Tuesday, November 30, 2021

بصر ۽ ڀوڪ - مٺل جسڪاڻي

بصر ۽ ڀوڪ

(مختصر ڪھاڻي)

مٺل جسڪاڻي



ھيءَ ڪھاڻي ان دور جي آھي، جڏھن ماڻھو نالا ٻوٽن، وڻن ۽ ميون جي نسبت سان رکندا ھئا. انب خان، ڪيوڙو، ڄمون جھڙا نالا اڃا به ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.

بصر، عمر ۾ وڏو ۽ ڀوڪ عمر ۾ ننڍو، رشتي ۾ ٻئي پيءُ پٽ ھئا.


بصر، نوجوان ھو ته ڀوڪ، ڄائو ھو. ڀوڪ، نوجوان ٿيو ته بصر، پوڙھو ٿي ويو. پوڙھي والد ۽ نوجوان پٽ ۾، جيئن اڄڪلھ اختلاف عام آھن، تيئن اڳي به ٿيندا ھئا. اڄڪلھ ان اختلاف کي، پيڙھي-وڇوٽي چيو وڃي ٿو. ’اسي؛ مت کسي‘ ھاڻي ئي نه، نه ڄاڻ ڪيترا ورھيه اڳ کان، چيو ويندو آھي.

بصر کي ننڍي وڏي، ٿوري گهڻي، جھڙي تھڙي ڳالھ تان، ڀوڪ به ائين ئي چوندو ھو، جيئن اڄڪلھ جو نوجوان، پوڙھن کي چوندو آھي؛ ”اوھان کي ڪھڙي خبر، دنيا الئه ڪٿي وڃي پھتي آھي“.

بصر به ڀوڪ کي ائين ئي چوندو ھو، جيئن اڄ جا پوڙھا نوجوانن کي چوندا آھن؛ ”ھائو سائين، خبرون سڀ اوھان کي آھن. اسان دنيا ۾ ڇا ڏٺو، ڇا ٻڌو، ڇا ڪيو، ڇا ڄاڻون؟“

بصر ڀوڪ کي چيو؛ ”مڃان ٿو ته تون لکيو پڙھيو آھين، گهڻو ڄاڻين ٿو، پر جنھن وقت منھنجي لاءِ ڪا راءِ قائم ڪرين ٿو، ته پنھنجي پاڻ کي به ياد رک.“

بصر ھڪ دفعي ڀوڪ کان پڇيو؛ ”تون ڪيترو پڙھيو آھين؟ ڇا پڙھيو آھين؟ ڊاڪٽري نه. ھاڻي ٻڌاءِ؛ تون پڙھيو صرف ڊاڪٽري آھين، ڳالھيون ته صرف ڊاڪٽريءَ جون ڪو نه ٿو ڪرين! تو کي جيڪڏھن ٻين انيڪ ڳالھين جو ادراڪ آھي، گهڻ پاسائين ڄاڻ ٿو رکين، ته ٻئي کي آڱوٺي ڇاپ يا صرف ھڪ مضمون، ھڪ موضوع ۾ محدود ڪيئن ٿو چوين؟“

بصر ڳالھيون ڪندي ڪندي چيس؛ ”مون سڄي ڄمار پوک پچار ڪئي، پوکڻ کان لڻڻ ۽ ڍوئڻ جو ڪم ڪيم، ته ڇا ٻيو ڪجھ به نه ڪيم؟ ٻيو ڪجھ به نه ڄاڻان؟“

بصر پڇيو؛ ”تون ئي عقل ڪل، تون ئي حق سچ لکندڙ، پر مون کي ٻڌاءِ؛ تون پڙھئين صرف ڊاڪٽري، ڪئي صرف ڊاڪٽري، تو کي ڪيئن خبر پئي ته گهر ڪيئن ٺھندو، ھلندو ڪيئن؟ لکڻ ڀلي تو کي اچي، پر تو کي ڪيئن خبر پئي ته ڇپجي ڪيئن ٿو. ڪتاب ڇا آھي؟ ڊاڪٽريءَ جون ڳالھيون لکڻ ۽ ڪتاب ڇاپڻ به ڀلا تنھنجو ڪم!؟ پر تون تنھنجو لکيو ئي پڙھ، تو ڇا ڇا نه لکيو آھي؟ اھو سڀ ڪجھ تون ڄاڻين ٿو، تون درست، ٻيا جيڪي به آھن، تنھنجي نظر ۾ اھي سڀ يا ته ڄاڻن نه ٿا، يا ٿورو ڄاڻن ٿا...“

مينھن پنھنجي ڪاراڻ ياد ئي نه رکي، رڍ کي چوي ٻوٿ ڪاري. ڪڏھن پاڻ تي به سوچ، سدائين ٻين تي آڱريون کڻي، ڄاڻو ۽ ڏاھي ھجڻ جو جتائي، لفظن جون لٺيون ھڻندو وتين، ٻين جا گل به برداشت ڪري سگهندين يا...“

بصر شايد ڀوڪ جون ڳالھيون ٻُڌي ٻُڌي، پڙھي پڙھي، ماٺ کي ٽوڙيو، ته ٿورو چئي به گهڻو ڪجھ چئي ويو، پر ڄڻ ته مينھن مُٽيو پاڻيءَ ۾.

ڀوڪ چيو؛ ”مان نه مڃان، انھن ترن تيل نه ٿيو نه ٿيندو.

 

(مٺل جسڪاڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment