Wednesday, November 10, 2021

ڳالهائيندڙ خاموشي - آغا گل - ننگر چنا

ڳالهائيندڙ خاموشي

(ڪھاڻي)

تخليق: آغا گل

سنڌيڪار: ننگر چنا



سانجهيءَ جا پاڇا شوڪڙوءَ جي پھاڙيءَ تي لھندا پئي آيا. ڪوشڪ نديءَ جو پاڻي رنگ مَٽائي رهيو هو. پري پري کنڊڙيل ڪچن گهرن ۾ رات جي سانجڻ جي تيارين جي ڪري فضا ۾ دونھون پکڙيل هيو. سانولَ ٻن ڳڀرن کي ڏٺو جيڪي کَلَيرَ ۽ آپڙوسَ جي ٻُوڙن مان نڪري آيا. اُهي دڳ وٺڻ جي بدران شمپشتي، شنگلي ۽ جُوئر جي شڪل جھڙن ٻُوڙن مان هلندا وڃي ڪوٺڙيءَ ۾ لڪيا، جتي چَڱن ڏينھن ۾ ڍڳن ڍورن لاءِ گاھ پَٺو رکيو ويندو هو. سانول ڪھاڙيءَ کي هٿن ۾ جهولايو ۽ ٻاهر نڪتو، “ ٻه ڌاڙيل آيا آهن، ٿوري هاها ته ڪيانِ!”



ڪوٺي چڱي گرم هئي. پَنبو رِلهيءَ مٿان ليٽيون، پيرن تي ڪمبل وجهيون، ڄنگهون ڊگهيريون پئي هئي. هُنَ به اُٿي خَتَ جو ڳَنُ کڻي ورتو. اهڙي مضبوط ڪاٺي جو ڳَنُ هُونءَ به بيلچن ۾ وڌو ويندو آهي. پر سانول ٻن چئن ڳَنَن کي چُنھُنبون ڪڍي گهوٻاٽا ٺاهي ڇڏيا هيا ۽ پاڻ وٽ هٿيار طور رکي ڇڏيا هيا. سندس زالَ ننڍپڻ کان ڪپھه جھڙي اَڇي هئي، جنھنڪري ماڻس کيس پيار وچان پَنبو ( ڪپھه) چوندي هيس ۽ اِهو نالو ايترو ته مشھور ٿيس جو ماڻهن کان سندس اصل نالو ڄڻ ته وسري ويو هو.

“هَلُ ته مان به ٿي هلانءِ، تون اڪيلو آهين.” پَنبوءَ خَتَ جو ڳَنُ هٿ ۾ ڪري ورتو. سانول کي اها ڳالهه چڱي نه لڳي، “ ڪُراڙي هجڻ جي معنيٰ اها ٿورئي آهي ته مان ٻن ڌاڙيلن سان نه وڙهي سگهندس. تون ڏسجانءِ ته ڪھڙي حالت ٿو ڪيانِ.” پَنبو خَتَ جو ڳَنُ کنيون، پريشانيءَ وچان منڊڪائيندي آڳر جي وچ تائين اچي پھتي. هُنَ کي گوڏَن جي سُور جو پُراڻو عارضو هو. سانولَ اُمالڪ لَتَ هڻي ڪوٺيءَ جو در کوليو ۽ ڪھاڙي اُڀي ڪري ورتي، “خبردار! جتي آهيو، اُتي پيا هجو ته ٽُڪَر ٽُڪَر نه ڪري ڇڏيانوَ.”

سامهون ٻه ڦَٽيل ڳڀرُو پُراڻي ترپالَ تي ليٽيا پيا هيا، جيڪي هِنَ اوچتي آفت تي گهٻرائجي اُٿي ويھي رهيا. انهن جا معصوم مکڙا ڏسي سانول جي دل ڀرجي آئي. اُهي سندس پُٽَ جي عمر جا هيا. اُنهن جي رَت هاڻَن ڪپڙن به سانول جي دل ۾ رحم جا جذبا اُٿلائي وڌا، پر سانول جو لھجو نه بدليو، “ڪير آهيو توهان؟ ٻڌايو؟؟”

هُنَن ٻنهين وٽ ڪلاشنون به هيون. هڪڙو ڳڀرُو جيڪو گهٽ ڦَٽيل هو، تَنھن وات کوليو، “ اسان يوني ورسٽيءَ جا شاگرد آهيون. منھنجو نالو قاسم آهي ۽ هي منھنجو سنگتي رحيم آهي. اسان موڪلن ۾ گهر وڃي رهيا هياسين ته کَڏَ ڪُوچا وٽ اسان کي پڇاڳاڇا جي بھاني لاٿو ويو. اسان جون اکيون ۽ هٿ ٻڌي ڪنھن اَڻ ڄاتل هنڌ وٺي وڃڻ لڳا. هُنَن ٽيپھريءَ مھل گاڏي روڪي ۽ نماز پڙهڻ لڳا. اسان سوچيو ته مرڻو ته هُونءَ به آهي، پوءِ مقابلو ڪندي ڇو نه مرون. اسان موقعي جو فائدو وٺي ڪنھن نموني پاڻ کي آجو ڪري ورتو ۽ ٻن سپاهين تي حملو ڪري ڏنوسين. اسان ڦَٽبا ۽ وڙهندا رهياسين پر همت نه هارِيسِين. هُنَن کان هٿيار کسياسين ۽ جيسيتائين هُنَن جا ساٿي نماز پڙهي واندا ٿين، اسان فَيرَ ڪندا قاشم جي گهاٽي جهنگ ۾ گهڙي گم ٿي وياسين. سيءُ وڌندو پئي ويو ۽ اسان طرف جي پرواهه ڪرڻ بنان هلندا رهياسين. هِي اُجڙيل باغ ڏسي اسان سوچيو ته گهر صفا خالي هوندو ... اُٿُ رحيم! اسان هلون ٿا.” قاسم ايترو چئي رحيم کي ٽيڪ ڏئي اُٿارڻ گهريو.

سانول مُنجهي پيو، “نه، بابا! نه. منھنجي پناھه ۾ آهيو، منھنجا مھمان آهيو. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي !؟”

رحيم ٿيڙَ کائيندي اُٿي بيٺو، “ ماما! اسان جي وهم گمان ۾ به نه هيو ته هِنَ ويران جڳھه تي به ڪو رهي ٿو، نه ته اسان توکي ڏچي ۾ نه وجهون ها. فوجي اسان جي ڳولا ۾ آهن. اسان جو هتان هليو وڃڻ ئي صحيح آهي. هيءَ هڪڙي ڪلاشن تون اسان جي پاران سوکڙي قبول ڪر ۽ پاڻ وٽ رک.”

سانول ڏند ڀڪُوڙيندي ڀَرجي آيَل ڳوڙها روڪيا، “ خبردار! اهڙي لَپاٽَ هڻندوسانءِ جو ڏند ڀڄي پَوَندَئي، ماڻهو کَنڊو چَوندَئي. هلو منھنجي ڪوٺيءَ ۾، هلو... سڀ کان اڳ ۾ ڪجهه کائو پيئو.”

پَنبو به ٿورو مَنڊڪائيندي اَچي پھتي، هُنَ ٻه هٿياربند پر ڦَٽيل ڳَڀرُو ڏٺا، جيڪي ڏاڍا باادب پئي لڳا. ڦَٽيل ڳَڀرُن کي ڏسي سندس ممتا به جاڳي پئي. سانوَل رحيم کي ٽيڪَ ڏئي پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيو ۽ اَچي هنڌ تي سمهاريائينسِ. خيري کي ڦاڙي پَٽيون ٺاهيائين ۽ هيڊَ جي لُپرِي هڻي ڦَٽَ ٻڌڻ لڳس. ڪوبه گهاءُ گهڻو گَھرو نه هو. پَنبوءَ اک ڇنڀ ۾ سليماني چانھه ٺاهي ورتي. . قاسم کي اَڃا به گهٽ گهاءَ رسيا هيا.سندس رڳو نراڙَ وارو ڦَٽُ ٻڌڻو پيو، باقي نه ته  تيل ۽ هيڊَ جي مَکَ مان ڪم هلي ويو. ڀَر واري ڪوٺيءَ ۾ خوب باھه ٻاري وئي، ڪوٺي ڪوسي ٿي وئي ته مھمانن کي اوڏانھن وٺي ويا. پَنبُوءَ ڪُڪَڙَ جو شورِوو رڌو ۽ اُنَ ۾ ماني وجهي ڪُٽِي ٺاهيائين، پوءِ چارئي ويھي کائڻ لڳا.

“واھ، ڇا ڳالهه ڪجي!” رحيم واکاڻ ڪئي، “ ڇا ته ٻوڙ رَڌو اَٿئي، مزو اَچي ويو. اهڙا کاڌا کارائيندينءَ ته اسان گهر مان نڪرنداسين به نه.”

پَنبو ٽِڙي پئي، “ڪُراڙي ٿي وئي آهيان ٻوڙَ پچائيندي، اهو هڪڙو ڪم ئي ته سکي آهيان.”

رحيم وٺي ٽَھڪ ڏنا، “ لڳي ٿو، تنھنجا اهڙا مزيدار کاڌا کائيندي کائيندي مامو تڏهن ته اهڙو سنهڙو ٿي ويو آهي.”

پَنبوءَ ويجهو پيلَ چمٽو کڻي ورتو، “هڻانءِ هڪڙو مٿي وارو.”

رحيم پنھنجو ڦَٽيل مٿو اڳتي ڪندي چيس، “تون به پنھنجو شوق پورو ڪر.”

پَنبو کين پنھنجا ڪُڪَڙ کارائيندِي، شوروا پياريندِي رهي. ڪجهه ڏينھن ۾ سندن حالت سُڌري وئي. فوجي ٻه ڀيرا هُنَن جي جاچ ۾ اچي چڪا هيا. اُنَ وقت ترت ئي کين لڪائي ڇڏيو ويو. هوري هوري انهن ڳڀرن کي سُڌَ پئي ته ماما اصل ۾ ڪُڪَڙَ  ۽ بيدا کپائيندو آهي ۽ اهوئي سندس گذرسفر آهي. ڏُڪر جي ڪري سندس کيت ۽ باغ اُجڙي چڪا آهن. کٽانَ جي بازار ۾ هڪڙي ٿَڙي تي ويھي ڌنڌو ڪندو آهي. هڪ ٻن ڪلاڪن ۾ مال کپائي گهرج جو سامان، کَنڊُ، پَتي، اَٽو وغيرھ وٺي، گهر موٽي ايندو آهي. بس مِڙئي رُکي سُکيءَ تي گذارو ڪندو آهي.

هڪ رات جڏهن بَتيءَ جو جهيڻو سوجهرو  لَمڪا هڻي رهيو هو ۽ مُولا، ڪرخ، قَنجڙ، پارڪوھ، مودلي، ماڙي ۽ ٽَريل جون ٿڌيون هوائون دَرَ ۽ دريون ڀَڃڻ ۾ رُڌل هيون، تڏهن هُنَن ٻنين مٿان اِهو راز کليو ته هنن (زال مڙس) جو پُٽُ به “پڇا ڳاڇا” جو بَکُ بڻجي چڪو آهي. پَنبوءَ لوھَ جي ڪَٽيل پيتيءَ مان پُٽَ جو فوٽو ڪڍيو. فوٽو ڏسي رحيم سَڄو ڏڪي ويو، پر هُنَ پنھنجو پاڻ سنڀالي ورتو ۽ فوٽو قاسم جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو. ٻاهر طوفان اڃا وڌيڪ تيز ٿي ويو.

پنبو پنھنجي ڌُنَ ۾ ڳائيندي پئي وئي، “ دل چوي ٿي نڪري پوان،جانون، ماکٽان، باجڪي، سوني ۽ کنڊ وڃي ووڙيان. کوڙي، گورو، تُوتَڪ ۽ زاوا جي گهٽين ۾ رُلان. پيرَ لِڦون ٿي وڃن ته به چَڪُو، پارڪو ۽ پشيڪ کي اُٿلايان پُٿلايان، پنھنجو پُٽُ ڳوليان. ‘پڇا ڳاڇا’ وارن کي چوان، ڇا پڇڻو اَٿَوَ جيڪو توهان هڪ سال ۾ نه پڇي سگهيا آهيو؟ مون کان ئي پڇو، ماءُ ته پنھنجي پُٽَ کان وڌيڪ ڄاڻي ٿي نه. هُو صفا توهان جھڙو آهي. بلڪل گُلَ جھڙو، ڄڻ ته ٽِڙندڙ گواڙَخُ (گُلِ لالا) “ پَنبو پنھنجي چادر سان پنھنجا ڳوڙها اگهڻ لڳي.

سانول ڳالهه مَٽائڻ گهري. هُو مڙس ماڻهو بڻيو، دل جو سُور دل ۾ رکيون ويٺو هو. هُنَ پنھنجن مھمانن کي پيڙا ڏيندڙ ۽ ڏکارو ڪري ڇڏيندڙ خبرن کان بچائڻ پئي گهريو.

“ڇھه مھينا کن ٿيندا، اسان جو ڪتو مري ويو، بگهيڙن سان وڙهندي، جيڪي اسان جون ڪُڪڙيون کائڻ آيا هيا. سوچيان ٿو ته ڪتو منھنجيون ڪڪڙيون بچائيندي مري ويو، مان انسان هوندي به پنھنجي پُٽَ کي بچائي نه سگهيس، جنھن کي انساني بگهيڙ کڻي ويا هيا. ڇا هُو ڪتو مون کان وڌيڪ سورهيه هو، جنھن پنھنجي جند گهوري ڇڏي.” ۽ پوءِ هُو اُمالڪ اٿيو ۽ ٿڌين هوائن ۾ ٻاهر نڪري ويو، ڇو ته سندس ڳوڙها گوريچ وانگر سندس اکين جا بند ڀڃڻ تي هيا. گوريچ، جنھن کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، جيڪا هربوئي جي جهنگن کي به ڦٿڪائي رکندي آهي. رحيم پَنبوءَ کي دلاسو ڏنو ته قاسم وري سانول کي تسلي ڏيڻ جي لاءِ ٻاهر نڪري ويو. کيرٿر جي چوٽين تي گوريچ جي ڌمالَ جاري هئي. نَٽ راج هاڻي رُدَر بڻجي چڪو هو. موت هو جو هوائن ۾ تَرندو پئي آيو.

“هُو اَچي ويندو، ماما! تون حوصلو ته ڪر.” قاسم پيار وچان سانول جي ڪُلهي تي هٿ رکيو. هُو موضوع مَٽائڻ لڳو، “ اِهو ڏهاڙي رات جو بتي ٻاري ڀت جي جاري ۾ ڪير ٿو رکي ؟”

ڏکاري سانول چيو، “اسان ئي رکندا آهيون ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو پُٽڙو اچي ۽ ويران باغ ڏسي اڳتي نه هليو وڃي ۽ اسان ته ڪيترن ئي مھينن کان نئون ڪتو به نه ڌاريو آهي جو متان اسان جي پُٽَ کي سُڃاڻي نه سگهي . هُنَ جي گهر جي موٽي اچڻ کان پوءِ ئي نئون ڪتو ڌارينداسين.”

قاسم ۽ رحيم هاڻي بلڪل تندرست ٿي چڪا هيا. هنن وڃڻ جي موڪل گهري ته سانول ٻاهر نڪري ويو. هُو گوريچ ۾ ڪنڌ جهڪايون، کَلير، ڦيروڪ ۽ آلونج جي ڀرسان وڃي ويھي رهيو، جتي سڀ ڪجهه مرجهائجي ڦِڪو ٿي چڪو هو . سُڪل باغ بلڪل وَنگو، شوڪڙو ۽ سيخڙو جھڙو ويران ۽ بيابان ڏيک ڏئي رهيو هو. اهو باغ پنن ۽ ميون کان وانجهيل ۽ سرءُ جو ماريل هو. هوڏانھن پنبو وڃي ڀت سان لڳي ۽ ڏک جي وڌي وڃڻ ڪري زبان بند ٿي ويس. هُنَ جي مُنھَن تي ڄڻ ته شوڪڙو لھي آيو هو. قاسم سانول کي دلاسو ڏنو ۽ رحيم پَنبوءَ کي تسلي ڏني پر ڪڪڙيون تڪڙيون ختم ٿينديون پئي ويون. خرچ آمدنيءَ کان وڌيڪ هيا. ان رفتار سان ته زال مڙس وٽ ڪجهه به نه بچي ها ۽ هُو بکون ڪڍڻ لڳن ها.

اهڙين حالتن ۾ قاسم دوست کي چيو ته هڪ ڏينھن ماٺ ۾ نڪري هلون، هنن جو پُٽُ به خبر ناهي ڪڏهن موٽي، موٽي به الائي نه. “تون هُنَ جو فوٽو ڏسي ڏَڪي ويو هئين، ڄڻ ته تون هُنَ جو واقف هجين. اُهو به ته يوني ورسٽيءَ ۾ هوندو هو نه.”

رحيم جا چَپَ ڪاراٽجي ويا . هُنَ جي زبان تي خرينگڙي جو زهر پکڙجي ويو. “مون هُنَ جو تشدد ٿيل لاش سوراب ويجهو ڏٺو هو. هُنَ جي کيسي مان هڪ پرچي ظاهر ٿي رهي هئي، جنھن تي لکيل هو، “ عيد جو تحفو.”

اوچتو سوسول جي پاسي کان گوريچ مٿن حملي ڪري ڏنو. قاسم کي پنھنجو پاڻ سنڀالڻ ۾ ڪافي وقت لڳو.

هُو منھَن تي مرڪ پکيڙيون ماني کائڻ لاءِ پَنبوءَ جي اڳيان ويٺو ته هُنَ جي مَنَ ۾ اڃا به ڏَڪڻي هئي، ڄڻ ته طوفاني هوا ۽ لوڙ جي گهيري ۾ آيل قاشم سرڙاٽَ ڪري لُڏي رهيا هجن، صدين کان، هزارن ورهين کان، لکين ورهين کان، يُگَ يُگَ کان !!

پَنبو چڱي موڊَ ۾ هئي، “بس، رڳو پُٽڙو گهر پُھچي، مان ته بيٺي پيرِ هُنَ جو پرڻو ڪرائينديس. ويچاري سندس مڱيندي به هن جو اوسيئڙو ڪري رهي آهي. ڇوڪريءَ وارن ته سڄي سَنبت به ڪري ڇڏي آهي.”

رحيم جي دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي پئي، “ اسان به بجاد (ڇَنو) ڏينداسين.” هُنَ ڏکايل ماءُ جي دل تي پَھو رکيو.

هُنَن ٽيپھريءَ جو سُڪل کوھَ جي پڳ تي ويھي اهو فيصلو ڪيو ته اها ڀل ڪيڏي به بداخلاقي ڇو نه هجي پر زال مڙس کان موڪلائڻ کان سواءِ ئي ماٺ ميٺ ۾ نڪري هليو وڃبو ۽ اهي ٻئي ڪلاشنون وڪرو ڪري، مليل ڏوڪڙ چپ چاپ ۾ رکي ڇڏبا ته جيئن سانول  ڪڪڙيون ۽ ٻيون شيون خريد ڪري گاڏو گيڙيندو رهي.

“ڇا ڪلاشنون وڪجي وينديون؟” رحيم ڳڻتيءَ وچان سوال ڪيو. قاسم لاپرواهيءَ وچان ڪنڌ کي لوڏو ڏنو، “ اسان وٽ ٻه شيون ئي ته وڪامي رهيون آهن، هٿيار ۽ ڪفن جو ڪپڙو. مان سڀاڻي ئي وڪڻيندس، هڪ ٻن جاين تي ڳالهه ڪري چڪو آهيان.”

هوڏانھن وٺڻ وارن مڙي جي مال واري حساب ۾ ورتيون، رڳو پنجاھه هزار ئي ڏنائون ٻنهين جا.

ان رات قاسم ۽ رحيم بنان ڪجهه ڳالهائڻ جي پنھنجين گودڙين ۾ جاڳندي، بتين کان پري اونداهين ۾ ڏسندا رهيا. هُو هڪ ٻئي کان ۽ پنھنجو پاڻ کان شرمسار هيا، پر کين وڃڻو ئي هيو. ڇو ته فوجي ڪنھن مھل به اچي کين گهيرو ڪري پئي سگهيا ۽ ڪراڙي زال مڙس کي به مھماني جي قيمت ڏيڻي پئجي سگهي پئي. ٻئي ڏينھن به اڳ وانگر سانول کٽان بازار جو دڳ ورتو ته هنن ماٺ ميٺ ۾ پنجاھ هزار هُنَ جي وهاڻي هيٺان رکي ڇڏيا.

“تنھنجي اجازت سان اسان وڃون پيا چَشمن ۽ بيابانن ڏانھن.”

“ جبلن ۾ ته هاڻي نه خَٽينگر آهن ۽ نه ئي ڪَنچير يا سِيسُو.” پَنبوءَ ڳڻتي ڏيکاري. هُوءَ وقتي جدائي کان ڊڄي رهي هئي.

“جيڪو ڌڻيءَ کي منظور.” ٻنهين دوستن هڪٻئي ڏي ڏٺو. پنبوءَ ڌيان نه ڏنو. هنن کي ماني ٻڌي ڏنائين ۽ منٿ ميڙ ڪري خَتَ جا ٻه گهوٻاٽا به کين ڏنائين، “ اهي مھل تي ڀالي جھڙو ڪم ڏيندَوَ، پنھنجي حفاظت لاءِ رکو. ۽ ٻي ڳالهه اها ته وَسندين جي ويجهو نه وڃجو.”

سوا نيزي تي بيٺل سج پنھنجي تَپش وڃائي چڪو هو. گوريچ سِجَ جي ڪوساڻ کسي ورتي هئي. هُو ٻئي جبل وٽ مانجهاندو ڪري اڳتي وڌيا. هُنن جو مُنھُن جبري ڏانھن هيو. رحيم جي ڄنگهه واري ڦَٽَ جي ڪري هُو هوريان هوريان هلي رهيا هيا. هُو ٻئي ماٺ هيا. حالتن کين حيران ڪري ڇڏيو هو ۽ جڏهن سج آخري هڏڪيون ڏيڻ لڳو تڏهن هنن کي احساس ٿيڻ لڳو ته ڪو سندن پيڇو ڪري رهيو آهي. ڪو جاسوس يا مخبر ٿي سگهي ٿو. ممڪن آهي ته مٿن ڪو انعام رکيو ويو هجي! هُو ٻئي ڇِپُن پويان لڪي ويا. هنن وٽ ڪو به هٿيار نه هو، جڏهن ته پويان ايندڙ پڪ سان هٿياربند هوندو. هُنن پيچري جي ساڄي کاٻي وارين ڇِپُن ۾ وڃي پوزيشن ورتي. پيڇو ڪندڙ به ڪو ماهر پيري هو. هُو پيرن جا نشان ڳوليندو، جونءَ پيرَ اڳتي وڌندو پئي آيو. سج لھڻ ۾ ڪجهه دير هئي نه ته هُو وڙهڻ کان سواءِ اوندهه جو فائدو وٺي جبري ڏي نڪري وڃن ها. هنن وٽ خَتَ جي گهوٻاٽن کان سواءِ ڪجهه نه هو. ايتري دير ۾ ڪارا ڪڪر سج کي گهيري ويا. اونداهي ڇانئجڻ لڳي. سُرمائي اوندهه ۾ هنن کي رڳو پيريءَ جو پاڇو پئي نظر آيو، جيڪو سندن مٿان اچي پھتو هو.

هُو ٻئي ڄڻا ٽپو ڏئي ٻاهر نڪتا. ان کان اڳ جو پيري فَيرُ ڪري ها، هنن پوري سگهه سان خَتَ جا گهوٻاٽا نيزن ڀالن وانگر پيريءَ کي اُڇلائي هنيا، جيڪي ترندا وڃي سندس ڇاتيءَ ۾ کپي ويا. پيري ڪنھن ڪَپيل ڏارَ جيئن ڪِريو ۽ بنان ڪو آواز ڪرڻ جي ڍيري ٿي ويو. هُو ٻئي وکون کڻندا هُنَ وٽ پھتا. اوچتو کنوڻ چمڪو ڪيو ته هڪڙي درد جي وِيرَ سندن دل کي ڪَپيندي هلي وئي. ڌرتيءَ تي ڍير ٿيل پنھنجي ئي رَتَ ۾ ٻڏل سانول پڇاڙڪا ساھه کڻي رهيو هو.

هُنَ هَٿَ اُڀا ڪيا ته نوٽَ ڦَڙڦَڙ ڪرڻ لڳا.

“توهان پنھنجا ڏوڪڙ وساري آيا هيا، مان امانت موٽائڻ ....”

سانول جو هَٿُ بي ساهو ٿي هيٺ ڪري پيو. پَڪڙَ ڍري ٿي ته گوريچ جهپڙ ڏئي نوٽن کي وکيري ڇڏيو ۽ انهن کي جبري ڏي اُڏائيندي هلي وئي.

 

(ننگر چنا جون لکتون فيسبڪ پيج تان ۳ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

 

(نوٽ: آغا گل اڙدو ڪھاڻيءَ جو هڪ منفرد حوالو آهي، سندس  فڪشن ۾ بلوچستان سندس پريم به آهي، مانُ به آهي ته جيون جا سڀئي رنگ به. مون سندس هڪ ناول “دشتِ وفا” جو ترجمو “وفا جو رڻ پَٽُ” جي نانءَ سان ڪيو هو، جيڪو “نئون نياپو پبلشرز ڪراچي” ڇپيو هو. سندس هڪ ڪھاڻي “پکي” ته خاص وٿ آهي، جيڪا مون شايد يارهن ورهيه اڳ ترجمو ڪئي هئي ۽ مون کان واحد ڪانڌڙي وٺي “خبرون” اخبار جي ادبي صفحي تي ڇاپي هئي. “پکي” ڪھاڻي “ستين آسمان جي فرشتن” تي لکيل آهي. سندس هيءَ ڪهاڻي “ڳالهائيندڙ خاموشي” به بلوچستان جي هلندڙ سياسي مزاحمتي هلچل جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. بلوچستان جي مامري ۾ آغا گل فڪشن لکندي سرڪار نامدار ۽ بلوچ عوام ٻنهي کي راضي ڪرڻ جا جتن ڪندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ، “ٻِن ترارن جاءِ، ناهي هڪ مياڻ ۾” کان به ڄاڻو آهي. “امرتا” جا ٿورا جنھن هن ترجمي کي جاءِ ڏني... )

No comments:

Post a Comment