Wednesday, November 10, 2021

پشم گولا - غفار سومرو

پشم گولا

ڪهاڻي

غفار سومرو



گهر اهڙا ڳُتيل جو گهر، گهر سان گڏيل، ڀِتيون ڀتين سان مليل، ڇتون ڇتن سان گڏيل، اڱڻ هڪ جيترا، نه گهڻا ويڪرا نه سوڙھا، وچان ننڍڙي ڀِت، ننڍڙا ڪمرا هڪ ٻئي جي اڳيان، ونگ تي کليل ورانڊو پڪين سرن سان اوساريل. سياري ۾ سرد، اونهاري ۾ گرم، هوا هوندي به گرمي، گهُٽ، ٻوسٽ، ڏينهن ته جيئن تيئن گذري وڃي پر رات جو سڀ ڀاتي سوڙهي اڱڻ  تي پورا نه پون! تنهن ڪري ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون ڇوڪرا ڪاٺ جي ڏاڪڻ چڙھي ڇت تي وڃي هيٺ رليون وڇائي سُمهن! قطار در قطار هِن گهر جون ڇوڪريون هُن گهر جي ڇوڪرين سان، هِن گهر جا ڇوڪرا هُن گهر جي ڇوڪرن سان، ڇت تي هلڪي ڦُلڪي هوا يا کُليل فِضا ۽ قِصا، ڪهاڻيون، لطيفه ۽ درسي ڪتابن جا بيت ٻُڌندي ٻڌائيندي سڀني کي روز اُتي ننڊ کڻي وڃي.


تنهن وقت ڳوٺ ۾ نه بجلي نه بلب، نه ڪو پکا ۽ نه ئي وري اڄ ڪالھ جيان ڪي بئٽريون، نه شمسي پليٽون!

گهر جا وڏا ڀاتي هيٺ، هرڪو پنهنجي پنهنجي اڱڻ تي، کٽ کٽ سان مليل، هٿ واري پکي جي وڄ وڄان يا گهڻي گرمي ٿئي ته اڱڻ جي اولاهين ڪُنڊ ۾ لڳل  نلڪي هيٺان ويهي تازي ٿڌي پاڻي جي گيڙ گيڙان.........

پاڻي هاري لِڱ پُسائي، ٺاري وري اچي کٽ تي آهلجن، ڏکڻ ساريندي اڌ ننڊ اڌ جاڳ ۾ پاسا ورائيندي پوري رات گذري وڃي. صبح جو مرد ڪي مزدوري تي، ڪي پوکي راهي جي پويان، عورتون گهر جي ڪم ڪار، رڌ پچاءُ، ٿانءُ ٻُهاري، ڪپڙي لٽي جي ڌوءَ ڌپوءَ ۾ قابوءَ.

سانول ٻارهين درجي ۾ پڙھندڙ، عمر اهائي سورهن سترهن سال، جوڀن جي پهرين ڏاڪن تي پهريان قدم رکندڙ، هوشيار، ذهين، تعليم سان دلچسپي، ڪاليج کان پوءِ گهر جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندڙ، سوال سپي مڃڻ وارو، خاموش طبيعت، اڪيلائي پسند، گهٽ ڳالهائو، شرميلو ۽ لڄاڙُو پر سهڻو سيبتو ۽ سُريلو.

وڏيون اکيون، ڀريل ڳٽا، سانورو رنگ، گهاٽا ڪارا وار، قد پورو پنو، هاٺي ڪاٺي ۾ ڀريل بت سان، ٺاهوڪو جوان ٿي اُڀرندڙ.

سانول  ڇت تي سمهندڙ سڀني ٻارن کان وڏو، ٻنهي گهرن جي ٻارڙن جو خيال رکندڙ، سنڀار ڪندڙ، پيار ڪندڙ، سمورن ٻارن کي سٺيون سٺيون ڪتابي ڳالهيون، قصا ڪهاڻيون، بيت  ٻڌائيندڙ، ننڍا ٻار ڇوڪرا، ڇوڪريون ساڻس عزت ۽ پيار سان پيش ايندڙ چيو وٺندڙ، ادب ۽ احترام ڪندڙ.

هڪ ڏينهن سانول جيئن ئي ڪاليج کان موٽيو ته ڀر واري گهر ۾ خوب رونق ڏٺائين، عورتن مردن جو گڏيل آواز، کل ۽ ٽهڪار، ٻارن جو گوڙ، ڇوڪرين جون تيز تکيون مٺيون ڳالهيون، پُڇا ڪرڻ تي خبر لڳس ته پاڙي واري گهر ۾ سندن پري جا مائٽ آيل آھن.

شام جو عورتون، ڇوڪريون، ڇوڪرا سندن گهر به لڙي آيا.  چانھ پاڻي پيءَ حالي احوالي ٿي واپس مائٽن جي گهر وريا جيڪي سانول جا به ويجها مائٽ ها.

رات جي ماني ٽڪي کائي هنڌ بسترا وڇائجي ويا، عورتن مردن جي ڌار ڌار ڪچهريءَ جي ٻي ويهڪ شروع ٿي وئي.

هميشه جيان ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون ڇوڪرا ڪاٺ جي ڏاڪڻ چڙھي ڇت تي وڃي هيٺ رليون وڇائي سُتا، قطار در قطار، هِن گهر جون ڇوڪريون هُن گهر جي ڇوڪرين سان ۽ هِن گهر جا ڇوڪرا هُن گهر جي ڇوڪرن سان قصا، ڪهاڻيون، لطيفه، بيت بازي شروع......

مهمان ڇوڪرين مان هڪ وڏڙي ڇوڪريءَ ڊگهڙو قد، ڀريل بُت، ڀورو رنگ، خوبصورت پر ڪشش چهرو، ڳالهائڻ جي هوشيار ۽ چالاڪ، سنڌي اردو بيت، شعر، فلمي گانا ٻُڌائيندڙ، سڀ خاموشيءَ سان کيس ٻڌندا رهيا، جاڳندا رهيا پر سِگهو ڏکڻ جي هير گُهلي پئي، گرمي گهٽجڻ لڳي، لڱ ٺرڻ لڳا، سڀني جا نيڻ ننڊاکا ٿيڻ لڳا ته سڀني جي اکين ۾ ننڊ ڦيرا پائڻ لڳي.

اڳ ۾ صفا ننڍڙا ٻار، ان کان پوءِ کائن وڏا ڇوڪرا ڇوڪريون سُمهندا، ننڊ جي ڀاڪرن ۾ ويڙھبا ويا، سانوڻ به هڪڙو پاسو وٺي ٽڪ واري رلي تي پير ڊگھيري ڀرت ڀريل وهاڻي تي سر رکي آهلي پيو، جهٽ دير ۾ کيس ننڊ جهولو جهولائڻ لڳي.

چنڊ آهستي آھستي مٿي چڙھندو ڄڻ ڀت تان خوبصورت ناري جيان ليئا پائڻ لڳو، تارا ننڍڙن ٻارڙن ۽ ٻارڙين جيان هلڪا هلڪا ٽھڪڙا ڏيندا ڏند ٽيڙي کين ڏسندا رهيا. هيٺ اڱڻ تي به گاسليٽي بتيون بند ٿي ويون، هلڪي اونداهي ۽ ٻيو هر طرف خاموشي ڇانئجي وئي. تڏھن سانول محسوس ڪرڻ لڳو ڄڻ ڪا نرم، ملائم، ريشمي، بخملي ڪپھ کان ڪونري سوَڙ کيس ويڙهبي ٿي وڃي ۽ ڌرتيءَ تي پهرين وسڪاري جهڙي خوشبوءِ سندس ساهن سان وچڙندي ٿي وڃي.

سندس ساڄو هٿ ڪنهن ٻي جي هٿان زور سان وٺي ڇڪي ٻن پشم گولن جي گولائي تي ڦرندو هجي، ڀانيائين ڄڻ بوسڪي جي ڪپڙي تي هٿ ترڪندا هجنس! چپن، ڳلن تي ڳاڙھا، پيلا، نيلا پوپٽ لهندي، گهمندي محسوس ڪرڻ لڳو. عجيب سرور، مزو ۽ نشو چڙھڻ لڳس. جسم جي گرمائش وڌندي ٿي ويس، تڏھن اول سندس اکيون جاڳي پيون، پاسو ورائڻ جي ڪيائين ته مخروطي ٻانهن جو وڪڙ ڍرو ٿيندو ويو، هو اکيون مهٽي اٿي ويٺو، ڀروارو هٿ به سندس هٿ ڇڏي، پنهنجي قميص ڇڪي پيٽ تان ورائي پاسو ڦيري کيس پٺي ڏئي سمهي پيو.

سانول جي نراڙ تي پگهر ڦڙا اُڀرڻ لڳا، دل جو دهڪو وڌي ويس، فطري حياءَ شرم وچان ڳاڙھو ٿي ويو،  هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي وهاڻو رلي ويڙھي کڻي  وڃي ٻي ڪُنڊ ۾ چُپ چاپ سُتو ته ڏکڻ جي ٿڌڙي هير گُهلندي پگهر سُڪڻ لڳس ۽ دل جي رفتار معمول تي اچڻ لڳي ويس، جهٽ گهڙي بعد پوءِ کيس ننڊ پنهنجي آگوش ۾ کڻي ورتو ۽ ڄڻ لولي ڏيئي سمهاري ڇڏيو.

صبح سوير  جهرڪين جي چُون چُون تي سندس اک کلي وئي ته راتوڪو واقعو ذھن ۾ ڦيريون پائڻ لڳس، مٿان ويڙھيل سنهڙي سوٽي چادر هٽائي اٿي ويٺو، رات جو پهرين پهر  واري ستل جڳھ ڏانهن نهار کڻي ڏٺائين، چادر ۾  ويڙهيو سيڙهيو، ڪو وجود اڌ اونڌو کيس پٺي ڏيون ستو پيو هو. هو رلي وهاڻو ڇڏي ڏاڪڻ وسيلي هيٺ لهي آيو.

ناشتو پاڻي ڪري، ڪتاب کڻي ڪاليج هليو ويو، واپسي تائين پنهنجي ذهن ۾ ڪتڪتايون ۽ ھٿن ۾ نرم ملائم ريشمي پشم گولا ڦرندي محسوس ڪندو رهيو.

موڪل کان پوء گهر پهتو ته گهر ۾ خوب رونق ڏٺائين، پاڙي وارن جون مهمان عورتون ڪچهري ڪندي ۽ ٻار کيڏيندي ڪڏندي ڏسي هو پاسو وٺي ڀر واري ننڍڙي ڪمري ۾ گهڙي ويو، ڪمري جي ٻاهران ڀت جي ڇانءُ ۾ ڇوڪرين گُڏين راند ٿي ڪئي، هو اندر اچي ڪتاب سيراندي کان رکي چپل  لاهي آهلي پيو ته ڪنن تي ٻاهران کيڏندڙ ڇوڪرين جو آواز ڪنن سان ٽڪرائجڻ لڳس.

“ادي....! مان اوهان ڏي  هن سُگهڙ، سُهڻي گُڏيءَ لاءِ سِڪ سان مِٽي کڻي آئي آھيان!” سانول پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ جو آواز ٻُڌي مرڪي پيو.

“ادي! ڀلي ڪري آئين، جي ڪري آئين، پر اديءَ تون ڪنهن لاءِ سڱ گُهرين ٿي!” مهمان ڇوڪرين مان هڪڙي ڇوڪري جو آواز آيو.

“ادي! ٻيو ڪنهن لاءِ اينديس!؟ پنهنجي ننڍڙي سهڻي گُڏڙي لاءِ مِٽي کڻي آئي آھيان!” سانول جي ننڍڙي ڀيڻ جو آواز ڄڻ وڏيون گُڏيون پاڻ ۾ ڳالهائينديون هجن.

ٻي گُڏي مهمان ڇوڪريءَ جي روپ ۾ پڇيو، “اديءَ تنهنجو گُڏو ڇا ڪندو آهي؟.”

“اديءَ حالي ته پڙھي ٿو، نيٺ ڪامياب ٿيندو، نوڪري ملنديس، اوهان جي گُڏيءَ سکي ستابي ۽ آلي اولادي ٿيندي!” سانول جي ڀيڻ گُڏيءَ پاران چوڻ لڳي.

“ادي ناراض نه ٿجان، تنهنجي ان ننڍڙي سُهڻي گُڏي لاءِ اسان کي مِٽي قبول ڪونهي.”

“ڇو ادي!؟ ڪهڙي ڪمي آھي منهنجي گُڏي ۾؟؟” سانول جي ڀيڻ گُڏي پاران ناراض ٿيندي چيو.

“ادي......!، ڳالھ آھي صاف، اسان کي پنهنجي گُڏيءَ جي زندگيءَ برباد ڪونهي ڪرڻي!”

“پر ادي ٻُڌايو ته سهي منهنجي گُڏي ۾ عيب ڪهڙو آھي؟ پڙھيل ڳڙھيل، خوبصورت گُڏو ته آھي!”

مهمان ڇوڪرين مان سڀني کان وڏي، ڊگهي قد، ڀريل بُت، ڀوري رنگ، خوبصورت پُرڪشش چهري واري ڇوڪريءَ جي طنز ڀري آواز ۾ ڄڻ گهر جي وڏي گُڏيءَ ڳالهايو؛ “ها اديءَ تنهنجو گڏو پڙھيل ڳڙھيل خوبصورت ته آھي پر ادي.......... تنهنجو گڏو ته نامرد آھي!”

سانول جي نراڙ تي پگهر ڦڙا اُڀرڻ لڳا. دل جو دهڪو وڌي ويس. فطري حيا شرم وچان ڳاڙھو ٿيندو ويو. هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي، وهاڻي ۾ کڻي پنهنجو منهن لڪائي ورتائين!!!.

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment