هُنَ چيو، ”منھنجي ڪھاڻي بس ايتري آهي ته هن کان اڳين ڪھاڻيءَ ۾ جنهن رَنَ يارَ جي هٿان يارَ کي مارايو، اها پنهنجي شاديءَ کان اڳ ڪيئي سال منھنجي هٿان چوٿين نمبر کي مارائڻ لاءِ وڏا وَسَ ڪندي رهي، پر ڪامياب ٿي نه سگهي.  ڇو ته مان سمجهان ٿو ته رَنَ کڻي ٽوري سان ڀريل گهر گهر گهمڻ واري ٽِينَ جي ڇاڻي هجي يا کڻي هڪڙي گهر ۾ رکيل اَنَ جي گُندِي، پر رَنَ جي دِلبي ۾ اچي ڪنھن يار کي ناحق مارڻ سڀ کان وڏو پاپُ آهي. دنيا جي سڀ کان سهڻي رَنَ به يار جي جُتيءَ جي برابر نه هوندي آهي. ”

“پوءِ اڳتي ڇا ٿيو؟” گهڻن ئي هڪ وقت چيو.

“منھنجي ڪھاڻي پوري ٿي. ” پنجين تسلي ڀرئي لهجي ۾ وراڻيو.

“نالو؟ نالو؟ هُنَ جو نالو؟” هڪ،  ٻيو ۽ ٽيون نمبر گڏجي چوڻ لڳا؛ “آتم ڪٿا ٻڌائڻ لاءِ سچ ڳالهائڻ جو شرط به آهي. ڪهاڻي پوري ڪر ۽ اُنَ رَنَ جو نالو ٻُڌاءِ،  جيڪا ٻن ڪھاڻين جي اصلي پاڙ آهي. ” چوٿين نمبر جو رنگ ڦڪو ٿي ويو. هُنَ ڪھاڻي کڻڻ واري ڏي ائين ڏٺو، جيئن گوليءَ سان گهايل هَرڻُ، ڪُھڻ واري شڪاري ڏي ڏسندو آهي.

هِڪَ نمبر جو مُنھن ڪاوڙ وچان تَپي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ رڳون ڦُوڪجي ويس. هُنَ پوريءَ سگهه سان ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ ڪرڀ ڀريل آواز ۾ چيو، ”ڪَڃرِي، ڪُتي، ڪميڻي، سُوئَرِ . . . .  گولي هڻڻ جھڙي رَنَ. هُنَ جو نالو ٻُڌايو، ان کان اڳ جو هُوءَ آدم خورِ ڪنھن ٻئي يارَ کي کائي وڃي، هُنَ کي سُٿَڻ ۾ گولي هڻي اڳئين پارِ پھچايوسِ. ”

“هُنَ جو نالو؟ هُنَ جو نالو؟” چئني پاسن کان گوڙ وڌندو پئي ويو. چوٿين نمبر جو رنگ وري ڪاراٽجي ڪوئلو ٿي ويو.  ڪھاڻي ٻڌائڻ واري پنھنجا هٿ باھ جي ايترو ته ويجهو ڪري ڇڏيا جو اهي سڙڻ لڳا. هُنَ هورڙيان چيو، ”ڪنھن جي ڌيءَ، ڀيڻ تي تهمت هڻان ته ڪوڙهيو ٿي مران . . . .  اُنَ سڀاڳيءَ رَنَ جو نالو ‘ج’  آهي، اها ‘ٻ’ ڳوٺ جي ‘الف’ جي ڌيءَ هئي. ڏهه سال ٿيندا جو هُنَ جو وهانءُ ٿيو هو ۽ هُوءَ وهانءَ جي ٽئين ڏينھن تي مري وئي هئي. هاڻي وري پڇندئو ته اهو ‘ب’ ڳوٺ ڪٿي آهي؟منھنجي ڳوٺ کان جبل پاسي، ڏهن ڪوهن جي پنڌ تي آهي. ”

“مري وئي!” چئي ڪري خبر ناهي ڇو هڪ، ٻه ۽ ٽي نمبر وڏا وڏا ٽھڪ ڏيڻ لڳا.

ٽھڪن جي گوڙ ۾ ڪنھن به چوٿين نمبر کي سُکَ جو هڪڙو اُونهو ساهُه کڻندي  ڏٺو نه ٻُڌو.

هاڻي ڀلا اها هڪ نمبر کي ڪيئن ٿي خبر پئجي سگهي ته هُنَ جي ٽن ٻچن جي ماءُ، ڏهه ورهيه اڳ هُنَ سان پرڻجڻ واري ، هُنَ جي ٻي زالَ ‘ڪ’ ئي اصل ۾ اها سڀاڳڻ آهي، جنهن جو نالو آخري ڪھاڻي ٻڌائڻ واري ‘ج’ ٻُڌايو هو.

توهان کي هي ٻُڌائڻ اڃا باقي آهي ته،  يارو! پنجون شڪاري هِيءَ ڪھاڻي لکڻ وارو پاڻ هو!

(***)

(سنڌي ادبي سنگت جي ترجمان “سنگت” جي پنجويھين پرچي مئي جون_ ۲۰۱۰ع ۾ ڇپي. )

 

(ننگر چنا جي فيسبڪ پيج تان ۲۸ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment